سو انسانن ۽ جانورن تي مڇر ئي مڇر هئا. جادوگرن بہ ڪوشش ڪئي تہ هو پنهنجي جادوءَ سان مڇر پيدا ڪن، پر هو ائين ڪري نہ سگھيا. تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ ”هن ۾ خدا جو هٿ آهي.“ پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.