20
عيسيٰ مسيح جي اختياريءَ بابت سوال
(متي 21:23-27، مرقس 11:27-33)
1هڪڙي ڏينهن جڏهن عيسيٰ ماڻهن کي هيڪل ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي پئي ڪيائين تہ سردار ڪاهن ۽ شريعت جا عالم يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن سان گڏجي وٽس آيا. 2هنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪرين؟ اهو ڪير آهي جنهن تو کي اها اختياري ڏني آهي؟“ 3عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان. 4مون کي ٻڌايو تہ ڇا يحيٰ جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا خدا جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ 5تڏهن اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘ 6پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يحيٰ نبي هو.“ 7تڏهن هنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آهي تہ اها ڪنهن جي طرفان هئي.“ 8تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ آءٌ بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.“
بيايمان باغائين جو مثال
(متي 21:33-46، مرقس 12:1-12)
9 #
يس 5:1
پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو. اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ گھڻي وقت لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 10جڏهن ميوي لهڻ جي مند آئي تہ هڪڙي نوڪر کي انهن باغائين ڏانهن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين هن کي مار ڏيئي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو. 11تنهن تي هن ٻيو نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي هٿين موڪلي ڇڏيو. 12تڏهن هن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن زخمي ڪري ڌِڪا ڏيئي ڪڍيو. 13تنهن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟ پوءِ ڀلا، پنهنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اهي هن جو ڪو لحاظ ڪن.‘ 14پر جڏهن باغائين انهيءَ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. ڇو نہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ 15پوءِ هن کي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائون.
هاڻي باغ جو مالڪ انهن کي ڇا ڪندو؟ 16هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“
جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“ 17#زب 118:22 عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ
’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو،
سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘
18 #
1.پط 2:8
هاڻ جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“
ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال
(متي 22:15-22، مرقس 12:13-17)
19انهيءَ گھڙي ئي شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي. 20پوءِ هو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين. 21انهن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اوهين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آهي ۽ اوهين ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوهين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. 22هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ 23عيسيٰ انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ 24”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انهيءَ تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ هنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ 25تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو.“ 26هو ماڻهن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انهيءَ جواب تي هو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.
مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال
(متي 22:23-33، مرقس 12:18-27)
27 #
رس 23:8
پوءِ صدوقي، جن جو عقيدو هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيئرا نہ ٿيندا، تن مان ڪي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون تہ 28#شر 25:5 ”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بياولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي زال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ 29هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين شادي ڪئي ۽ بياولاد مري ويو 30تہ ٻئي سندس زال سان شادي ڪئي، اهو بہ مري ويو. 31ٽئين بہ انهيءَ عورت سان شادي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي بياولاد مري ويا. 32سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اها عورت بہ مري ويئي. 33هاڻي جيئن تہ ست ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اها عورت انهن ستن مان ڪنهن جي زال ٿيندي؟“
34تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”هن آخري زماني جا ماڻهو پرڻبا ۽ پرڻايا ويندا آهن. 35پر جن کي خدا ايندڙ نئين زماني ۾ رهڻ ۽ مئلن مان جيئرا ٿي اٿڻ جي لائق سمجھي ٿو، سي ان وقت نہ پرڻبا، نڪي پرڻايا ويندا. 36اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي ملائڪن جهڙا هوندا. هائو، اهي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيئرا ڪيل هوندا. 37#خر 3:6 مئلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي. تنهنڪري ئي هو خداوند کي ’ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو. 38سو هاڻي خداوند مئلن جو نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جي آڏو سڀيئي جيئرا آهن.“
39تڏهن ڪن #20:39 شريعت جي عالمن شريعت جي عالمن جو عقيدو هو تہ قيامت ٿيندي، جڏهن تہ صدوقين جو عقيدو انهيءَ جي ابتڙ هو.شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! اوهان صحيح ڳالهہ ڪئي آهي.“ 40انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو کانئس ڪو وڌيڪ سوال پڇي.
مسيح بابت سوال
(متي 22:41-46، مرقس 12:35-37)
41پوءِ عيسيٰ شريعت جي عالمن کي چيو تہ ”اهو ڪيئن ٿو چيو وڃي تہ ’مسيح دائود جو اولاد آهي‘؟ 42#زب 110:1 ڇاڪاڻ تہ دائود خود زبور ۾ چيو آهي تہ
’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ
”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
43جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي
تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘
44سو جڏهن دائود هن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“
شريعت جي عالمن خلاف چتاءُ
(متي 23:1-36، مرقس 12:38-40)
45سڀني ماڻهن جي روبرو عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ 46”شريعت جي عالمن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين. اهي عبادتخانن توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. 47اهي رننزالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنو ويندو.“