يسعياہ 55
55
1اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو. 2جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي. 3اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس. 4ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي. 5ڏس، تون انهيءَ قوم کي سڏيندين جنهن کي تون نٿو سڃاڻين، ۽ اها قوم جا توکي نٿي سڃاڻي سا تو وٽ ڊوڙندي ايندي، اهو خداوند تنهنجي خدا، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهي توکي جلال بخشيو آهي. 6جيسين خداوند لڀي سگهي تيسين انهي کي ڳوليو؛ جيسين هو ويجهو آهي تيسين انهي کي سڏيو: 7شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو. 8خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجا خيال اوهان جا خيال نہ آهن، نڪي اوهان جا رستا منهنجا رستا آهن. 9جيئن آسمان زمين کان مٿي آهي، تيئن منهنجا رستا اوهان جي رستن کان، ۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان مٿي آهن. 10ڇالاءِ تہ جيئن آسمان مان مينهن وسي ٿو ۽ برف پوي ٿي، ۽ اُهي اوڏانهن موٽي نٿا وڃن، پر زمين کي ريج ٿا ڏين، تہ انهيءَ مان ڪجهہ اُڀري، ۽ ڪليون ڄمن، ۽ پوکڻ واري کي ٻج، ۽ کائڻ واري کي ماني ملي؛ 11تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. 12ڇالاءِ جو اوهين خوشيءَ سان ٻاهر نڪرندا، ۽ سلامتيءَ سان اوهان کي وٺي ويندا: جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان ڳائڻ لڳنديون، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ تاڙيون وڄائيندا. 13ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.
Currently Selected:
يسعياہ 55: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.