YouVersion Logo
Search Icon

خروج 17

17
1پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان مان رواني ٿي، ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون؛ ۽ اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو. 2تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟ 3۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟ 4۽ موسيٰ خداوند جي حضور ۾ پڪاريو ۽ چيائين تہ آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ هو مون کي سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. 5تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي، اسرائيل جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي لٺ، جا تو درياهہ تي هنئي هئي، سا بہ پاڻ سان کڻي وڃ. 6۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو. 7هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟
8پوءِ عماليقي آيا، ۽ رفيديم ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪيائون. 9تڏهن موسيٰ يشوع کي چيو تہ اسان مان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍ، ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي بيهندس. 10سو يشوع ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ چيو هوس، ۽ وڃي عماليقين سان جنگ ڪيائين، ۽ موسيٰ ۽ هارون ۽ حور، جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا. 11۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي ٿي کنيو، تڏهن اسرائيل غالب ٿي پيا، ۽ جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب ٿي پيا. 12پر موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا تنهنڪري انهن هڪڙو پهڻ کڻي سندس هيٺان رکيو. انهيءَ تي هو ويهي رهيو، ۽ هارون ۽ حور سندس هٿ جهلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان؛ انهيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي هئا. 13۽ يشوع عماليق ۽ سندس ماڻهن کي ترار جي ڌار سان شڪست ڏني. 14پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ. 15اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين. 16۽ چيائين تہ خداوند قسم کنيو آهي تہ خداوند عماليق سان پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.

Currently Selected:

خروج 17: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in