يسعياہ 54
54
1اي سنڍ، تون جنهن کي ٻار نٿي ٿيو، سا ڳاءِ؛ تون جنهن ويم جا سور نہ سٺا آهن، سا وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گهڻو آهي 2پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ڪر، ۽ پنهنجي جاءِ جي پردن کي پکيڙ؛ ڍرائي نہ ڪر؛ پنهنجون طنابون ڊگهيون ڪر، ۽ پنهنجا ڪِلا مضبوط ڪر. 3ڇالاءِ جو تون ساڄي پاسي ۽ کٻي پاسي پکڙبينءَ؛ ۽ تنهنجو نسل قومن تي قبضو ڪندو ۽ ويران شهرن کي آباد ڪندو. 4ڊپ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو تون شرمندي نہ ٿيندينءَ: پريشان نہ ٿي؛ ڇو جو تون بدنام نہ ٿيندينءَ، تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي ڏهاڳ جو مهڻو وري ياد نہ ڪندينءَ. 5ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو. 6ڇالاءِ جو خداوند توکي ائين سڏيو آهي جو ڄڻ تہ تون ڇڏي ڏنل ۽ دل جي ڏکي هئين، جنهن کي جواني ۾ ڪڍي ڇڏيو هجيس؛ تنهنجو خدا فرمائي ٿو، تہ 7مون توکي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو آهي؛ پر گهڻيءَ ٻاجهہ سان آءٌ توکي گڏ ڪندس. 8خداوند تنهنجو ڇڏائيندڙ فرمائي ٿو، تہ تمام گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ مون هڪ لحظي واسطي پنهنجو منهن تو کان لڪايو؛ پر هميشہ واري مهربانيءَ سان آءٌ توتي رحم ڪندس، 9ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ اهو نوح جي طوفان وانگي آهي: جهڙيءَ طرح مون قسم کنيو آهي تہ نوح جي طوفان وارو پاڻي وري زمين جي مٿان اُٿلي نہ پوندو، تهڙيءَ طرح مون هي بہ قسم کنيو آهي تہ آءٌ وري توتي نہ ڪاوڙبس، ۽ نڪي توکي ملامت ڪندس. 10ڇالاءِ جو خداوند جنهن جو رحم توتي آهي، سو فرمائي ٿو تہ جبل هليا وڃن، ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن؛ پر منهنجي مهرباني تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجو سلامتيءَ وارو عهد ٽري ويندو.
11اي ڏکويل تون جا طوفان جي ستايل ۽ بنا تسليءَ جي آهين سا ڏس، آءٌ تنهنجا پهڻ سهڻن رنگن ۾ جڙيندس، ۽ تنهنجي بنياد ۾ نيلم رکندس. 12آءٌ تنهنجا منارا لعلن جا، ۽ تنهنجا دروازا ياقوت جا، ۽ تنهنجون سڀ ديوارون عمدن پٿرن ۽ جواهرن جون جوڙيندس. 13۽ تنهنجن سڀني ٻارن کي خداوند جي تعليم ڏني ويندي، ۽ تنهنجي ٻارن کي گهڻي سلامتي ملندي. 14تون راستبازيءَ ۾ قائم ڪئي ويندينءَ: تون ظلم کان پري رهندينءَ ڇالاءِ جو تون ڊپ نہ ڪندينءَ؛ تون خوف کان پري رهندينءَ، ڇالاءِ جو اهو توکي ويجهو نہ ايندو. 15ڏس، اهي گڏ ٿيندا، پر مُنهنجي طرفان نہ: جيڪي بہ تنهنجي برخلاف گڏ ٿيندا سي تنهنجي ئي سببان ڪري پوندا. 16ڏس، مون لوهار خلقيو آهي جو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ پنهنجي ڪم لاءِ هڪڙو اوزار ٺاهي ٿو؛ ۽ مون برباد ڪرڻ لاءِ هڪڙو برباد ڪرڻ وارو بہ پيدا ڪيو آهي. 17جيڪو بہ هٿيار تنهنجي برخلاف جڙندو سو ڪامياب نہ ٿيندو؛ ۽ جيڪا زبان عدالت ۾ تنهنجي برخلاف اُٿندي تنهن کي تون ڏوهاري ٺهرائيندينءَ. خداوند فرمائي ٿو تہ اها خداوند جي بندن جي ميراث آهي، ۽ انهن جي راستبازي مون کان آهي.
Currently Selected:
يسعياہ 54: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.