پيدائش 4

4
قابيل ۽ هابيل
1پوءِ آدم پنهنجيءَ زال حوا وٽ ويو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي. حوا کي پٽ ڄائو جنهن ڪري چوڻ لڳي تہ ”خداوند طرفان مون کي هڪ پٽ مليو آهي.“ سو حوا انهيءَ جو نالو #4‏:1 قابيل هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”مليل.“قابيل رکيو. 2پوءِ کيس هڪ ٻيو پٽ هابيل ڄائو. هابيل ريڍار ۽ قابيل هاري بڻيو. 3ڪجھہ عرصي کان پوءِ قابيل پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش مان ڪجھہ آڻي خداوند جي لاءِ نذرانو ڏنو. 4#عبر 11‏:4 هابيل بہ پنهنجي رڍن جا پهريتا ڦر آڻي نذرانو ڏنا. خداوند هابيل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو. 5پر قابيل ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قابيل کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن ڦري ويو. 6تڏهن خداوند قابيل کي چيو تہ ”تون ڇو ڪاوڙيو آهين؟ تنهنجو منهن ڇو ڦري ويو آهي؟ 7جيڪڏهن تون صحيح ڪم ڪرين ها تہ آءٌ تنهنجو نذرانو قبول ڪريان ها. پر جيئن تہ تو صحيح ڪم نہ ڪيو آهي، سو خبردار متان تون هاڻي گناهہ ۾ ڦاسي پوين. گناهہ تو کي جھڪائڻ چاهي ٿو پر تون ضرور مٿس غالب پئُہ.“ 8#مت 23‏:35، لو 11‏:51، 1.يو 3‏:12 پوءِ قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي چيو تہ ”هل تہ ٻنيءَ تي هلون.“ جڏهن اهي ٻنيءَ ۾ پهتا تہ قابيل پنهنجي ڀاءُ تي حملو ڪري کيس ماري وڌو.
9تڏهن خداوند قابيل کان پڇيو تہ ”تنهنجو ڀاءُ هابيل ڪٿي آهي؟“ قابيل وراڻيو تہ ”مون کي خبر ناهي، آءٌ ڪو پنهنجي ڀاءُ جو سنڀاليندڙ آهيان ڇا؟“ 10#عبر 12‏:24 تنهن تي خداوند چيس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان بدلي وٺڻ لاءِ پيو پڪاري. 11جنهن زمين تي تو پنهنجي ڀاءُ جو رت وهايو آهي سا تو کي رد ڪندي. 12جڏهن تون زمين تي هر هلائيندين تڏهن انهيءَ مان تو کي ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو. تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.“
13تڏهن قابيل خداوند کي چيو تہ ”اها سزا منهنجي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. 14تون مون کي پنهنجي حضوريءَ ۽ ملڪ مان ڪڍين ٿو پيو. آءٌ زمين تي رلندو ۽ ڌڪا کائيندو وتندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو سو ماري وجھندم.“ 15پر خداوند جواب ڏنو تہ ”نہ. جيڪڏهن ڪوبہ تو کي ماريندو تہ انهيءَ کي ستوڻي سزا ملندي.“ سو هر ڪنهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ خداوند قابيل تي هڪ نشان ڪري ڇڏيو تہ جيڪو بہ کيس ڏسي سو نہ ماريس. 16سو قابيل خداوند جي حضوريءَ مان نڪري ويو ۽ #4‏:16 نود انهيءَ جي معنيٰ آهي ”رُلڻ واري جاءِ.“نود نالي علائقي ۾ وڃي رهيو جيڪو عدن جي اوڀر پاسي هو.
قابيل جو اولاد
17قابيل جي زال کي هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو حنُوڪ رکيائين. پوءِ قابيل هڪ شهر ٻڌو ۽ ان جو نالو پنهنجي پٽ حنُوڪ جي نالي تي رکيائين. 18حنُوڪ کي عيراد نالي هڪ پٽ ڄائو، عيراد کي محوياايل نالي پٽ ڄائو، محوياايل کي متوسلح نالي پٽ ڄائو ۽ متوسلح کي لمڪ نالي پٽ ڄائو. 19لمڪ ٻہ زالون پرڻيو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو عدہ ۽ ٻيءَ جو نالو صِلاہ هو. 20عدہ کي يابل ڄائو، جيڪو تنبن ۾ رهندڙن ۽ ڍورن پاليندڙن جو وڏو هو. 21سندس ڀاءُ جو نالو يوبل هو، جيڪو ڦوڪ وارا ۽ تار وارا سڀيئي ساز وڄائيندڙن جو وڏو هو. 22صِلاہ کي توبل‌قابيل ڄائو، جيڪو ٽامي ۽ لوهہ مان اوزار ٺاهيندو هو. توبل‌قابيل کي نعمہ نالي هڪ ڀيڻ هئي.
23هڪڙي ڏينهن لمڪ پنهنجي ٻنهي زالن کي چيو تہ
”اي عدہ ۽ صِلاہ! اوهين ڌيان سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو،
جيڪڏهن ڪو مون کي زخمي ڪري وجھي،
بلڪ ڪو ٻار ئي مون کي رڳو ڌڪ هڻي،
تہ آءٌ انهيءَ کي ماري چٽ ڪري ڇڏيندس.
24 # مت 18‏:22 هائو، جيڪڏهن قابيل کي مارڻ واري کي
ستوڻي سزا ملندي،
تڏهن ٻڌي ڇڏيو تہ
منهنجي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري کي
ستهتروڻي سزا ملندي.“
سيت ۽ انوس
25آدم ۽ سندس زال کي هڪ ٻيو پٽ ڄائو. هوءَ چوڻ لڳي تہ ”خدا مون کي هابيل جي جاءِ تي هڪ ٻيو پٽ ڏنو آهي، جنهن کي قابيل قتل ڪيو هو.“ سو هن جو نالو #4‏:25 سيت هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڏنو آهي.“سيت رکيائين. 26سيت کي بہ هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو انوس رکيائين. انهيءَ وقت کان وٺي ماڻهو خداوند جو پاڪ نالو وٺڻ لڳا.

Obecnie wybrane:

پيدائش 4: MSB

Podkreślenie

Udostępnij

Kopiuj

None

Chcesz, aby twoje zakreślenia były zapisywane na wszystkich twoich urządzeniach? Zarejestruj się lub zaloguj

YouVersion używa plików cookie, aby spersonalizować twoje doświadczenia. Korzystając z naszej strony, wyrażasz zgodę na używanie przez nas plików cookie zgodnie z naszą Polityką prywatności