YouVersion Logo
Search Icon

خروج 21

21
1هاڻي جيڪي قانون تون انهن کي ٻڌائيندين سي هي آهن. 2جيڪڏهن تون ڪو عبراني غلام خريد ڪندين تہ اهو ڇهہ سال غلامي ڪندو، ۽ ستين سال مفت آزاد ڪيو ويندو. 3جيڪڏهن اهو اڪيلو آيو هوندو تہ وري اڪيلو ئي ويندو: پر جي هو پرڻيل هوندو تہ سندس زال بہ ساڻس گڏ ويندي. 4جيڪڏهن انهيءَ جو مالڪ کيس شادي ڪرائيندو، ۽ انهيءَ مان پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون هونديس؛ تہ زال ۽ سندس ٻار هن جي مالڪ جا آهن، ۽ هو پاڻ اڪيلو هليو ويندو. 5پر جيڪڏهن اهو غلام صاف طرح چوندو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ، ۽ پنهنجيءَ زال، ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ٿو ڪريان؛ ۽ آءٌ آزاد ٿيڻ نٿو گهران: 6تہ هن جو مالڪ کيس خدا جي حضور ۾ وٺي ايندو، ۽ کيس در تي يا در جي چانئٺ تي آڻيندو؛ ۽ سندس مالڪ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو؛ پوءِ هو هميشہ جي لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.
7۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي ٻانهي ڪري وڪڻندو، تہ هوءَ غلامن وانگي آزاد نہ ٿيندي. 8جيڪڏهن هن جي مالڪ ساڻس مڱڻي ڪئي هجي، ۽ اها کيس نہ وڻي، تہ پوءِ هو انهيءَ کي وڪڻي ڇڏي؛ پر هن کي اهو اختيار ڪونهي تہ کيس ڌارين ماڻهن ۾ وڪڻي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي. 9پر جيڪڏهن هن انهيءَ جي مڱڻي پنهنجي پٽ سان ڪئي هجي، تہ پوءِ هو ساڻس ڌيئرن وانگيان هلت ڪري. 10جيڪڏهن هو ٻي زال آڻي، تہ هو انهيءَ جي خوراڪ، پوشاڪ، ۽ شاديءَ جي حق ۾ ڪابہ گهٽتائي نہ ڪري. 11پر جيڪڏهن هو اهي ٽيئي حق پورا نہ ڪري، تہ پوءِ هوءَ ڀلي مفت، يعني پئسن ڏيڻ کان سواءِ آزاد ٿئي.
12جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ اُهو ضرور ماريو وڃي. 13پر جيڪڏهن ڪو مارڻ جي ارادي سان وجهہ وٺي نہ ويٺو هجي پر خدا اهو ماڻهو اوچتو سندس هٿن ۾ آڻي وڌو هجي، تہ پوءِ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس جتي هو ڀڄي وڃي. 14جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٺڳيءَ سان مارڻ لاءِ مٿس ڪاهي اچي، تہ تون انهي کي منهنجيءَ قربانگاهہ وٽان وٺي وڃج، تہ ماريو وڃي.
15جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ کي ماري، سو ضرور ماريو وڃي.
16جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي چورائي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.
17جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.
18جيڪڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ جهيڙو ڪن، ۽ هڪڙو ٻئي کي پهڻ يا ٺونشو هڻي، ۽ هو مري نہ پر بستري داخل ٿئي: 19۽ جيڪڏهن اهو وري اُٿي، ۽ پنهنجيءَ لٺ تي ٻاهر نڪري، تہ جنهن ڌڪ هنيو هجي تنهن کي ڇڏي ڏجي: فقط هن جي ڪم ڪار ۾ جيڪو نقصان ٿيو هجي سو ڀري ڏئي، ۽ انهي کي پوريءَ طرح چڱو ڀلو ڪرائي.
20جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي لٺ سان ماري ۽ هو سندس هٿان مري پوي، تہ انهيءَ کي ضرور سزا ملڻ گهرجي. 21پر جي انهي کان پوءِ بہ هو ڏينهن ٻہ جيئرو هجي، تہ هن کي سزا نہ ملڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو اهو سندس ملڪيت آهي.
22جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ ڪنهن حاملہ کي ايذاءُ رسائين، جنهن ڪري انهيءَ جو ٻار ڪري پوي، مگر ٻيو ڪو نقصان نہ ٿئيس، تہ انهي ماڻهوءَ تي ضرور ايترو ڏنڊ پوڻ گهرجي، جيترو انهيءَ زال جو مڙس مٿس رکي؛ ۽ هو قاضين جي ٺهرائڻ موجب اهو ڀري ڏئي. 23پر جيڪڏهن انهي مان ڪو ٻيو نقصان رسي، تہ انهي جو عيوضو هن ريت ٿئي، يعني ساهہ جي عيوض ساهہ، 24اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ، پير جي عيوض پير، 25ساڙڻ جي عيوض ساڙڻ، زخم جي عيوض زخم، ۽ ڌڪ جي عيوض ڌڪ.
26جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي انهي جي اک ڪڍي وجهي، تہ هو پنهنجي اک بچائڻ لاءِ انهي کي آزاد ڪري ڇڏي. 27۽ جيڪڏهن پنهنجي غلام يا پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي انهي جو ڏند ڀڃي وجهي، تہ هو پنهنجو ڏند بچائڻ لاءِ انهي کي آزاد ڪري ڇڏي.
28جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن مرد يا زال کي سڱ هڻي ماري وجهي، تہ اهو ڏاند ضرور سنگسار ڪيو وڃي، ۽ انهي جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ پر ڏاند جو مالڪ بيگناهہ آهي. 29پر جيڪڏهن انهي ڏاند کي اڳي سڱن هڻڻ جي عادت هجي، ۽ سندس مالڪ کي انهي جي خبر هوندي بہ هن کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي، ۽ پوءِ جي اهو ڪنهن مرد يا زال کي ماري وجهي، تہ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي، ۽ انهي جو مالڪ بہ ماريو وڃي. 30جيڪڏهن هن تي خون جو عيوضو رکڻ ۾ اچي، تہ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جيڪي مٿس رکيو وڃي سو هو ڀري ڏئي. 31يا جيڪڏهن ڏاند ڪنهن ماڻهوءَ جي پٽ يا ڌيءَ کي ماريو هجي، تڏهن بہ هن حڪم موجب ساڻس هلت ڪئي وڃي. 32جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن غلام يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي تہ هو انهي جي مالڪ کي چانديءَ جا ٽيهہ مشڪال ڀري ڏئي، ۽ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي.
33جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا کڏ کوٽي ۽ انهي کي ڍڪي نہ ڇڏي، ۽ ڪو ڏاند يا ڪو گڏهہ انهيءَ ۾ ڪري پوي، 34تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ انهي جو نقصان ڀري ڏئي؛ هو انهي جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي، ۽ مئل جانور سندس ٿيندو.
35جيڪڏهن هڪڙي ماڻهو جو ڏاند ٻئي جي ڏاند کي اهڙو نقصان رسائي جو هو مري پوي، تہ هو اهو جيئرو ڏاند وڪڻن ۽ اُنهي جو ملهہ پاڻ ۾ ورهائي کڻن؛ ۽ مئل ڏاند بہ ورهائي کڻن. 36يا جي اها خبر هجي تہ انهي ڏاند کي اڳي بہ سڱن هڻڻ جي عادت هئي، ۽ انهي جي مالڪ کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي، تہ پوءِ ضرور هو ڏاند جو ڏاند ڀري ڏئي، ۽ مئل ڏاند سندس ٿيندو.

Currently Selected:

خروج 21: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in