ڇالاءِ تہ جيئن آسمان مان مينهن وسي ٿو ۽ برف پوي ٿي، ۽ اُهي اوڏانهن موٽي نٿا وڃن، پر زمين کي ريج ٿا ڏين، تہ انهيءَ مان ڪجهہ اُڀري، ۽ ڪليون ڄمن، ۽ پوکڻ واري کي ٻج، ۽ کائڻ واري کي ماني ملي؛ تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.