YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 57

57
1راستباز تباهہ ٿو ٿئي، ۽ ڪنهن کي بہ اها ڳالهہ دل ۾ نٿي اچي؛ رحم وارا ماڻهو کڄيو وڃن، ۽ ڪنهن کي بہ اهو خيال نٿو اچي تہ راستباز ماڻهوءَ کي خرابيءَ جي ڪري پاسي ڪيو ٿو وڃي. 2هو سلامتيءَ ۾ داخل ٿو ٿئي؛ جيڪي بہ پنهنجي سچائيءَ تي هلن ٿا سي پنهنجن بسترن تي آرام ٿا ڪن.
3پر اوهين جي جادوگرن جا پٽ، ۽ زناڪار مرد، ۽ ڪسبياڻيءَ جو اولاد آهيو، سي ويجها اچو. 4اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين گناهہ جا ٻار، ۽ ڪوڙ جو نسل نہ آهيو ڇا؟ 5اوهين، جي شاهہ بلوطن وٽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ عيش عشرت ۾ گرم ٿا ٿيو؛ جي ماٿرين ۾، ۽ ٽڪرين جي ڦاٽن ۾ ٻار ٿا ڪهو؟ 6وادين جي لسن پهڻن ۾ تنهنجو حصو آهي؛ اُهي تنهنجي نصيب ۾ آهن: انهن ئي جي لاءِ تو پيئڻ واري قرباني اوتي آهي، ۽ نذرانو پيش ڪيو اٿيئي. انهن ڳالهين هوندي منهنجي ڪاوڙ ٿڌي ٿيندي ڇا؟ 7مٿانهين ۽ اُتانهين جبل تي تو پنهنجو هنڌ وڇايو آهي: قرباني چاڙهڻ لاءِ بہ تون اتي چڙهي وئين. 8تو پنهنجو يادگيريءَ جو نشان درن ۽ ٿنڀن جي پٺيان کوڙيو آهي: ڇالاءِ جو تون مون کي ڇڏي ٻئي جي اڳيان پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مٿي چڙهي ويئي آهين؛ تو پنهنجو بسترو پکيڙيو آهي، ۽ هنن سان عهد ڪيو اٿيئي؛ تو هنن جو بسترو جتي ڏٺو اتي پسند ڪيو اٿيئي. 9تون تيل مکي بادشاهہ وٽ وئينءَ، ۽ تو وڌيڪ سرهاڻيون مکي پنهنجي ايلچي پري پري موڪليا، ۽ پاڻ کي بي عزت ڪري پاتال تائين پهچايئي. 10تون پنهنجي پنڌ جي گهڻائيءَ ڪري ساڻي ٿي پيئينءَ؛ تڏهن بہ تو نہ چيو تہ انهي مان ڪابہ اُميد ڪانهي: تو پنهنجي خواهش وڌندي ڏٺي؛ تنهن ڪري ساڻي نہ ٿينءَ. 11تون ڪنهن کان ڊني آهين، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙ ٿي ڳالهائين، ۽ مون کي ياد نہ ڪيو اٿيئي، نڪي اها ڳالهہ دل تي آندي اٿيئي؟ آءٌ گهڻن ڏينهن کان ماٺ ڪندو نہ آيو آهيان ڇا، ۽ انهي ڪري تون مون کان نٿي ڊڄين ڇا؟ 12آءٌ تنهنجي راستبازي ظاهر ڪندس؛ پر تنهنجن ڪمن مان توکي ڪوبہ فائدو نہ رسندو. 13جڏهن دانهن ڪنديئن، تڏهن جيڪي تو گڏ ڪيا آهن، سي ڀلي توکي ڇڏائين؛ پر واءُ انهن کي کڻي ويندو: هڪڙي ڦوڪ انهن سڀني کي اُڏائي ڇڏيندي: پر جيڪو مون تي ڀروسو رکندو سو زمين جو مالڪ ٿيندو، ۽ منهنجي پاڪ جبل جو وارث ٿيندو. 14۽ ائين چيو ويندو، تہ مٿانهون ڪريو، مٿانهون ڪريو، رستو تيار ڪريو، منهنجي اُمت جي رستي تان ٿاٻي کائڻ جي شيءِ پاسي ڪري ڇڏيو.
15ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان. 16ڇالاءِ جو آءٌ هميشہ جهيڙو نہ ڪندس، نڪي آءٌ هميشہ ڪاوڙبس: نہ تہ روح ۽ جانيون جن کي مون پيدا ڪيو آهي سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي وينديون. 17هن جي لالچ جي برائيءَ جي ڪري مون کي ڪاوڙ آئي، ۽ مون هن کي ماريو، مون ڪاوڙجي پنهنجو منهن لڪايو: ۽ هو بيحيائي ڪري پنهنجي دلپسند رستي تي هلندو رهيو. 18مون هن جا رستا ڏٺا آهن، ۽ آءٌ هن کي چڱو ڀلو ڪندس: آءٌ هن جي رهبري ڪندس، ۽ هن کي ۽ هن جي غمخوارن کي موٽي تسلي ڏيندس. 19خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ چپن جو ڦل پيدا ڪندس: سلامتي، سلامتي انهي تي جو پري آهي، ۽ جو ويجهو آهي؛ آءٌ هن کي شفا ڏيندس. 20پر شرير ماڻهو طوفاني سمنڊ وانگي آهي؛ جنهن کي آرام ڪونهي، ۽ ان جو پاڻي گپ ۽ گند ٿو اُڇلائي. 21منهنجو خدا فرمائي ٿو تہ شريرن کي آرام ڪونهي.

Currently Selected:

يسعياہ 57: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in