پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون ئي هن جي دل کي ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان. هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“