تون هنن کي قانون ۽ شريعت سيکار، ۽ جنهن رستي تي کين هلڻ گهرجي، ۽ جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجين، سو سيکارين. انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر.