24
يسوع مسيح جو وري جيوت ٿي اٿڻ
(متي 28:1-10، مرقس 16:1-8، يوحنا 20:1-10)
1اهي ناريون آچر جي ڏينهن پرهہ ڦُٽيءَ جو سوير پنهنجيون تيار ڪيل اهي سرهاڻيون پاڻ سان کڻي قبر تي آيون. 2اتي پهچي ڏٺائون تہ پٿر جيڪو قبر جي منهن تي ڏنل هو، سو پاسي تي رڙهيو پيو آهي. 3وري جڏهن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ پرڀو يسوع جو لاش تہ آهي ئي ڪونہ. 4اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن. 5تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيوت آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟ 6#مت 16:21، 17:22-23، 20:18-19، مر 8:31، 9:31، 10:33-34، لو 9:22، 18:31-33 هو هتي ڪونهي پر جيوت ٿي اٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن هو گليل ۾ هو تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين تہ 7’اهو ضروري آهي تہ منشپتر کي پاپين جي حوالي ڪيو وڃي ۽ سوليءَ تي چاڙهيو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اُٿي.‘“ 8تڏهن نارين کي هن جا اهي لفظ ياد آيا. 9پوءِ هنن قبر کان موٽي اچي يارهن چيلن ۽ ٻين سڀني پوئلڳن کي اهي ڳالهيون ٻڌايون. 10جن نارين انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماتا مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون. 11پر سنتن انهن نارين جي ڳالهين کي اڻٿيڻيون سمجھي انهن تي يقين نہ ڪيو. 12تنهن هوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانهن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. تڏهن جيڪو وهيو واپريو هو تنهن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.
اِمائوس وٽ درشن ڏيڻ
(مرقس 16:12-13)
13انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي پوئلڳن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارهن ڪلوميٽر پري هو. 14اهي پاڻ ۾ گذريل واقعن بابت ڳالهيون ڪندا پئي ويا. 15هنن جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيا تہ يسوع پاڻ ويجھو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو. 16پر انهن جي اکين مان يسوع کي سڃاڻڻ جي سگھہ کسي ويئي هئي. 17يسوع انهن کان پڇيو تہ ”اوهين پاڻ ۾ ڪهڙين ڳالهين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا. 18انهن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اهڙو ماڻهو نہ آهين جنهن کي خبر ئي نہ آهي تہ اڄڪلهہ هِت يروشلم ۾ ڇا وهيو واپريو آهي؟“ 19تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي يسوع ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو ايشور توڙي سڄي خلق اڳيان چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ شڪتيءَ وارو سنت هو. 20انهيءَ کي اسان جي سردار ڪاهنن ۽ ٻين يهودي اڳواڻن پڪڙايو تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. ائين هنن کيس سوليءَ تي چاڙهائي ڇڏيو. 21اسان کي تہ اها اميد هئي تہ هن جي ئي هٿان بني اسرائيل کي آزادي ملندي. پر هاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. 22اڄ تہ اسان جي ڪن نارين اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. جڏهن اهي صبح جو سوير قبر تي ويون 23تہ قبر ۾ لاش نہ ڏٺائون. پوءِ اهي موٽي آيون ۽ اسان کي ٻڌايائون تہ انهن درشن ۾ دوتن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ يسوع جيوت آهي. 24تڏهن اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن نارين چيو هو، پر يسوع هنن کي نظر نہ آيو.“
25تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اي مُورکؤ! اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو. 26ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“ 27پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.
28جنهن ڳوٺ ڏانهن هو ويا پئي، تنهن کي جڏهن ويجھا ٿيا تہ يسوع ائين هليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آهي. 29پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو. 30پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين. 31اهو ڏسي سندن اکيون کُليون ۽ هنن يسوع کي سڃاڻي ورتو، پر هو انهن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. 32اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پوِتر شاستر سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“
33پوءِ تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هو اُٿي يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن يارهن چيلن کي ٻين پوئلڳن سان گڏ ڏٺو. 34اهي پاڻ ۾ چون پيا تہ ”پرڀو سچ پچ جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ هن شمعون کي درشن ڏنو آهي!“ 35تنهن تي هنن ٻنهي کين اهي سموريون ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون جيڪي رستي تي ٿي گذريون هيون ۽ اهو بہ تہ ڪيئن هنن پرڀوءَ کي روٽي ڀڃڻ مهل سڃاتو هو.
چيلن کي درشن ڏيڻ
(متي 28:16-20، مرقس 16:14-18، يوحنا 20:19-23، سنتن جا ڪم 1:6-8)
36هنن اڃا اهي ڳالهيون ئي پئي ڪيون تہ يسوع خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“ 37تڏهن هو خوف ۽ هراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪا آتما ٿا ڏسون. 38پر هن چين تہ ”ڇو پريشان ٿي ويا آهيو ۽ اوهان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟ 39منهنجي هٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اهو ساڳيو ئي آهيان. مون کي هٿ لائي جاچيو، ڇاڪاڻ تہ جهڙا هڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا آتما ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.“ 40ائين چئي هن کين پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريا. 41جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري يسوع چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“ 42تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس، 43جيڪو هن انهن جي سامهون ويهي کاڌو.
44پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“ 45پوءِ پوِتر شاستر کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي 46کين چيائين تہ ”پوِتر شاستر ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيوت ٿي اٿندو. 47پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو. 48اوهين پاڻ انهن ڳالهين جا شاهد آهيو. 49#يوا 2:28-32، سن 1:4، 2:17-21 ڏسو، آءٌ اوهان تي پوِتر آتما پرگھٽ ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پتا وچن ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آڪاش مان انهيءَ جي شڪتي نہ ملي تيستائين شهر ۾ رهجو.“
يسوع مسيح جو آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ
(مرقس 16:19-20، سنتن جا ڪم 1:9-11)
50 #
سن 1:9-11
پوءِ يسوع انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيتعنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ آسيس گھريائين. 51جيئن ئي هو انهن لاءِ آسيس گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آڪاش ڏانهن کڄي ويو. 52تڏهن هنن سندس اڳيان سيس نوايو ۽ خوشيءَ وچان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانهن موٽي ويا. 53اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهيا.