يوحنا 7
7
1۽ هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل ۾ پئي گهُميو: ڇالاءِ تہ مرضي نہ هيس تہ يهوديہ ۾ گهُمان، جو يهودين کيس مارڻ لاءِ پئي وجهہ ڳوليا. 2هاڻي يهودين جي تنبن جي عيد ويجهي هئي. 3تڏهن سندس ڀائر چوڻ لڳس تہ هتان نڪري يهوديہ ۾ وڃ، تہ جيڪي ڪم تون پيو ڪرين، سي تنهنجا شاگرد بہ ڏسن. 4ڇالاءِ تہ ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو جيڪي ڪري سو لڪائي، ۽ پوءِ بہ ڀانئين تہ مشهور ٿيان. جي تون اهي ڪم ٿو ڪرين تہ جهان کي پاڻ پڌرو ڪري ڏيکار. 5ڇوتہ سندس ڀائرن بہ مٿس ايمان ڪونہ آندو هو. 6تڏهن يسوع چين، تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ ٻارهوئي آهي. 7ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن. 8اوهين عيد تي وڃو، منهنجو تہ اڃا انهيءَ عيد تي وڃڻ ڪونهي، جو منهنجو وقت اڃا ڀرجي ڪونہ آيو آهي. 9انهن ڳالهين چوڻ کانپوءِ هو گليل ۾ ئي رهيو پيو هو.
10پر جڏهن سندس ڀائر عيد تي هليا ويا، تڏهن پاڻ بہ ويو، نہ کُليو کُلايو، پر ڄڻ ڳُجهو پالهو. 11تڏهن يهودي عيد تي کيس ڳولڻ لڳا، ۽ پئي چيائون تہ هو ڪٿي آهي؟ 12۽ هن بابت ماڻهن ۾ ڏاڍي سُر پُر هلي: ڪن پئي چيو تہ هو نيڪ ماڻهو آهي: ۽ ٻين پئي چيو تہ نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ٿو ڪري. 13تنهن هوندي بہ يهودين جي ڊپ کان ڪنهن بہ هن بابت کُلي کُلائي ڳالهہ نٿي ڪئي.
14پوءِ جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا، تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو. 15تنهن تي يهودي عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هن کي بنا پڙهڻ ڳڙهڻ جي علم ڪيئن آيو؟ 16پوءِ يسوع جواب ڏيئي چين تہ منهنجي تعليم منهنجي نہ آهي، پر انهي جي آهي جنهن موڪليو اٿم. 17جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان. 18جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي. 19موسيٰ اوهان کي شريعت ڪين ڏني آهي ڇا، تہ بہ اوهان مان ڪو اُنهيءَ شريعت تي نٿو هلي؟ اوهين مون کي مارڻ جي ڇو ٿا ڪريو؟ 20ماڻهن جواب ڏنو تہ تو ۾ ڀوت آهي، ڪير توکي مارڻ جي ٿو ڪري؟ 21يسوع جواب ڏيئي چين، تہ مون هڪڙو ڪم ڪيو، ۽ اوهان مڙني کي حيرت وٺي ويئي آهي. 22انهي سبب موسيٰ اوهان کي ختني جو حڪم ڏنو آهي. (نہ ڪ اُهو موسيٰ کان آهي پر ابن ڏاڏن کان)، ۽ سبت جي ڏينهن اوهين ماڻهوءَ جو ختنو ڪرائيندا آهيو. 23جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو سبت جي ڏينهن ختنو ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جو حڪم نٿو ڀڄي؛ تہ پوءِ مون سان ڇو ڪاوڙيا آهيو، جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن سڄو سارو ڪري ڇڏيو؟ 24منهن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر حقي انصاف ڪريو.
25تڏهن يروشلم جي ماڻهن مان ڪي چوڻ لڳا، تہ هيءُ اُهو نہ آهي جنهن کي مارڻ جي ٿا ڪن؟ 26۽ ڏسو، هو کُليو کُلايو بيٺو ڳالهائي، ۽ اُهي ڪي ڪين ٿا چوَنس. ائين آهي ڇا تہ سردار سچ پچ ڀانئين ٿا تہ هيءُ مسيح آهي؟ 27پر هن جي تہ اسان کي خبر آهي تہ هو ڪٿان جو آهي، مگر جڏهن مسيح ايندو، تڏهن ڪنهن کي بہ خبر ڪانہ رهندي تہ اُهو ڪٿان جو آهي. 28پوءِ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي آواز سان چيو، تہ اوهين مون کي سڃاڻو ٿا، ۽ خبر بہ اٿوَ تہ آئون ڪٿان جو آهيان؛ ۽ آئون پاڻو پاڻ نہ آيو آهيان، پر جنهن موڪليو اٿم، سو سچو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو. 29آئون سڃاڻانس ٿو، ڇالاءِ تہ آئون وٽانئس آهيان، ۽ انهي ئي مون کي موڪليو آهي. 30تنهن تي هو کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس، ڇالاءِ جو اڃا سندس گهڙي ڪانہ آئي هئي. 31پر انهن مان گهڻن مٿس ايمان آندو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ مسيح جڏهن ايندو، تڏهن جيڪي معجزا هن ڪيا آهن، تن کان وڌيڪ ڪندو ڇا؟ 32فريسين ٻُڌو تہ ماڻهو هن جي بابت انهن ڳالهين جي سُر پُر پيا ڪن، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين، حوالدارن کي موڪليو تہ وڃي پڪڙي اچوس. 33تنهن تي يسوع چيو، تہ اڃا ٿوري ساعت آئون اوهان سان آهيان، پوءِ جنهن موڪليو اٿم، تنهن وٽ ويندس. 34اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ ڪين لهندا: ۽ جتي آئون آهيان، اوهين اچي ڪين سگهندا. 35تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟ 36اها ڳالهہ جا ڪيائين، تنهن جي معنيٰ ڇا، تہ اوهين مون کي ڳوليندا ۽ ڪين لهندا، ۽ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين اچي ڪين سگهندا؟
37تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي. 38جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي اندران، جيئن ڪ پاڪ ڪلام ۾ چيل آهي، زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وهنديون. 39پر هن اها ڳالهہ روح بابت ڪئي، جو انهن کي جن مٿس ايمان آندو، ملڻو هو: ڇالاءِ جو روح اڃا نہ مليو هو، انهي ڪري جو يسوع اڃا پنهنجي جلال کي ڪين رسيو هو. 40تنهن تي ماڻهن مان ڪي اهي ڳالهيون ٻُڌي چوڻ لڳا، تہ هيءُ سچ پچ اُهو نبي آهي. 41۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ هيءُ مسيح آهي پر ڪن وري چيو تہ مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟ 42پاڪ ڪلام ۾ ڪين چيل آهي تہ مسيح دائود جي نسل مان، ۽ بيت الحم، جو دائود جو ڳوٺ آهي، تنهن مان ايندو؟ 43تنهن تي هن جي ڪري ماڻهن ۾ اچي جدائي ٿي. 44۽ انهن مان ڪن کيس پڪڙڻ جي ٿي ڪئي، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس.
45تنهن تي حوالدار سردار ڪاهنن ۽ فريسين وٽ موٽي آيا، ۽ اُنهن کين چيو تہ اوهين هن کي ڇو نہ وٺي آيا؟ 46حوالدارن جواب ڏنو تہ ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو. 47تڏهن فريسين کين جواب ڏنو، تہ متان اوهين بہ گمراهہ ٿيو؟ 48ڇا سردارن يا فريسين مان بہ ڪنهن مٿس ايمان آندو آهي؟ 49پر هيءَ خلق جا شريعت نٿي ڄاڻي، سا ئي پِٽيل آهي. 50نيڪديمس (جو اڳي وٽس آيو هو، ۽ انهن مان هڪڙو هو) تنهن چين، 51تہ پهريائين، جيسين ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌي آهي، ۽ نہ خبر پيئي آهي تہ هو ڇا ٿو ڪري، تيسين اسان جي شريعت ڪنهن جي بہ عدالت ڪري ٿي ڇا؟ 52هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون بہ گليل جو آهين ڇا؟ جاچ ڪري ڏس تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻ وارو نہ آهي. 53(۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.)
Pašlaik izvēlēts:
يوحنا 7: SB62
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.