خروج 9
9
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃي، هن کي چئُہ تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. 2ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون ناڪار ڪري هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين، ۽ اڃا بہ کين روڪيندين، 3تہ ڏس تنهنجو چوپايو مال، جيڪو جهنگ ۾ آهي، يعني تنهنجا گهوڙا، گڏهہ، اُٺ، ڍور ۽ ڌڻ، تن تي خداوند جو هٿ پوندو ۽ انهن ۾ ڏاڍي سخت بيماري پوندي. 4۽ خداوند، بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندو، ۽ بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو. 5۽ خداوند هڪڙو وقت مقرر ڪيو ۽ چيائين تہ سڀاڻي خداوند هن ملڪ ۾ ائين ڪندو. 6۽ ٻئي ڏينهن صبح جو خداوند ائين ئي ڪيو، يعني مصرين جو سڀ چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو. 7تڏهن فرعون پڇا ڪرائي ۽ ڏسو، بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو هو. پر تڏهن بہ فرعون جي دل سخت ٿي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.
8پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ کوري جي رک مان مٺيون ڀري کڻو، ۽ موسيٰ اها فرعون جي روبرو آسمان ڏانهن اُڇلائي؛ 9تہ اها سنهي مٽي ٿي مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ ماڻهن توڙي جانورن تي ڦرڙيون ٿي پونديون، جن مان ڦوڦينڊا نڪرندا. 10تڏهن هنن کوري جي رک کنئي، ۽ فرعون جي اڳيان وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ اُها آسمان ڏانهن اُڇلائي تہ اُها ماڻهن توڙي جانورن تي ڦوڦينڊن واريون ڦرڙيون ٿي پيئي. 11۽ جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو ڦرڙيون انهن جادوگرن تي ۽ سڀني مصرين تي نڪتيون هيون. 12پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ کي فرمايو هو.
13پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ، ۽ چوينس تہ خداوند، عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ، منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. 14ڇالاءِ جو هن ڀيري آءٌ پنهنجون سڀ آفتون تنهنجيءَ دل تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي، ۽ تنهنجيءَ رعيت تي موڪليندس، تہ توکي خبر پوي تہ ساريءَ زمين تي مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 15ڇالاءِ جو هيستائين جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري توکي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماريان ها، تہ تون زمين تان ميٽجي وڃين ها. 16پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي. 17تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجيءَ اُمت کان مٿي ٿو سمجهين ڇا، جو هنن کي وڃڻ نٿو ڏين؟ 18ڏس، سڀاڻي هن مهل ڌاري آءٌ تمام سخت ڳڙا وسائيندس جن جهڙا مصر ۾ سندس شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا. 19تنهنڪري هاڻي جلدي ڪري پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو جيڪي جهنگ ۾ هجيئي، سو گهرائي وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو ۽ جانور جهنگ ۾ هوندو ۽ گهر ۾ نہ آڻبو، تنهن تي ڳڙا اچي ڪڙڪندا ۽ اهي سڀ مري ويندا. 20سو فرعون جي نوڪرن مان جنهن کي خدا جي ڪلام جو ڊپ هو، سو پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو چوپايو مال ڀڄائي گهر وٺي آيو. 21پر جنهن خدا جي ڪلام تي ڌيان ڪونہ ڏنو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو مال جهنگ ۾ ڇڏي ڏنو.
22پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن ڊگهير تہ مصر جي ساري ملڪ تي يعني ماڻهن تي، جانورن تي، ٻنيءَ جي سڀ ڪنهن آباديءَ تي، ۽ جيڪي بہ مصر جي ساري ملڪ ۾ آهي، تنهن تي ڳڙا پون. 23تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن ڊگهيري ۽ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا، ۽ زمين تي باهہ وسڻ لڳي؛ ۽ خداوند مصر جي ملڪ تي ڳڙا وسايا. 24انهيءَ طرح ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، ۽ ڳڙن سان گڏ باهہ بہ هئي؛ اهڙا ڳڙا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي، ساري ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا. 25مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ جهنگ ۾ هو، ماڻهو توڙي جانور، تن سڀني کي ڳڙن ماري وڌو، ۽ ڳڙن جي ڪري ٻنيءَ جي سڀ آبادي برباد ٿي ويئي، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڀڄي پيا. 26رڳو جشن جي زمين ۾، جتي بني اسرائيل هئا، اتي ڳڙو ڪونہ پيو.
27تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ چيائين تہ هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي؛ خداوند راستباز آهي، ۽ آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو گنهگار آهيون. 28اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو. 29تڏهن موسيٰ چيس تہ آءٌ شهر مان ٻاهر نڪرڻ شرط پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس، ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويندا، تہ توکي خبر پوي تہ زمين خداوند جي آهي. 30باقي تنهنجي ۽ تنهنجن نوڪرن جي مون کي خبر آهي، تہ اڃا بہ اوهان کي خداوند جو خوف ڪونہ آهي.
31(۽ ڳڙن جي ڪري سڻيءَ ۽ جوَن جو فصل مارجي ويو، ڇالاءِ تہ جوَن سنگ ڪيا هئا ۽ سڻيءَ ٻج جهليو هو. 32پر ڪڻڪ ۽ مڱ مارجي ڪين ويا، ڇالاءِ جو اهي اڃا وڌيا ئي ڪين هئا.) 33پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين؛ ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويا، ۽ مينهن بہ زمين تي وسڻ کان جهلجي ويو. 34۽ جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن ۽ ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن اڳي کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪرڻ لڳو، ۽ پاڻ توڙي سندس نوڪرن پنهنجي دل سخت ڪئي. 35سو فرعون جي دل سخت ٿي ويئي، ۽ بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين؛ جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو.
Currently Selected:
خروج 9: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.