سو سڀاڻي هن ئي مهل آءٌ اهڙا سخت ڳڙا وسائيندس، جن جهڙا مصر ۾، ملڪ جي بنياد پوڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا. تنهنڪري هاڻي ماڻهو موڪلي پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو سامان جيڪو کُليل ميدان ۾ هجيئي سو اندر ڪري وٺ، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ماڻهو يا جانور کُليل ميدان ۾ هوندو ۽ گھر جي اندر نہ آندو ويو هوندو تنهن تي ڳڙا اچي ڪڙڪندا ۽ اهي سڀ مري ويندا.‘“