پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃ؛ ڇالاءِ جو مون هن جي دل کي، ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان؛ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.