YouVersion Logo
Search Icon

خروج 21:10-23

خروج 21:10-23 MSB

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ڇانئجي وڃي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن.“ موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو تہ سڄي مصر جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين تمام گھاٽي اوندهہ ڇانيل رهي. ٽن ڏينهن تائين نہ تہ ماڻهو هڪٻئي کي ڏسي ٿي سگھيا ۽ نہ ئي وري منجھائن ڪو انهن ڏينهن ۾ پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو. پر بني اسرائيل جي سڄي علائقي ۾ روشني هئي.