۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي ٿي کنيو، تڏهن اسرائيل غالب ٿي پيا، ۽ جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب ٿي پيا. پر موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا تنهنڪري انهن هڪڙو پهڻ کڻي سندس هيٺان رکيو. انهيءَ تي هو ويهي رهيو، ۽ هارون ۽ حور سندس هٿ جهلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان؛ انهيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي هئا.