خروج 18
18
1موسيٰ جي سهري يترو، جو مديان جو ڪاهن هو، تنهن جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ لاءِ، ۽ پنهنجي اُمت اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي، ۽ ڪيئن خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو: 2تڏهن موسيٰ جي سهري يترو، موسيٰ جي زال صفورہ کي پاڻ سان وٺي، جنهن کي موسيٰ اڳيئي موڪلي ڏنو هو، 3۽ سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ وٺي، جن مان هڪڙي جو نالو هن جيرسوم رکيو هو (ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان): 4۽ ٻئي جو نالو اليعزر رکيو هئائين (ڇالاءِ جو هن چيو تہ منهنجي پيءُ جو خدا منهنجو مددگار آهي، ۽ انهي مون کي فرعون جي ترار کان ڇڏايو آهي): 5موسيٰ جو سهرو يترو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي انهي بيابان ۾ موسيٰ وٽ آيو، جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪري لٿو پيو هو. 6۽ ڪنهن موسيٰ کي چيو تہ ڏس تنهنجو سهرو تنهنجيءَ زال ۽ تنهنجن پٽن سميت تو وٽ آيو آهي. 7تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جهڪي نياز سان هن کي چميائين، ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي خير عافيت پڇي. پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا. 8۽ موسيٰ سارو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند اسرائيل جي خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون، ۽ ڪيئن خدا کين بچايو. 9۽ جيڪي ڀلايون خداوند، اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو، تن لاءِ يترو ڏاڍو خوش ٿيو. 10۽ يتروءَ چيو تہ خداوند مبارڪ آهي، جنهن اوهان کي مصرين جي ۽ فرعون جي هٿان ڇڏايو. 11هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو. 12پوءِ موسيٰ جي سهري يترو، خدا جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني ۽ ڪي ٻيون قربانيون آنديون، ۽ هارون ۽ اسرائيل جا سڀيئي بزرگ، خداوند جي حضور ۾، موسيٰ جي سهري سان گڏ ماني کائڻ آيا.
13ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ، موسيٰ ماڻهن جي عدالت ڪرڻ ويٺو، ۽ ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين موسيٰ جي اڳيان بيٺا هئا. 14۽ موسيٰ جيڪي ماڻهن سان ڪيو، سو جڏهن سندس سهري ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳو تہ تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇو تون پاڻ اڪيلو ويٺو آهين، ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين تنهنجي اڳيان بيٺا آهن؟ 15تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري کي چيو تہ، ڇالاءِ جو ماڻهو خدا کان صلاح وٺڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن. 16تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جهيڙو ٿو ٿئي، تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن، ۽ آءٌ انهن ٻنهي جي عدالت ٿو ڪريان، ۽ کين خدا جي قاعدن ۽ سندس شريعت مان واقف ٿو ڪريان. 17تڏهن موسيٰ جي سهري چيس تہ هي تون چڱو ڪم نٿو ڪرين. 18ائين تہ تون ۽ هي ماڻهو، جيڪي تو سان آهن، سي سڀ ضرور ٿڪجي پوندا؛ ڇالاءِ جو هي ڪم تنهنجي لاءِ تمام ڳورو آهي، تون اڪيلو اهو ڪري ڪين سگهندين. 19هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ توکي صلاح ٿو ڏيان ۽ شل خدا تو ساڻ هجي: تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن مهڙ ڪر، ۽ سڀ عرض احوال خدا جي اڳيان پيش ڪر. 20تون هنن کي قانون ۽ شريعت سيکار، ۽ جنهن رستي تي کين هلڻ گهرجي، ۽ جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجين، سو سيکارين. 21انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر. 22پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا رهن: ۽ هيئن ٿيڻ گهرجي تہ سڀ ڪو وڏو مقدمو هو تو وٽ آڻين، ۽ سڀ ڪو ننڍو مقدمو هو پاڻ هلائين: انهيءَ طرح تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي، ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا. 23جڏهن تون ائين ڪندين، ۽ خدا بہ توکي اهو حڪم ڏيندو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح ڪم هلائي سگهندين، ۽ هي سڀ ماڻهو بہ سلامتيءَ سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هليا ويندا. 24سو موسيٰ پنهنجي سهري جي ڳالهہ مڃي ۽ جيئن هن چيس، تيئن ئي ڪيائين. 25۽ موسيٰ ساري اسرائيل مان قابل ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪيائين، ڪي هزارن جا حاڪم ڪيائين، ڪي سوَن جا، ڪي پنجاهن جا، ۽ ڪي ڏهن جا. 26اهي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا هئا؛ مشڪل مقدما اهي موسيٰ وٽ آڻيندا هئا، ۽ ننڍا مقدما پاڻ هلائيندا هئا. 27پوءِ موسيٰ پنهنجي سهري کي موڪل ڏني ۽ هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.
Currently Selected:
خروج 18: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.