پيدائش 3

3
انسان جي نافرماني
1 # مڪا 12‏:9، 20‏:2 خداوند خدا جيڪي بہ جھنگلي جانور پيدا ڪيا هئا، نانگ تن سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن عورت کان پڇيو تہ ”ڇا سچ پچ خدا اوهان کي باغ ۾ ڪنهن بہ وڻ جي ميوي کائڻ کان جھليو آهي؟“ 2عورت وراڻيو تہ ”اسين تہ باغ ۾ هر وڻ جو ميوو کائي سگھون ٿا، 3سواءِ انهيءَ وڻ جي جيڪو باغ جي وچ ۾ آهي. خدا اسان کي چيو آهي تہ ’ان وڻ جو ميوو نہ کائجو ۽ نہ ان کي هٿ ئي لائجو، متان مري وڃو.‘“ 4نانگ وراڻيو تہ ”اوهين هرگز ڪونہ مرندا. 5خدا ائين انهيءَ ڪري چيو آهي جو کيس خبر آهي تہ جنهن وقت اوهين اهو ميوو کائيندا تنهن وقت خدا وانگر نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سڃاڻي وٺندا.“
6عورت ڏٺو تہ وڻ ڏسڻ ۾ ڪهڙو نہ سهڻو آهي ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ڪيڏو نہ سٺو هوندو، سو سندس دل چاهڻ لڳي تہ ”آءٌ اهو کائي سمجھہ حاصل ڪريان.“ تڏهن ان ميوي مان ٿورو کڻي کاڌائين. پوءِ ان منجھان ٿورو پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين ۽ ان بہ کاڌو. 7جيئن ئي انهن کاڌو تہ کين سمجھہ اچي ويئي ۽ محسوس ڪيائون تہ ”اسين اگھاڙا آهيون.“ سو هنن انجير جي پنن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پنهنجي لاءِ لانگوٽا ٺاهيا.
8انهيءَ شام هنن باغ ۾ خداوند خدا جي گھمڻ جو آواز ٻڌو ۽ وڻن ۾ وڃي پاڻ کي انهيءَ کان لڪايائون. 9پر خداوند خدا آدم کي سڏي چيو تہ ”تون ڪٿي آهين؟“ 10آدم جواب ڏنو تہ ”مون باغ ۾ تنهنجو آواز ٻڌو. آءٌ ڊڄي ويس ۽ تو کان پاڻ کي لڪايم، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اگھاڙو هئس.“ 11خدا پڇيس تہ ”تو کي ڪنهن ٻڌايو تہ تون اگھاڙو آهين؟ ڇا تو اهو ميوو کاڌو، جنهن جي لاءِ مون تو کي جھليو هو تہ نہ کائجانءِ؟“ 12آدم جواب ڏنو تہ ”جيڪا عورت تو مون سان گڏ رهائي آهي، تنهن مون کي اهو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو.“ 13#2.ڪر 11‏:3، 1.تيم 2‏:14 خداوند خدا عورت کان پڇيو تہ ”تو ائين ڇو ڪيو؟“ عورت وراڻيو تہ ”نانگ مون کي برغلايو ۽ مون کاڌو.“
سزا جو اعلان
14پوءِ خداوند خدا نانگ کي چيو تہ ”انهيءَ ڪم جي ڪري تون ئي هڪڙو سڀني جانورن ۾ لعنتي آهين. تون پيٽ ڀر رڙهي هلندين ۽ سڄي حياتي مٽي کائيندين. 15#مڪا 12‏:17 آءٌ تنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ دشمني وجھندس. تنهنجي نسل ۽ عورت جي نسل ۾ هميشہ دشمني رهندي. عورت جو نسل تنهنجي منڍي چٿيندو ۽ تون هن جي کُڙي ڏنگيندين.“
16خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“ 17#عبر 6‏:8 خدا مرد کي چيو تہ ”تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي اهو ميوو کاڌو، جنهن جي نہ کائڻ لاءِ مون تو کي چيو هو. جيڪي ڪجھہ تو ڪيو آهي انهيءَ سببان زمين لعنت هيٺ رهندي. تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين. 18انهيءَ مان تو لاءِ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اڀرندا ۽ تون انهن منجھان ٻنيءَ جي ڀاڄي کائيندين. 19تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“ 20آدم پنهنجيءَ زال جو نالو #3‏:20 حوا هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”زندگي.“حوا رکيو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ سڀني انسانن جي ماءُ آهي. 21خداوند خدا آدم ۽ سندس زال جي لاءِ جانورن جي کل جا ڪپڙا ٺهرائي کين پهرايا.
آدم ۽ حوا جو عدن جي باغ مان تڙجڻ
22 # مڪا 22‏:14 پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”هاڻ انسان تہ اسان وانگر ٿي پيو آهي ۽ کيس نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ بہ آهي. سو ائين نہ ٿئي تہ هو زندگيءَ جي وڻ مان ميوو ڇني کائي ۽ سدائين جيئرو رهي.“ 23تنهنڪري خداوند خدا کيس عدن جي باغ مان تڙي ڪڍيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن زمين مان هو ٺهيو آهي تنهن تي پوک ڪري. 24پوءِ اوڀر پاسي باغ جي لنگھہ وٽ پردار آسماني مخلوق سان گڏ هڪ تجليدار تلوار مقرر ڪيائين جيڪا چئني پاسن تي پيئي ڦري، تہ جيئن ڪوبہ باغ اندر زندگيءَ جي وڻ جي ويجھو وڃي نہ سگھي.

Obecnie wybrane:

پيدائش 3: MSB

Podkreślenie

Udostępnij

Kopiuj

None

Chcesz, aby twoje zakreślenia były zapisywane na wszystkich twoich urządzeniach? Zarejestruj się lub zaloguj