YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 56

56
1خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو منهنجي نجات ويجهي آئي آهي، ۽ منهنجي راستبازي ظاهر ٿيڻ تي آهي. 2مبارڪ آهي اهو ماڻهو جو ائين ٿو ڪري، ۽ اهو بني آدم جو انهي کي مڃي ٿو. جو سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿو، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي برائيءَ کان پنهنجو هٿ روڪي ٿو. 3جيڪو پرديسي خداوند سان اچي گڏيو آهي، سو ائين نہ چوي تہ خداوند ضرور مون کي پنهنجي اُمت کان ڌار ڪندو: نڪي نامرد ائين چوي تہ ڏسو آءٌ تہ هڪڙو سڪل وڻ آهيان. 4ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نامرد منهنجن سبتن کي مڃين ٿا، ۽ منهنجي مرضيءَ کي پسند ٿا ڪن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن: 5تن کي آءٌ پنهنجي گهر ۾، ۽ پنهنجي ڀتين جي اندر اهڙي يادگار ۽ اهڙو نالو ڏيندس جو پٽن ۽ ڌيئرن کان بہ بهتر آهي؛ آءٌ انهن کي هميشہ جٽاءُ ڪندڙ نالو ڏيندس جو تباهہ ڪين ٿيندو. 6۽ اهي پرديسي جي خداوند سان گڏجن ٿا، انهي لاءِ تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي کي پيار ڪن، ۽ سندس بندا ٿين، اهي سڀيئي جي سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿا رهن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن؛ 7تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو. 8خداوند خدا، جو اسرائيل جي نيڪالي ڏنلن کي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ جيڪي هن جي اُمت جا اڳيئي گڏ ٿيل آهن، تن کان سواءِ ٻين کي بہ آءٌ آڻي انهن سان گڏ ڪندس،
9اي جهنگ جا سڀ جانورو، ۽ ٻيلي جا سڀ حيوانو، اوهين اچي کائو. 10هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي. 11هائو، اهي هٻڇي ڪتا آهن، جي ڪڏهن بہ ڍاپن نٿا؛ هي اُهي ڌنار آهن، جن کي ڪابہ سمجهہ ڪانهي: اُهي سڀيئي هر ڪنهن طرفان پنهنجي فائدي جي لاءِ پنهنجي رستي تي موٽي آيا آهن. 12اهي چون ٿا تہ اوهين اچو، آءٌ شراب کڻي ٿو اچان، ۽ اسين خوب پي مست ٿينداسين، ۽ سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگي ٿيندو، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ وڏو ڏينهن ٿيندو.

Currently Selected:

يسعياہ 56: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in