ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان. ڇالاءِ جو آءٌ هميشہ جهيڙو نہ ڪندس، نڪي آءٌ هميشہ ڪاوڙبس: نہ تہ روح ۽ جانيون جن کي مون پيدا ڪيو آهي سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي وينديون.