YouVersion logotips
Meklēt ikonu

يوحنا 8

8
1پر يسوع زيتون جي جبل تي ويو. 2۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو. 3۽ فقيهن ۽ فريسين هڪڙيءَ زال کي آندو، جنهن کي زنا ڪندي پڪڙيو هئائون، ۽ تنهن کي وچ ۾ بيهاري 4کيس چيائون تہ اي اُستاد، هيءَ زال اصل زنا ڪندي پڪڙي ويئي آهي. 5هاڻي شريعت ۾ موسيٰ اسان کي فرمايو آهي تہ اهڙن کي سنگسار ڪري ڇڏيو، ڀلا تون هن جي بابت ڇا ٿو چوين؟ 6۽ ائين جو چيائون ٿي سو کيس آزمائڻ لاءِ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو سبب ملين. پر يسوع نِوڙي پنهنجيءَ آڱر سان زمين تي لکڻ لڳو. 7مگر جڏهن هو کانئس پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين، تہ اوهان مان جيڪو بيگناهہ هجي، سو پهريائين هن کي پهڻ هڻي. 8۽ وري بہ هو نِوڙي پنهنجيءَ آڱر سان زمين تي لکڻ لڳو. 9۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن وڏي کان وٺي ننڍي تائين هڪڙو هڪڙو ٿي نڪري ويا: ۽ رڳو يسوع وڃي رهيو، ۽ اُها زال وچ ۾ بيٺي هئي. 10يسوع ڪنڌ مٿي ڪري هن کي چيو، تہ اي مائي، اُهي ڪيڏانهن ويا؟ ڪنهن بہ توتي فتويٰ ڪانہ ڏني؟ 11هن چيو تہ اي خداوند، ڪنهن بہ نہ. يسوع چيس، تہ آئون بہ توتي فتويٰ نٿو ڏيان، هلي وڃ، اڄ کانپوءِ وري گناهہ نہ ڪج.
12وري يسوع کين چيو تہ جهان جو سوجهرو آئون آهيان، جيڪو منهنجي پيروي ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ ڪين هلندو، بلڪ زندگيءَ جو سوجهرو ملندس. 13تنهن تي فريسين چيس، تہ تون پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀرين، تنهنجي شاهدي سچي نہ آهي. 14يسوع جواب ڏيئي چين تہ جيتوڻيڪ آئون پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀريان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃان؛ پر اوهان کي خبر ڪانهي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، يا ڪيڏانهن ٿو وڃان. 15اوهين جسماني طور فيصلو ٿا ڪريو، آئون ڪنهن جو بہ فيصلو نٿو ڪريان. 16۽ جي کڻي آئون ڪنهن جو فيصلو ڪريان بہ، تہ منهنجو فيصلو سچو آهي، ڇالاءِ تہ آئون اڪيلو نہ آهيان، پر آئون ۽ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي. 17بلڪ اوهان جي شريعت ۾ بہ لکيل آهي تہ ٻن ڄڻن جي شاهدي سچي آهي. 18هڪڙو آئون آهيان، جو پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀريان، ۽ ٻيو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو منهنجي بابت شاهدي ٿو ڏئي. 19تڏهن اُهي چوڻ لڳس تہ تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟ يسوع جواب ڏنو تہ اوهين نڪي مون کي ٿا سڃاڻو، نڪي منهنجي پيءُ کي: جي مون کي سڃاڻو ها تہ جيڪر منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها. 20اهي ڳالهيون هيڪل ۾ تعليم ڏيندي خزاني ۾ چيائين: ۽ ڪنهن بہ ڪين پڪڙيس، جو سندس گهڙي اڃا ڪانہ آئي هئي.
21تڏهن وري چيائين تہ آئون وڃان ٿو، ۽ اوهين مون کي ڳوليندا، پر جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، ۽ اوهين پنهنجي گناهہ ۾ مرندا. 22تنهن تي يهودي چوڻ لڳا، تہ متان پاڻ کي ماريندو تہ ڪين، جو چوي ٿو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا؟ 23۽ هن چين تہ اوهين آهيو هيٺ جا، ۽ آئون آهيان مٿان جو: اوهين هن دنيا جا آهيو، آئون هن دنيا جو نہ آهيان. 24تنهنڪري مون چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين نہ مڃيندا تہ آئون اُهو ئي آهيان، تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. 25اُنهن چيس تہ تون ڪير آهين؟ يسوع چين تہ اُهو ئي آهيان، جو اصل کان اوهان کي چوندو آيو آهيان. 26مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو. 27هنن سمجهيو ئي ڪين تہ ڪو پيءُ جي بابت ٿو اسان کي چوي. 28تڏهن يسوع چيو، تہ جڏهن اوهين ابن آدم کي مٿانهين تي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون اُهو ئي آهيان، ۽ پاڻو ڪي ڪين ٿو ڪريان، پر جيئن پيءُ سيکاريو اٿم، تيئن ئي ٿو ٻُڌايان. 29۽ جنهن موڪليو اٿم سو مون ساڻ آهي؛ هن مون کي اڪيلو ڪين ڇڏيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون کيس وڻندڙ آهن، سي ئي آئون هر دم پيو ڪريان. 30تنهن تي گهڻن کيس اهي ڳالهيون ڪندو ٻُڌي مٿس ايمان آندو.
31تڏهن اهي يهودي جن کيس مڃيو هو، تن کي چوڻ لڳو، تہ جي اوهين منهنجي ڪلام تي قائم رهندا، تہ سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو؛ 32۽ اوهان کي سچ جي خبر پوندي، ۽ سچ اوهان کي آزاد ڪندو. 33هنن جواب ڏنس، تہ اسين ابراهيم جو اولاد آهيون، ۽ اڃا تہ ڪنهن جي غلامي ڪانہ ڪئي اٿئون: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ اوهين آزاد ٿيندا. 34يسوع کين جواب ڏنو تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو گناهہ جو غلام آهي. 35۽ غلام هميشہ گهر ۾ نٿو رهي، پر فرزند هميشہ رهي ٿو. 36سو جيڪڏهن فرزند اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا. 37مون کي خبر آهي تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو؛ پوءِ بہ منهنجي مارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سو انهي لاءِ جو منهنجو ڪلام اوهان ۾ نٿو سمائجي. 38جيڪي مون پنهنجي پيءُ وٽ ڏٺو آهي سو چوان ٿو: ۽ اوهان وري جيڪي پنهنجي پيءُ کان ٻُڌو آهي، سو ٿا ڪريو. 39هنن جواب ڏيئي چيس، تہ اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي. يسوع چين تہ جي اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها، تہ هوند ابراهيم جهڙا ڪم ڪريو ها. 40پر مون، جنهن اوهان کي سچ چيو آهي، جو خدا کان ٻُڌو اٿم، تنهن شخص کي مارڻ جي ٿا ڪريو: ابراهيم تہ ائين ڪين ڪيو. 41اوهين پنهنجي پيءُ جا ڪم ٿا ڪريو. انهن چيس تہ اسين حرام مان ڪين ڄاوا آهيون؛ اسان جو هڪڙو ئي پيءُ آهي، يعني خدا. 42يسوع چين تہ جي خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين هوند مون کي پيار ڪريو ها، ڇالاءِ تہ آئون خدا مان نڪري هت آيو آهيان؛ آئون پاڻهي ڪين آيو آهيان پر هن موڪليو اٿم. 43اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نٿا سمجهو؟ ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجو ڪلام ٻُڌڻ نٿا گهُرو. 44اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي. 45پر ڇالاءِ تہ آئون سچ ٿو چوان، تنهنڪري مون تي ايمان نٿا آڻيو. 46اوهان مان ڪير مون تي گناهہ ثابت ٿو ڪري؟ جي آئون سچ ٿو چوان تہ اوهين ڇو نٿا مون تي ايمان آڻيو؟ 47جيڪو خدا وٽان آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ٻُڌي، اوهين انهي ڪري اُهي نٿا ٻُڌو، ڇالاءِ تہ اوهين خدا وٽان نہ آهيو. 48يهودين جواب ڏيئي چيس تہ اسان پوري ڳالهہ ڪين ڪئي آهي، تہ تون سامري آهين، ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟ 49يسوع جواب ڏنو تہ مون ۾ ڀوت ڪونهي، پر آئون پنهنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجي بي عزتي ٿا ڪريو. 50مگر آئون پنهنجي وڏائي نٿو ڳوليان: هڪڙو آهي جو ڳولي ٿو ۽ فيصلو ٿو ڪري. 51آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، تہ اُهو موت اصل ئي ڪين ڏسندو. 52يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو. 53اسان جو ابو ابراهيم، جو مري ويو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ ۽ نبي مري ويا: تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين؟ 54يسوع جواب ڏنو، تہ جيڪڏهن آئون پنهنجي وڏائي ڪريان، تہ منهنجي وڏائي ڪي ڪينهي: منهنجو پيءُ پاڻ منهنجي وڏائي ڪرڻ وارو آهي؛ جنهن جي نالي چئو ٿا تہ هو اسان جو خدا آهي؛ 55اوهان هن کي نہ سڃاتو آهي، پر آئون کيس ڄاڻان ٿو؛ ۽ جيڪڏهن چوان تہ آئون نٿو ڄاڻانس، تہ جيڪر اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيان: پر آئون ڄاڻانس ٿو، ۽ سندس ڪلام تي هلان ٿو. 56اوهان جو ابو ابراهيم منهنجي ڏينهن ڏسڻ جي اُميد تي ڏاڍو خوش هو؛ ۽ هن اُهو ڏٺو، ۽ سرهو ٿيو. 57تنهن تي يهودين چيس تہ تون پنجاهہ ورهين جو بہ ڪين آهين، ۽ تو ابراهيم کي ڏٺو آهي ڇا؟ 58يسوع چين تہ اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ ابراهيم پيدا ٿيو، تنهن کان اڳي آئون آهيان. 59تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.

Pašlaik izvēlēts:

يوحنا 8: SB62

Izceltais

Dalīties

Kopēt

None

Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties