YouVersion Logo
Search Icon

خروج 22

22
1جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي، ۽ انهي کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند، ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي. 2جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي کاٽ هڻندو ڏسي ماري، ۽ هو ڌڪ لڳڻ ڪري مري پوي، تہ انهي جي لاءِ مٿس خون جو ڏوهہ نہ رکيو وڃي؛ 3پر جي سج اُڀرڻ کان پوءِ هن کي ماري وجهي، تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي: چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي، پر جي وٽس ڪي بہ نہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گهرجي. 4جيڪڏهن چوريءَ جو مال وٽانئس جيئرو نڪري، تہ پوءِ اهو ڏاند هجي، يا گڏهہ هجي، يا رڍ هجي؛ تہ هو ٻيڻو ڀري ڏئي.
5جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جانور کي ڪا ٻني يا ڊاک جو منهہ کارائي، يا پنهنجو ڪو ڍور ٻئي ماڻهوءَ جي ٻنيءَ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏي، تہ خود پنهنجي تمام ڀليءَ ٻنيءَ مان، يا پنهنجي عمدي ڊاک جي منهہ مان عيوضو ڀري ڏئي.
6جيڪڏهن باهہ لڳي ۽ اها ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي وٺي، جنهنڪري اَن جا انبار، يا اَن جي بيٺل پوک، يا ٻني سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.
7جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي نقد پيسا يا ڪا جنس رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر مان چورائجي وڃن، تہ جي چور هٿ اچي تہ هو انهي کان ٻيڻو ڀري ڏئي. 8پر جي چور هٿ نہ اچي تہ پوءِ گهر جو مالڪ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿئي، ۽ ثابت ڪري تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي. 9ڇالاءِ جو هر ڪنهن قسم جي ڪپت، ڇا ڍڳي جي، ڇا گڏهہ جي، ڇا رڍ جي، ڇا ڪپڙن جي، ڇا ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جي، جنهن جي بابت ڪو چوي تہ هيءَ منهنجي آهي، تنهنجي لاءِ ٻنهي ڄڻن جي دعويٰ خدا جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي؛ ۽ جنهن کي خدا ڏوهاري ٺهرائيندو سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو ڀري ڏيندو.
10جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو، يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهو مري پوي، يا انهي کي ڪو ايذاءُ رسي، يا ڪيڏانهن هڪاليو وڃي، ۽ ڪوبہ انهي کي نہ ڏسي؛ 11تہ انهن ٻنهي جي وچ ۾ خداوند جي قسم سان فيصلو ٿئي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي؛ ۽ انهي جو مالڪ اهو قسم قبول ڪندو، ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو. 12پر جي هو هن وٽان چورائجي ويو هوندو، تہ پوءِ هو انهي جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو. 13جيڪڏهن اهو ڪنهن جانور ڦاڙي ڇڏيو هوندو، تہ اهو شاهديءَ جي لاءِ کڻي آڻي حاضر ڪري؛ پوءِ جيڪي ڦاڙيو ويو هوندو تنهن جي لاءِ عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.
14جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪابہ شيءِ اُڌاري وٺندو، ۽ انهي جي مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ انهي کي ڪو ايذاءُ رسندو، يا اها مري ويندي، تہ هو ضرور انهي جو عيوضو ڀري ڏيندو. 15پر جيڪڏهن انهي جو مالڪ ساڻس گڏ هوندو، تہ پوءِ هن کي عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. جيڪڏهن اها ڀاڙي تي آندل هجي تہ انهي جو نقصان انهي جي ڀاڙي ۾ اچي ويو.
16جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪنواريءَ زال کي، جنهن جي مڱڻي ٿيل نہ هجي، ڌتاري وڃي ساڻس سمهي، تہ ضرور انهي جي لاءِ ڏاج ڏئي، تہ اها سندس زال ٿئي. 17پر جي انهيءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين زالن جي ڏاج جيترا پئسا ڏئي.
18تون ڪنهن جادوگر زال کي جيئرو متان ڇڏين.
19جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي.
20جيڪو هڪڙي خدا کان سواءِ ٻئي جي لاءِ قرباني ڪري، سو اصل تباهہ ڪيو وڃي. 21تون ڪنهن مسافر کي نہ ستائج، نڪي انهي تي ڪو ظلم ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا. 22اوهين ڪنهن بيوہ يا يتيم کي نہ ڏکوئجو. 23جيڪڏهن تون انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندين ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ ضرور هنن جي پڪار ٻڌندس؛ 24۽ منهنجي ڪاوڙ وڌندي، ۽ آءٌ اوهان کي ترار سان ماريندس، ۽ اوهان جون زالون ۽ ٻار يتيم ٿيندا.
25منهنجي قوم مان جيڪو تو وٽ غريب آهي تنهن کي جيڪڏهن تون ڪي پئسا اُڌارا ڏين، تہ قرض خواہ وانگر انهي کان ڇڪ نہ ڪج، نڪي مٿس وياج رکج. 26جيڪڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جا ڪپڙا گروي رکين تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ موٽائي ڏج: 27ڇالاءِ جو اها ئي فقط هن جي پوشاڪ آهي، ۽ اهو ئي هن جي بدن جو ڍڪ آهي، پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ ۽ جڏهن هو مون کي پڪاريندو، تڏهن آءٌ هن جي پڪار ٻڌندس؛ ڇوتہ آءٌ مهربان آهيان.
28تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج. 29تون پنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيدائش ۽ ميون جي رس مان نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪج. تون پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏج. 30تون پنهنجن ڏاندن ۽ پنهنجين رڍن سان بہ ائين ئي ڪج: ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي؛ ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏج. 31اوهين منهنجا پاڪ ماڻهو آهيو: تنهنڪري اوهين جهنگ جي جانورن جو ڦاڙيل گوشت متان کائو: پر اهو ڪتن کي اُڇلائي ڏجو.

Currently Selected:

خروج 22: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in