10
اٺين آفت، ماڪڙ
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون ئي هن جي دل کي ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان. 2هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
3پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن. 4جيڪڏهن تون منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ ياد رک، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ ماڪڙ موڪليندس. 5اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو زمين کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندي. ماڪڙ اوهان جي هر اها شيءِ کائي ويندي جيڪا ڳڙن جي آفت کان بچي ويئي آهي. توهان جا اُهي وڻ جيڪي ٻنين ۾ اُڀريا آهن، تن سڀني کي بہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي. 6تنهنجا محلات، تنهنجي سڀني عملدارن جا گھر ۽ سڀني مصرين جا گھر انهيءَ سان ڀرجي ويندا. اها اهڙي تہ خراب هوندي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي هوندي.‘“ ائين چئي موسيٰ فرعون کان منهن ڦيري موٽي هليو ويو.
7تڏهن فرعون جي عملدارن کيس چيو تہ ”هي شخص ڪيستائين اسان کي مصيبت ۾ پيو وجھندو رهندو؟ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن. ڇا توهان کي اڃا تائين اها خبر نہ پئي آهي تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟“ 8تنهن تي موسيٰ ۽ هارون کي وري فرعون وٽ گھرايو ويو. فرعون کين چيو تہ ”وڃو، وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو، پر ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ويندا؟“ 9موسيٰ وراڻيس تہ ”اسين سڀ پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن سوڌا وينداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خداوند جي شان ۾ عيد ملهائڻي آهي.“ 10تڏهن فرعون کين چيو تہ ”هرگز نہ، خداوند اوهان سان هجي بہ تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي ٻارن ٻچن سوڌو وڃڻ نہ ڏيندس، جڏهن تہ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهان جي نيت خراب آهي. 11سو ائين نہ ٿيندو، اوهين رڳو مرد ماڻهو ئي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي اها ئي مرضي هئي.“ ان کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون کي فرعون وٽان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ويو.
12پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگھير تہ جيئن ملڪ تي ماڪڙ اچي. اها ماڪڙ هر قسم جي ساوڪ ۽ هر ڪا شيءِ جيڪا ڳڙن کان بچي ويئي آهي سان کائي ويندي.“ 13تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر ملڪ جي مٿان ڊگھيري تہ خداوند اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات اوڀر جو واءُ گھلايو. جڏهن صبح ٿيو تہ انهيءَ اوڀر جي واءُ پاڻ سان ماڪڙ آندي. 14#مڪا 9:2-3 ماڪڙ وڏي ولر جي صورت ۾ آئي ۽ سڄي مصر ملڪ مٿان ڇانئجي ويئي. اها ايتري تہ بيشمار هئي جو اهڙي ماڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آئي هئي ۽ نڪي ان کان پوءِ ايندي. 15انهيءَ سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيو، ايتري قدر جو زمين ڪاري ٿي ويئي. انهيءَ سموري ساوڪ ۽ وڻن جا ميوا جيڪي ڳڙن کان بچي ويا هئا سي کائي ڇڏيا، ايتري قدر جو سڄي مصر جي ملڪ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن تي ڪابہ ساوڪ باقي نہ رهي.
16تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”بيشڪ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان. 17تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هڪڙو دفعو وري بہ منهنجو گناهہ معاف ڪريو ۽ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھرو تہ هيءَ موتمار سزا مون تان هٽائي.“ 18تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو ۽ اچي خداوند کان دعا گھريائين. 19پوءِ خداوند اولهہ کان تمام تيز واءُ گھلايو، جنهن ماڪڙ کي اڏاري کڻي وڃي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو. اهڙيءَ طرح مصر جي سڄي ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ باقي نہ رهيو. 20پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.
نائين آفت، اوندهہ
21پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ڇانئجي وڃي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن.“ 22#زب 105:28، مڪا 16:10 موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو تہ سڄي مصر جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين تمام گھاٽي اوندهہ ڇانيل رهي. 23ٽن ڏينهن تائين نہ تہ ماڻهو هڪٻئي کي ڏسي ٿي سگھيا ۽ نہ ئي وري منجھائن ڪو انهن ڏينهن ۾ پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو. پر بني اسرائيل جي سڄي علائقي ۾ روشني هئي.
24تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”اوهين وڃو، وڃي پنهنجي خداوند جي عبادت ڪريو. اوهان جا ٻار ٻچا بہ ڀلي اوهان سان گڏ وڃن. پر اوهين پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هتي ڇڏي وڃو.“ 25پر موسيٰ وراڻيس تہ ”اسان کي قربانين ۽ ساڙڻ وارين قربانين ڪرڻ لاءِ تو کي اسان جا جانور بہ ڏيڻا پوندا، تہ جيئن اهي اسين خداوند پنهنجي خدا جي آڏو قربان ڪريون. 26سو اسان جو چوپايو مال بہ اسان سان گڏ هلندو. انهن جو هڪڙو کُر بہ پوئتي نہ رهندو، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ئي اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين. اهو ئي سبب آهي جو جيستائين اسين اتي نہ وڃون تيستائين اسان کي خبر ڪانهي تہ ڪهڙا ڪهڙا جانور خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا.“
27پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪري ڇڏيو ۽ هن کين وڃڻ نہ ڏنو. 28پوءِ فرعون موسيٰ کي چيو تہ ”مون وٽان نڪري وڃ. خبردار، متان وري مون کي پنهنجو منهن ڏيکارين، جنهن ڏينهن مون تنهنجو منهن ڏٺو، تنهن ڏينهن ماريو ويندين.“ 29تڏهن موسيٰ وراڻيس تہ ”تو صحيح ڳالهہ ڪئي آهي، تون مون کي وري ڪين ڏسندين.“