YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 53

53
1جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟ 2ڇالاءِ جو هو انهي جي سامهون نازڪ ٻوٽي وانگي ۽ سڪيءَ زمين مان نڪتل پاڙ وانگي اُڀريو: هن کي نڪا صورت آهي، نڪا سونهن؛ ۽ جڏهن اسين هن کي ڏسون ٿا تڏهن منجهس ڪا خوبصورتي ڪانهي جنهن ڪري اسين هن جا مشتاق ٿيون. 3هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو. 4يقين، هن اسان جا ڏک سٺا آهن، ۽ اسان جا غم کنيا اٿس: انهي هوندي بہ اسان هن کي خدا جو ماريل ڪٽيل ۽ ستايل سمجهيو، 5پر هو اسان جي گناهن جي ڪري ڦٽيو ويو، ۽ اسانجين خطائن جي ڪري چٿيو ويو: اسان جي سلامتي لاءِ هن تي سزا آئي؛ هن جي مار کائڻ ڪري اسان شفا حاصل ڪئي. 6اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.
7هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو. 8ظلم ڪري ۽ فتويٰ ڏيئي هن کي وٺي ويا؛ پر هن جي زماني جي ماڻهن مان ڪنهن اهڙو خيال ڪيو تہ منهنجي اُمت جي گناهن ڪري هن تي مار پيئي، ۽ هو جيئرن جي زمين مان وڍيو ويو؟ 9جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ هن جي وات ۾ ڪابہ ٺڳي نہ هئي، تہ بہ هنن ان جي قبر شريرن سان مقرر ڪئي، ۽ مرڻ کان پوءِ هو دولتمندن سان گڏ ٿيو.
10انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي. 11هو پنهنجي جان جي ڏکن جو ڦل ڏسي راضي ٿيندو: منهنجو راستباز بندو پنهنجي علم جي ڪري گهڻن کي سچار ٺهرائيندو: هو انهن جون خطائون کڻندو. 12تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.

Currently Selected:

يسعياہ 53: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in