ڏس، سڀاڻي هن مهل ڌاري آءٌ تمام سخت ڳڙا وسائيندس جن جهڙا مصر ۾ سندس شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا. تنهنڪري هاڻي جلدي ڪري پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو جيڪي جهنگ ۾ هجيئي، سو گهرائي وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو ۽ جانور جهنگ ۾ هوندو ۽ گهر ۾ نہ آڻبو، تنهن تي ڳڙا اچي ڪڙڪندا ۽ اهي سڀ مري ويندا.