YouVersion Logo
Search Icon

خروج 10

10
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃ؛ ڇالاءِ جو مون هن جي دل کي، ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان؛ 2تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.
3پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. 4پر جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ ڏس، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ مڪڙ موڪليندس، 5۽ اهي زمين جي سطح اهڙي ڀري ڇڏيندا، جو ڪوبہ ماڻهو زمين ڏسي ڪين سگهندو؛ ۽ ڳڙن جي آفت کان جيڪي باقي بچيو آهي، سو اهي کائي ويندا، ۽ جيڪي بہ وڻ جهنگ ۾ اوهان جي لاءِ اُڀرن ٿا، سي سڀ کائي چٽ ڪري ڇڏيندا: 6۽ تنهنجا گهر، ۽ تنهنجن سڀني نوڪرن جا گهر، ۽ سڀني مصرين جا گهر، انهن سان ڀرجي ويندا؛ اهڙا جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ انهن جي پيدا ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڏٺا هوندا. پوءِ هو ڦري فرعون وٽان هليو ويو.
7تڏهن فرعون جي نوڪرن کيس چيو تہ ڪيستائين اسين هن شخص جي ڦندي ۾ پيا ڦاسنداسين؟ انهن ماڻهن کي کڻي ڇڏ تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن؛ توکي اڃا اها خبر ڪانهي ڇا، تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟ 8تنهن تي موسيٰ ۽ هارون کي وري فرعون وٽ وٺي آيا؛ ۽ هن کين چيو تہ وڃو، وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو، پر ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ويندا؟ 9تڏهن موسيٰ چيو تہ اسين پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجن ڍورن ۽ ڌڻن سوڌا وينداسين، ڇالاءِ جو اسين ضرور خداوند جي لاءِ عيد ڪنداسين. 10تڏهن هن کين چيو تہ خداوند اوهان سان هجي، جيڪڏهن آءٌ اوهانجن ٻارن ٻچن سوڌو اوهان کي وڃڻ ڏيان تہ ڏسو، اوهان جي نيت خراب آهي: 11سو ائين نہ ٿيندو: هاڻي اوهين جي مرد ماڻهو آهيو، سي ڀلي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇالاءِ جو اوهان جي بہ اها ئي مرضي آهي. پوءِ هنن کي فرعون جي حضور مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.
12پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهير، تہ مصر جي ملڪ تي مڪڙ اچن، ۽ زمين تي جيڪو وڻ ٻوٽو ڳڙن کان بچيو آهي سو کائي وڃن. 13تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر جي ملڪ جي مٿان ڊگهيري، ۽ اهو سارو ڏينهن ۽ ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳو؛ ۽ جڏهن صبح ٿيو تڏهن انهيءَ اڀرندي جي واءُ ۾ مڪڙ آيا. 14۽ مڪڙ ساري مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويا، ۽ مڪڙ مصر جي سڀني پاسن ۾ ويهي ويا، ۽ اهي ايترا بيشمار هئا جو انهن جهڙا مڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آيا، نڪي پوءِ ايندا. 15ڇالاءِ جو انهن زمين جي سطح کي ڀري ڇڏيو، جنهنڪري زمين ڪاري ٿي ويئي، ۽ انهن زمين جا سڀ وڻ، ٻوٽا، ۽ وڻ جو ميوو، جو ڳڙن کان بچيو هو، سو کائي ڇڏيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ سائو وڻ يا ٻوٽو ڪونہ رهيو. 16تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ کين چيائين تہ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو، ۽ اوهان جو گنهگار آهيان. 17تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ رڳو هن ڀيري منهنجو گناهہ معاف ڪريو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرو تہ هي موت مون کان هٽائي. 18تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو، ۽ خداوند کان دعا گهريائين. 19۽ خداوند الهندي جو واءُ آندو، جنهن مڪڙن کي ڌڪي کڻي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ ڪونہ رهيو. 20پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏني.
21پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ٿئي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن. 22۽ موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ برابر ٽي ڏينهن گهاٽي اوندهہ ٿي ويئي. 23ٽن ڏينهن تائين ماڻهن هڪ ٻئي کي نٿي ڏٺو، نڪي منجهائن ڪوبہ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو: پر سڀني اسرائيل جي گهرن ۾ سوجهرو هو. 24تڏهن فرعون موسيٰ کي گهرائي چيو تہ اوهين وڃو، وڃي پنهنجي خداوند جي عبادت ڪريو، رڳو پنهنجا ڍور ۽ ڌڻ ڇڏي وڃو. اوهان جا ٻار ٻچا بہ ڀلي اوهان سان وڃن. 25پر موسيٰ چيس تہ توکي گهرجي تہ تون قربانيون ۽ سوختنيون اسان جي حوالي ڪرين، تہ اهي اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون. 26اسان جو چوپايو مال بہ ضرور اسان سان هلندو؛ هڪڙو کر بہ پٺتي نہ رهندو؛ ڇالاءِ جو انهن مان اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين؛ ۽ جيسين اسين اتي نہ وڃون، تيسين خبر ڪانہ اٿئون تہ ڪهڙا خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا. 27پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن هنن کي وڃڻ نہ ڏنو. 28پوءِ فرعون هن کي چيو تہ مون وٽان نڪري وڃ؛ خبردار متان وري منهنجو منهن ڏسين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون منهنجو منهن ڏسندين، تنهن ڏينهن ماريو ويندين. 29تڏهن هن چيو تہ تو چڱي ڳالهہ ڪئي آهي، آءٌ وري تنهنجو منهن ڪين ڏسندس.

Currently Selected:

خروج 10: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in