YouVersion Logo
Search Icon

خروج 20

20
1پوءِ خداوند هي سڀ ڳالهيون فرمايون، ۽ چيائين تہ 2آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.
3مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.
4تون پنهنجي لاءِ ڪابہ اُڪريل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙ، جا مٿي آسمان ۾، يا هيٺ زمين تي، يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي: 5تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛ 6پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن اُنهن هزارن تي رحم ڪندو آهيان.
7تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.
8تون سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.
9ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪر: 10پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي، انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر: نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نڪي تنهنجو ڍور، ۽ نہ تنهنجو مسافر جو تنهنجي در جي اندر هجي؛ 11ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو سڀڪي، جو انهن ۾ آهي، سو جوڙيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيائين؛ انهيءَ ڪري خداوند سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين.
12تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.
13تون خون نہ ڪر.
14تون زنا نہ ڪر.
15تون چوري نہ ڪر.
16تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.
17تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر جي لالچ نہ ڪر؛ تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڍڳي، يا سندس گڏهہ جي لالچ نہ ڪر؛ مطلب تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن بہ شيءِ جي لالچ نہ ڪر.
18پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ، بجلي، تريءَ جو آواز، ۽ جبل جو دونهون ڏٺو، تڏهن ڏڪي ويا؛ ۽ پري وڃي بيٺا. 19۽ هنن موسيٰ کي چيو تہ تون اسان سان ڳالهاءِ تہ اسين ٻڌون؛ پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون. 20پر موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو خدا اوهان جي آزمائش وٺڻ آيو آهي، تہ هن جو خوف اوهان جي سامهون رهي، ۽ اوهين گناهہ نہ ڪريو. 21تڏهن ماڻهو پري وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گهاٽيءَ اوندهہ جي ويجهو ويو جنهن ۾ خدا هو.
22پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهان پاڻ ڏٺو آهي تہ مون آسمان مان اوهان سان ڳالهايو آهي. 23اوهين مون سان گڏ ٻين معبودن کي نہ مڃو، نڪي پنهنجي لاءِ چانديءَ يا سون جا معبود جوڙيو. 24تون منهنجي لاءِ هڪڙي مٽيءَ جي قربانگاهہ جوڙج؛ ۽ انهيءَ تي پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، يعني پنهنجون رڍون ۽ ڏاند انهيءَ تي قربان ڪج؛ ۽ جتي جتي آءٌ پنهنجو نالو قائم ڪندس، اتي آءٌ تو وٽ ايندس، ۽ توکي برڪت ڏيندس. 25۽ جيڪڏهن تون منهنجي لاءِ پهڻ جي قربانگاهہ جوڙين، تہ گهڙيل پهڻن جي نہ جوڙج: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهيءَ تي پنهنجو اوزار هلائيندين تہ انهي کي ناپاڪ ڪندين. 26نڪي تون ڏاڪڻ تي چڙهي انهيءَ تي وڃج، متان تنهنجي اوگهڙ انهيءَ تان ظاهر ٿئي.

Currently Selected:

خروج 20: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in