ان وقت مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا پٽ مري ويندا، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪا جنڊ ٿي پيهي. ان کان سواءِ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا مري ويندا. مصر جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم مچي ويندو، جو اهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو ۽ نہ وري هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.