YouVersion Logo
Search Icon

خروج 8

8
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. 2۽ جيڪڏهن تون هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ملڪ جي سڀني سرحدن تي ڏيڏرن جي آفت آڻيندس. 3۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛ 4۽ ڏيڏر توتي، تنهنجن ماڻهن تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي بہ ڪاهي ايندا. 5پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجو هٿ لٺ سوڌو، ندين تي، نهرن تي، ۽ تلائن تي ڊگهير تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن. 6تڏهن هارون پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهيريو، تہ ڏيڏر ڪاهي آيا، ۽ مصر جو سارو ملڪ ڀري ڇڏيائون. 7۽ جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو، ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر آندائون.
8تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين. 9تڏهن موسيٰ فرعون کي چيو تہ ڀلي تون مون تي اهو فخر ڪر، ڪهڙي وقت لاءِ آءٌ تنهنجيءَ رعيت جي واسطي دعا گهران، تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گهرن تان دفع ٿين، ۽ رڳو ندين ۾ وڃي رهن؟ 10هن چيو تہ سڀاڻي لاءِ. تڏهن موسيٰ چيو تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن ئي ٿيندو؛ ڀلي تہ توکي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 11ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گهرن مان، تنهنجن نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان هليا ويندا، رڳو درياهہ ۾ وڃي بچندا. 12پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا، ۽ جيڪي ڏيڏر خداوند فرعون تي موڪليا هئا، تن بابت موسيٰ کانئس دعا گهري. 13تڏهن خداوند، موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو؛ ۽ جيڪي ڏيڏر گهرن ۾، اڱڻن ۾ ۽ ٻنين ۾ هئا، سي سڀ مري ويا. 14۽ ماڻهن اهي ميڙي کڻي ڍير ڪيا: ۽ ملڪ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي. 15پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.
16پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجي لٺ ڊگهي ڪري زمين جي مٽيءَ تي هڻي، تہ مصر جي ساري ملڪ ۾ جُوئون ٿي پون. 17۽ هنن ائين ئي ڪيو؛ هارون لٺ سميت پنهنجو هٿ ڊگهيريو ۽ اها زمين جي مٽيءَ تي هنيائين، تہ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون پئجي ويون؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ زمين جي مٽي جُوئون ٿي پيئي. 18جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان جُوئون آڻڻ لاءِ ائين ئي ڪيو، پر آڻي نہ سگهيا، ۽ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون رهجي ويون. 19تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ هن ۾ خدا جو هٿ آهي: پر فرعون جي دل سخت ٿي وئي ۽ انهن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.
20پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. 21جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ آءٌ تو تي، تنهنجن نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي، ۽ تنهنجن گهرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس؛ پوءِ مصرين جا گهر، ۽ جنهن زمين تي اُهي رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي. 22پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي زمين، جتي منهنجي اُمت ٿي رهي، سا ڌار ڪندس، تہ اتي مکين جا ميڙ نہ ٿين؛ انهيءَ لاءِ تہ توکي خبر پوي تہ دنيا ۾ آءٌ ئي خداوند آهيان. 23۽ آءٌ پنهنجي اُمت ۽ تنهنجي اُمت جي وچ ۾ تفاوت رکندس: سڀاڻي اُها نشاني ظاهر ٿيندي. 24سو خداوند ائين ئي ڪيو ۽ فرعون جي گهر ۾، ۽ سندس نوڪرن جي گهرن ۾، ۽ ساري مصر جي ملڪ ۾، مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ ڏاڍو هلاک ٿيو.
25تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين وڃي هن ئي ملڪ ۾ پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو. 26پر موسيٰ چيو تہ ائين ڪرڻ مناسب نہ آهي؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اُها قرباني چاڙهينداسين، جنهن کان مصرين کي ڪراهت ٿي اچي. سو، جيڪڏهن اسين مصرين جي اکين اڳيان اها قرباني چاڙهينداسين، جنهن کان هنن کي ڪراهت ٿي اچي، تہ پوءِ هو اسان کي سنگسار نہ ڪندا ڇا؟ 27اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وينداسين ۽ اتي، جيئن خداوند اسان جو خدا اسان کي حڪم ڏيندو، تيئن سندس لاءِ قرباني چاڙهينداسين. 28تڏهن فرعون چيو تہ آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو: پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گهرجو. 29تڏهن موسيٰ چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽان وڃان ٿو ۽ خداوند کي عرض ڪندس تہ سڀاڻي اهي مکين جا ميڙ فرعون وٽان، ۽ سندس نوڪرن وٽان، ۽ سندس رعيت وٽان هليا وڃن. پر ائين نہ ٿئي تہ فرعون وري دغا ڪري ۽ هنن ماڻهن کي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ واسطي وڃڻ جي موڪل نہ ڏئي. 30پوءِ موسيٰ فرعون وٽان هليو ويو ۽ وڃي خداوند کان دعا گهريائين. 31۽ خداوند موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو؛ ۽ هن فرعون وٽان، ۽ سندس نوڪرن وٽان، ۽ سندس رعيت وٽان، مکين جا ميڙ دفع ڪيا؛ ۽ هڪڙي بہ مک ڪانہ بچي. 32پر هن ڀيري بہ فرعون پنهنجي دل سخت ڪئي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.

Currently Selected:

خروج 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in