لوقا 18

18
هڪڙي رن‌زال ۽ جج جو مثال
1عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ 2”ڪنهن شهر ۾ هڪڙو جج رهندو هو، جنهن کي نہ خدا جو خوف هو ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ. 3انهيءَ شهر ۾ هڪڙي رن‌زال رهندي هئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي هئي تہ ’جوابدار جي خلاف منهنجو انصاف ڪر.‘ 4جج ڪجھہ وقت تہ هن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آهي ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ، 5تڏهن بہ جيئن تہ هيءَ رن‌زال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنهنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہ تہ هيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“
6 خداوند وڌيڪ چيو تہ ”ٻُڌوَ، هن بي‌انصاف جج ڇا چيو؟ 7تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟ 8آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏهن ابنِ آدم ايندو تڏهن هو ماڻهن ۾ اهڙو ايمان الائجي ڏسندو يا نہ.“
فريسيءَ ۽ هڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جو مثال
9جن ماڻهن کي پنهنجي سچائيءَ تي ناز هو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا هئا، تن کي عيسيٰ هڪڙو مثال ٻڌايو تہ 10”ٻہ شخص هيڪل ۾ دعا گھرڻ ويا، هڪڙو فريسي ۽ ٻيو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ. 11فريسي بيهي پنهنجيءَ دل ۾ هيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان. 12آءٌ هفتي ۾ ٻہ ڏينهن روزو ٿو رکان ۽ پنهنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو تنهنجي نالي تي ٿو ڏيان.‘ 13پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آسمان ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنهگار تي رحم ڪر.‘ 14#مت 23‏:12، لو 14‏:11 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
ننڍڙن ٻارن جي اهميت
(متي 19‏:13‏-15، مرقس 10‏:13‏-16)
15ڪي ماڻهو پنهنجا ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ کڻي آيا تہ هو انهن تي هٿ رکي. پر سندس شاگرد اهو ڏسي انهن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا هئا. 16تنهن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي. 17آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ خدا جي بادشاهيءَ کي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو سو ڪڏهن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“
خدا جي بادشاهي ۽ شاهوڪار ماڻهو
(متي 19‏:16‏-30، مرقس 10‏:17‏-31)
18هڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“ 19عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. 20#خر 20‏:12‏-16، شر 5‏:16‏-20 باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“ 21هن چيو تہ ”انهن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ 22اهو ٻڌي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اڃا تو ۾ هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ تو وٽ جيڪي بہ آهي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورهائي ڇڏ، تڏهن عرش عظيم تي تو کي خزانو ملندو. سو ورهائڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 23اهو ٻڌي هو ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو.
24 عيسيٰ ڏٺو تہ هو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آهي، تڏهن چيائين تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 25ياد رکو، اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 26ماڻهن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪي ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، سي خدا جي وس ۾ آهن.“
28تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان تہ اوهان جي پٺيان هلڻ لاءِ پنهنجا گھر گھاٽ بہ ڇڏيا آهن.“ 29عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”هائو، آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن خدا جي بادشاهيءَ لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُ پيءُ يا ٻار ڇڏيا آهن، 30تنهن کي هن #18‏:30 آخري زماني اصلي مسودي ۾ ”هن وقت“ لکيل آهي، جنهن مان مراد گھڻو ڪري آخري زمانو آهي. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني ۾ تہ گھڻو وڌيڪ ملندو، بلڪ #18‏:30 ايندڙ نئين زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”ايندڙ نئون زمانو.“ ايندڙ نئين زماني ۾ دائمي زندگي پڻ ملندس.“
عيسيٰ مسيح جو پنهنجي موت بابت وري ٻڌائڻ
(متي 20‏:17‏-19، مرقس 10‏:32‏-34)
31عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ ابنِ آدم بابت جيڪي ڳالهيون نبين جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون. 32هو غير قوم وارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون هڻندا. 33اهي کيس ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 34انهن ڳالهين مان شاگردن کي ڪا هڪڙي ڳالهہ بہ سمجھہ ۾ نہ آئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون کين چيون ويون، تن جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي، تنهنڪري اهي سمجھي نہ سگھيا.
انڌي فقير کي سڄو ڪرڻ
(متي 20‏:29‏-34، مرقس 10‏:46‏-52)
35پوءِ جيئن عيسيٰ يريحو شهر جي ويجھو اچي رهيو هو تہ رستي تي هڪڙي انڌي ماڻهوءَ ويٺي پنيو. 36هن ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيو تہ ”هي ڇا آهي؟“ 37ماڻهن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رهيو آهي.“ 38تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي عيسيٰ، دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“ 39تنهن تي جيڪي اڳيان پئي هليا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هو اڃا بہ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“ 40اهو ٻڌي عيسيٰ بيهي رهيو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائين تہ ”هن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏهن هو ويجھو آيو تہ عيسيٰ پڇيس تہ 41”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ هن چيو تہ ”اي سائين! مون کي وري ديد ملي.“ 42عيسيٰ چيس تہ ”وٺ هيءَ ديد. ڏس، تنهنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آهي.“ 43تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

Выбрано:

لوقا 18: MSB

Выделить

Поделиться

Копировать

None

Хотите, чтобы то, что вы выделили, сохранялось на всех ваших устройствах? Зарегистрируйтесь или авторизуйтесь