YouVersion Logo
Search Icon

خروج 23

23
1تون ڪوڙي خبر نہ پکيڙج: ڪوڙي شاهدي ڀرڻ لاءِ شرير ماڻهن سان شامل نہ ٿج. 2گهڻن جي پيروي ڪري تون ڪابہ بڇڙائي نہ ڪج؛ نڪي ڪنهن معاملي ۾ گهڻن جو طرف وٺي ناحق ڪرڻ لاءِ ڪوڙي شاهدي ڀرج؛ 3نڪي ڪنهن غريب جي معاملي ۾ سندس پاس خاطري ڪج.
4جيڪڏهن تون پنهنجي دشمن جو ڏاند يا گڏهہ رلندو ڏسين، تہ اهو ضرور ورائي آڻي انهي کي ڏج. 5جيڪڏهن تون پنهنجي دشمن جو گڏهہ بار هيٺ دٻيل ڏسين، ۽ کيس مدد ڪرڻ جي دل نہ هجيئي، تڏهن بہ ضرور انهي جي مدد ڪج.
6تون ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪج. 7ڪوڙيءَ ڳالهہ کان پاڻ کي پري رکج؛ ۽ بيگناهہ ۽ راستباز کي قتل نہ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ ڪنهن بہ شرير کي سچار ڪين سمجهندس. 8تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي. 9تون مسافر تي ظلم نہ ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهان کي مسافر جي دل جي خبر آهي، جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا.
10ڇهہ سال تون پنهنجيءَ زمين ۾ پوک ڪج، ۽ انهيءَ جو فصل لاهي گڏ ڪج: 11پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏج ۽ منجهس پوک نہ ڪج؛ انهي لاءِ تہ تنهنجيءَ قوم جا غريب کائي ڍءُ ڪن: ۽ جيڪي باقي بچائين، سو جهنگ جا ڍور چرن. تون پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪج. 12ڇهہ ڏينهن تون پنهنجو ڪم ڪار ڪج، ۽ ستين ڏينهن آرام وٺج، انهي لاءِ تہ تنهنجا ڏاند ۽ تنهنجا گڏهہ بہ آرام وٺن، ۽ تنهنجيءَ ٻانهيءَ جو پٽ ۽ مسافر بہ آرام وٺي تازا ٿين. 13جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.
14تون سال ۾ ٽي ڀيرا منهنجي لاءِ عيد ڪج. 15فطيري ماني جي عيد ياد رکج: جيئن مون توکي اڳيئي حڪم ڪيو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج (ڇالاءِ جو انهي مهيني ۾ تون مصر مان نڪتين)؛ ۽ ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي. 16۽ لاباري جي عيد، يعني جيڪي تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ پوکين تنهن جي پهرئين ڦل جي عيد ڪج: ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪرين، تڏهن فصل کڻڻ جي عيد ڪج. 17سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.
18تون منهنجي لاءِ جيڪا قرباني چاڙهين، تنهن جو رت خميري ماني سان گڏ پيش نہ ڪج؛ نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهي. 19تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.
20ڏس، آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ تنهنجي نگهباني ڪري، ۽ جيڪا جاءِ مون تنهنجي لاءِ تيار ڪئي آهي تنهن ۾ توکي پهچائي. 21اوهين انهي جي ٻڌجو ۽ سندس چيو مڃجو، هن کي غصو نہ ڏيارجو، ڇالاءِ جو هو اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو؛ ڇو تہ انهي ۾ منهنجو نالو آهي. 22پر جي تون سچ پچ انهي جو چيو مڃيندين، ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو سو سڀ بجا آڻيندين، تہ پوءِ آءٌ تنهنجن دشمنن جو دشمن، ۽ تنهنجن مخالفن جو مخالف ٿيندس. 23ڇالاءِ جو منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو ۽ توکي امورين، حتين، فريزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين ۾ وٺي ويندو، ۽ آءٌ انهن کي تباهہ ڪندس. 24تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج. 25تون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪج، ۽ اهو تنهنجيءَ مانيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ برڪت وجهندو؛ ۽ آءٌ تو منجهان بيماري ڪڍي ڇڏيندس. 26تنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن بہ زال جو حمل نہ ڪرندو، ۽ نہ ڪا سنڍ ٿيندي: آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس. 27جن ماڻهن وٽ تون ويندين، تن سڀني جي دلين ۾ آءٌ پنهنجو خوف توکان اڳ ۾ موڪلي کين شڪست ڏيندس، ۽ تنهنجن سڀني دشمنن کي تنهنجي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس. 28آءٌ توکان اڳ ۾ چيلاٽا موڪليندس، جي حوين، ڪنعانين ۽ حتين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندا. 29آءٌ انهن کي هڪڙي ئي سال ۾ تنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس، متان زمين ويران ٿي پوي، ۽ جهنگ جا مرون وڌي وڃن ۽ توکي ستائين. 30ٿورا ٿورا ڪري آءٌ اهي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندس، جيسين ڪ تون وڌي وڃين ۽ زمين جو وارث ٿين. 31آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين. 32تون انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهدنامو نہ ڪج. 33اُهي تنهنجي ملڪ ۾ نہ رهندا، متان توکي منهنجو گنهگار ڪن؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪندين، تہ اهو ضرور تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.

Currently Selected:

خروج 23: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in