YouVersion Logo
Search Icon

خروج 16

16
1پوءِ هو ايليم مان روانا ٿيا، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان ۾ آئي، جو ايليم ۽ سينا جي وچ ۾ آهي: ۽ مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ٻئي مهيني جي پندرهين تاريخ هو اتي پهتا. 2۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف بيابان ۾ ڪُرڪڻ لڳي. 3۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو. 4تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ اوهان جي لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس، ۽ ماڻهو هر روز ٻاهر وڃي، هڪڙي ڏينهن جي انداز جيتري گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي شريعت تي هلن ٿا يا نہ. 5۽ ڇهين ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جيڪي هو آڻي تيار ڪندا، سو هر روز جيترو هو گڏ ڪندا هوندا تنهن کان ٻيڻو ٿي پوندو. 6تڏهن موسيٰ ۽ هارون سڀني بني اسرائيلين کي چيو تہ شام جي وقت اوهان کي خبر پوندي تہ اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ وارو خداوند آهي. 7۽ صبح جو اوهين خداوند جو جلال ڏسندا، ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو، سي هن ٻڌيون آهن: اسين ڪير آهيون جن جي برخلاف اوهين ڪُر ڪُر ٿا ڪريو؟ 8۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.
9پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چئُہ تہ خداوند جي حضور ۾ اچو: ڇالاءِ جو هن اوهان جي شڪايت ٻڌي آهي. 10۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هارون، بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي ائين چيو، تڏهن هنن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو خداوند جو جلال ڪڪر ۾ ظاهر ٿيو. 11۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ 12مون بني اسرائيل جي شڪايت ٻڌي آهي؛ هنن کي چئُہ تہ اوهين شام جي وقت گوشت کائيندا، ۽ صبح جو اوهان کي ڍؤ تي ماني ملندي؛ ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
13۽ هيئن ٿيو تہ شام جي وقت ٻٽيرا اُڏامندا آيا ۽ منزل گاهہ کي ڍڪي ڇڏيائون: ۽ صبح جو منزل گاهہ جي آس پاس ماڪ پيئي. 14۽ جڏهن ماڪ گم ٿي ويئي، تڏهن ڇا ڏسن تہ بيابان ۾ هڪڙي گول شيءِ، برف جي ٽڪر جهڙي اڇي، زمين تي پيئي آهي. 15جڏهن بني اسرائيل اها ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو انهن کي خبر ڪا نہ هئي تہ هي ڇا آهي. تڏهن موسيٰ کين چيو تہ اها ماني آهي، جا خداوند اوهان کي کائڻ جي لاءِ ڏني آهي. 16هيءَ اها شيءِ آهي، جنهن بابت خدا حڪم ڪيو آهي تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي کائڻ جيتري گڏ ڪري. اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي تنبوءَ جي ڀاتين لاءِ، پنهنجن ماڻهن جي شمار موجب، هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ هڪڙو عومر گڏ ڪري. 17سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، پر ڪن گهڻي، ڪن ٿوري گڏ ڪئي. 18۽ جڏهن هنن اها عومر سان مئي ڏٺي، تڏهن جنهن گهڻي گڏ ڪئي هئي، تنهن وٽ وڌيڪ ڪي بہ ڪين بچيو، ۽ جنهن ٿوري گڏ ڪئي هئي تنهن وٽ گهٽ ڪانہ ٿي؛ انهن مان هر ڪنهن پنهنجي کائڻ جيتري گڏ ڪئي هئي. 19۽ موسيٰ انهن کي چيو تہ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان صبح تائين ڪي بہ بچائي نہ رکي. 20پر انهيءَ هوندي بہ هنن موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي، بلڪ منجهانئن ڪن صبح تائين انهيءَ مان ڪي بچائي ڇڏيو، پر انهيءَ ۾ ڪينئان پئجي ويا، ۽ اها ڪِني ٿي پيئي؛ تڏهن موسيٰ انهن تي ڏاڍو ناراض ٿيو. 21پوءِ هو هر روز صبح جو اها گڏ ڪندا هئا، ۽ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي کائڻ جيتري اُها کڻندو هو؛ ۽ جڏهن تکي اُس نڪرندي هئي، تڏهن اُها ڳري ويندي هئي.
22۽ ڇهين ڏينهن انهن ٻيڻي ماني گڏ ڪئي، يعني هر هڪ لاءِ ٻہ عومر؛ ۽ جماعت جي سردارن اچي موسيٰ کي خبر ڏني. 23۽ هن کين چيو تہ هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي، جا خداوند فرمائي هئي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند جو پاڪ سبت آهي؛ جيڪي پچائي سگهو سو پچايو، ۽ جيڪي رڌي سگهو سو رڌيو، ۽ جيڪي باقي بچي سو پنهنجي واسطي صبح تائين رکي ڇڏيو. 24هنن اها موسيٰ جي چوڻ موجب صبح تائين رکي ڇڏي، پر اها نڪي خراب ٿي نڪي منجهس ڪينئون پيو. 25۽ موسيٰ چيو تہ اها اڄ کائو، ڇالاءِ جو اڄ خداوند جو سبت آهي؛ اڄ اها شيءِ اوهان کي بيابان ۾ نہ ملندي. 26ڇهہ ڏينهن اها گڏ ڪندا، پر ستين ڏينهن سبت آهي، انهيءَ ڏينهن اها ڪانہ هوندي. 27۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو جو ڪي ماڻهو اها گڏ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا پر نہ لڌائون. 28تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين اوهين منهنجن حڪمن ۽ منهنجي شريعت کي مڃڻ کان انڪار ڪندا؟ 29ڏسو، خداوند اوهان کي سبت ڏنو آهي، تنهنڪري هو ڇهين ڏينهن اوهان کي ٻن ڏينهن جي ماني ٿو ڏئي، اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رهي؛ ستين ڏينهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گهر کان ٻاهر نہ نڪري. 30انهيءَ طرح ستين ڏينهن ماڻهن آرام ڪيو. 31۽ بني اسرائيل انهيءَ مانيءَ جو نالو من رکيو. اها ڌاڻن جي ٻج جهڙي اڇي هئي، ۽ انهيءَ جو سواد ماکيءَ سان جوڙيل ٽڪين جهڙو هو. 32۽ موسيٰ چيو تہ خداوند هي حڪم ڏنو آهي، تہ انهيءَ مان هڪڙو عومر ڀري پنهنجين پيڙهين جي لاءِ رکي ڇڏيو، تہ ڀلي هو ڏسن تہ جڏهن مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تڏهن بيابان ۾ مون اوهان کي اها ماني کارائي. 33۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ هڪڙو باسڻ کڻي، انهي ۾ من جو هڪڙو عومر ڀري وجهہ، ۽ اهو خداوند جي حضور ۾ آڻي حاضر ڪر، تہ اهو اوهانجين پيڙهين جي لاءِ رکڻ ۾ اچي. 34سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن هارون اهو شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان آڻي حاضر ڪيو، تہ اهو حفاظت سان رکيو وڃي. 35۽ بني اسرائيل چاليهن ورهين تائين برابر من پئي کاڌي، جيسين ڪ هو ڪنهن آباد ملڪ ۾ آيا؛ يعني جيسين هو ڪنعان ملڪ جي حد ۾ آيا، تيسين من پئي کاڌائون. 36هاڻي هڪڙو عومر، هڪڙي عيفا جو ڏهون حصو آهي.

Currently Selected:

خروج 16: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in