خروج 19
19
1جنهن ڏينهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان نڪتي ٽي مهينا پورا ٿيا، تنهن ساڳئي ڏينهن هو سينا جي بيابان ۾ آيا. 2هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا، ۽ بيابان ۾ لهي پيا؛ ۽ اسرائيل اُتي، جبل جي سامهون، منزل ڪئي. 3پوءِ موسيٰ مٿي چڙهي خدا وٽ ويو، ۽ خداوند کيس جبل تي سڏي چيو تہ تون يعقوب جي خاندان کي هيئن چئُہ، ۽ بني اسرائيل کي ٻڌاءِ؛ 4تہ اوهان ڏٺو آهي تہ مون مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڄڻ تہ اوهان کي عقاب جي کنڀن تي کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم. 5تنهنڪري هاڻي پڪ سمجهو تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو مڃيندا، ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين ٻين سڀني قومن منجهان منهنجي لاءِ هڪڙو خاص خزانو ٿيندا: ڇالاءِ جو ساري زمين منهنجي آهي: 6۽ اوهين منهنجي لاءِ هڪڙي ڪاهنن جي بادشاهت، ۽ هڪڙي پاڪ قوم ٿيندا. اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ. 7تڏهن موسيٰ موٽي اچي ماڻهن جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون هيس، سي سڀ هنن کي بيان ڪري ٻڌايائين. 8تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني ۽ چيائون تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين؛ ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند تائين پهچايو. 9۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گهاٽي ڪڪر ۾ ٿو اچان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن آءٌ تو سان ڳالهايان، تڏهن ماڻهو اهو ٻڌن، ۽ هميشہ تو تي اعتبار ڪندا رهن. ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند کي ٻڌايو. 10پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي اڄ ۽ سڀاڻي انهن کي مخصوص ڪر، ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن، 11۽ ٽئين ڏينهن جي لاءِ تيار رهن، ڇالاءِ جو ٽئين ڏينهن خداوند سڀني ماڻهن جي ڏسندي سينا جبل تي لهندو. 12۽ تون ماڻهن جي لاءِ چوڌاري حدون مقرر ڪري انهن کي چئُہ تہ خبردار رهو، ڪوبہ ماڻهو جبل تي نہ چڙهي، نڪي انهيءَ جي ڪناري کي ڇهي: جيڪو بہ جبل کي هٿ لائيندو، سو ضرور ماريو ويندو: 13جيڪو بہ هن کي هٿ لائيندو، سو ضرور سنگسار ڪيو ويندو يا تيرن سان ماريو ويندو؛ اهو حيوان هوندو توڙي انسان، پر جيئرو رهي ڪين سگهندو: جڏهن گهڻيءَ دير تائين تريءَ جو آواز ٿيندو رهي، تڏهن هو جبل وٽ اچن. 14پوءِ موسيٰ جبل تان لهي ماڻهن وٽ آيو، ۽ ماڻهن کي مخصوص ڪيائين، ۽ هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا. 15۽ هن ماڻهن کي چيو تہ ٽئين ڏينهن لاءِ تيار ٿيو: ڪوبہ زال کي ويجهو نہ وڃي.
16۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا. 17۽ موسيٰ ماڻهن کي خدا سان گڏجڻ لاءِ منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي آيو، ۽ اهي جبل جي هيٺ اچي بيٺا. 18۽ سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇالاءِ جو خداوند باهہ جي صورت ۾ انهيءَ تي لٿو؛ ۽ انهيءَ جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو، ۽ سارو جبل ڌڏڻ لڳو. 19جڏهن تريءَ جو آواز درجي بدرجي وڌندو ويو، تڏهن موسيٰ ڳالهايو، ۽ خداوند کيس هڪڙي آواز سان جواب ڏنو. 20۽ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي نازل ٿيو؛ ۽ خداوند موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيو، ۽ موسيٰ مٿي چڙهي ويو. 21تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هيٺ لهي وڃي ماڻهن کي تاڪيد ڪر تہ حدون اورانگهي ڏسڻ جي لاءِ خداوند وٽ نہ اچن، متان منجهانئن گهڻا مري وڃن. 22۽ ڪاهن بہ، جيڪي خداوند جي حضور ۾ اچن، سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو خداوند مٿن ڪڙڪي پوي. 23تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ماڻهو جبل تي چڙهي نٿا سگهن، ڇالاءِ تہ تو اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جبل جي آس پاس حدون ٻڌي ڇڏيو، ۽ انهيءَ کي پاڪ رکو. 24تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ؛ پر ڪاهن ۽ ٻيا ماڻهو حدون ڀڃي خداوند وٽ مٿي نہ اچن، متان هو مٿن ڪڙڪي پوي. 25سو موسيٰ هيٺ لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ کين اهي ڳالهيون ٻڌايائين.
Currently Selected:
خروج 19: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.