خروج 7
7
1پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، مون توکي فرعون جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ڪيو آهي؛ ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون تنهنجو نبي ٿيندو. 2جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو سو تون ٻڌائج، ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون فرعون کي چوندو تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ ڏي. 3۽ آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس، ۽ پنهنجا معجزا، ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس. 4پر فرعون اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگهيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي، پنهنجن لشڪرن، يعني بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس. 5جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. 6پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. 7جڏهن هنن فرعون سان گفتگو ڪئي، تڏهن موسيٰ اسي ورهين جو هو، ۽ هارون ٽياسي ورهين جو هو.
8۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ 9جڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ اوهين ڪا نشاني ڏيکاريو، تڏهن تون هارون کي چئج تہ پنهنجي لٺ کڻي فرعون جي اڳيان اُڇلائي، تہ اها نانگ ٿي پوندي. 10پوءِ موسيٰ ۽ هارون، فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون، جيئن خدا کين حڪم ڏنو هو، يعني هارون پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اُڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي. 11تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛ 12ڇالاءِ جو انهن مان هرهڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ اُڇلائي، ۽ اُهي نانگ ٿي پيون: پر هارون جي لٺ انهن جي لٺين کي ڳڙڪائي ويئي. 13پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.
14پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون جي دل سخت ٿي آهي ۽ هو انهن کي وڃڻ نٿو ڏئي. 15هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج. 16۽ تون هن کي چئج تہ خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ چيو اٿس تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن، ۽ ڏس، هيستائين تو منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي. 17پر هاڻي خداوند چوي ٿو تہ هن مان توکي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: ڏس، هيءَ لٺ، جا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياهہ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو. 18۽ درياهہ ۾ جيڪي بہ مڇيون آهن، سي سڀ مري وينديون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پوندي؛ ۽ مصرين کي درياهہ جي پاڻي پيئڻ کان ڪراهت ايندي. 19پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئو تہ پنهنجي لٺ کڻي، پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهير، يعني انهن جي ندين تي، انهن جي نهرن تي، انهن جي تلائن تي ۽ انهن جي سڀني حوضن تي، انهيءَ لاءِ تہ اُهي رت ٿي پون؛ پوءِ مصر جي ساري ملڪ ۾ ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ رت ئي رت ٿي پوندو. 20تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هون؛ هن لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياهہ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياهہ جو سڀ پاڻي بدلجي رت ٿي پيو. 21۽ درياهہ ۾ جيڪي مڇيون هيون، سي سڀ مري ويون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي، ۽ مصري درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو. 22تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو: ۽ فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو. 23پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي پرواهہ نہ ڪيائين. 24۽ سڀني مصرين درياهہ جي آس پاس، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کڏون کوٽيون؛ ڇالاءِ جو هو درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا. 25هاڻي خداوند درياهہ ۾ آفت آندي، تنهن کي ست ڏينهن گذري ويا.
Currently Selected:
خروج 7: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.