يوحنا 9
9
1۽ جيئن واٽ وٺي پئي ويو تہ هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺائين، جو ڄائي ڄم کان انڌو هو. 2سندس شاگردن پڇيس تہ اي ربي، ڪنهن گناهہ ڪيو، هن ماڻهوءَ يا هن جي ماءُ پيءُ، جو هي انڌو ڄائو؟ 3يسوع جواب ڏنو، تہ نڪي هن گناهہ ڪيو آهي، نڪي هن جي ماءُ پيءُ: پر اهو انهي ڪري ٿيو آهي، تہ خدا جا ڪم هن ۾ پڌرا ٿين. 4جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو. 5جيسين آئون جهان ۾ آهيان، تيسين آئون جهان جو سوجهرو آهيان. 6ائين چئي پٽ تي ڦيڻي وڌائين ۽ ڦيڻيءَ سان مٽي ڳوهي، اکين کي لاتائينس، 7۽ چيائينس اُنهي تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو آهي شيلوخ (يعني موڪليل). پوءِ هو ويو، ۽ وڃي ڌوتائين، ۽ ڏسندو وائسندو آيو. 8تڏهن پاڙيسرين ۽ جن کيس اڳي ڏٺو هو تہ هو فقير هو، سي چوڻ لڳا تہ هيءُ اُهو نہ آهي ڇا، جو ويٺو پنندو هو؟ 9ڪي چوڻ لڳا تہ اُهو ئي آهي، ۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ نہ، پر اُنهي جهڙو آهي. پاڻ چيائين تہ آئون اُهو آهيان. 10تڏهن چوڻ لڳس تہ تنهنجون اکيون ڪيئن کُليون؟ 11هن جواب ڏنو تہ اُهو شخص، جنهن کي يسوع ٿا ڪوٺين، تنهن مٽي ڳوهي منهنجين اکين تي لاتي، ۽ چيائينم تہ شيلوخ ۾ وڃي ڌوءُ: پوءِ آئون ويس، ۽ وڃي ڌوتم، ۽ ڏسڻ وائسڻ لڳس. 12انهن چيو تہ اُهو ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ مون کي خبر ڪانهي.
13پوءِ اُهو جو اڳي انڌو هو، تنهن کي فريسين وٽ وٺي آيا. 14۽ جنهن ڏينهن يسوع مٽي ڳوهي هن جون اکيون کوليون هيون، اُهو سبت جو ڏينهن هو. 15تڏهن وري فريسين بہ پڇيس تہ ڪهڙيءَ طرح تون ڏسڻ وائسڻ لڳين؟ هن چين تہ منهنجين اکين تي مٽي لاتائين، ۽ مون وڃي ڌوتيون، ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو. 16تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو. 17تڏهن وري انهي انڌي کي چوڻ لڳا تہ هن جو تنهنجيون اکيون کوليون آهن، تنهن جي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ هن چيو تہ هو نبي آهي. 18تڏهن يهودين کي اُنهي بابت اعتبار نہ آيو تہ ڪو هو انڌو هو، ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي؛ جيستائين ڪ جنهن ماڻهوءَ جون اکيون کُليون هيون، تنهن جي ماءُ پيءُ کي سڏي نہ پڇيائون 19تہ هيءُ اوهان جو پٽ آهي ڇا، جو چئو ٿا تہ انڌو هو؟ پوءِ هاڻي ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي؟ 20هن جي مائٽن جواب ڏيئي چيو تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هيءُ اسان جو پٽ آهي، ۽ انڌو ڄائو هو: 21پر هاڻي ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي، تنهن جي اسان کي خبر ڪانهي؛ يا ڪنهن سندس اکيون کوليون، سو اسين نٿا ڄاڻون: کانئس پڇو، هو بالغ آهي؛ پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو. 22ائين جو سندس ماءُ پيءُ چيو، سو انهيءَ سببان جو يهودين کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ جو يهودين اڳيئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن ڪو هن کي مسيح ڪري مڃيندو تہ عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏبس. 23تنهنڪري سندس مائٽن چيو تہ هو بالغ آهي، کانئس پڇو. 24تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي. 25تنهن تي هن جواب ڏنو تہ هو گنهگار آهي يا نہ، تنهن جي مون کي خبر ڪانهي: هڪڙيءَ ڳالهہ جي خبر اٿم تہ اڳي انڌو هوس، ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو. 26تڏهن هنن چيو تہ توکي ڇا ڪيائين؟ ڪيئن تنهنجيون اکيون کوليائين؟ 27هن کين جواب ڏنو، تہ اڃا هينئر ٻڌايومانوَ، تہ بہ اوهان ڪين ٻُڌو: وري ڇو ٿا ٻُڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ سندس شاگرد ٿيڻ ٿا گهرو ڇا؟ 28تڏهن اُنهن ڦٽ لعنت ڪري چيس، تہ تون ئي هن جو شاگرد آهين، پر اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آهيون. 29اسان کي خبر آهي تہ خدا، موسيٰ سان ڪلام ڪيو آهي: پر انهي ماڻهوءَ جي اسان کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جو آهي. 30هن جواب ڏيئي چين تہ واهہ، هيءُ بہ هڪڙو عجب، هن منهنجيون اکيون کوليون آهن، تڏهن بہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان جو آهي. 31اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو. 32جهان جي شروعات کان وٺي ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ڪونہ آيو، تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪنهن ڄائي ڄم کان انڌي جون اکيون کوليون. 33جيڪڏهن هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ هجي ها، تہ ڪي بہ ڪري نہ سگهي ها. 34هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين، سو تون ٿو اسان کي سيکارين؟ پوءِ هنن کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
35يسوع ٻُڌو تہ هن کي ڪڍي ڇڏيو اٿن؛ ۽ جڏهن ڳولي لڌائينس تڏهن چيائينس، تہ تون خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻين؟ 36هن جواب ڏيئي چيو، تہ اي خداوند، اُهو ڪير آهي جو آئون مٿس ايمان آڻيان؟ 37يسوع چيس تہ تو اُنهي کي ڏٺو آهي، ۽ اُهوئي آهي جو تو سان بيٺو ڳالهائي. 38تڏهن هن چيو، تہ اي خداوند، آئون ايمان آڻيان ٿو. پوءِ کيس سجدو ڪيائين. 39يسوع چيو تہ آئون هن جهان ۾ عدالت جي لاءِ آيو آهيان، تہ جيڪي نٿا ڏسن سي ڏسي سگهن؛ ۽ جيڪي ڏسن وائسن ٿا سي انڌا ٿين. 40پوءِ اُهي فريسي جي ساڻس هئا، تن اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ اسين بہ انڌا آهيون ڇا؟ 41يسوع چين تہ جيڪڏهن انڌا هجو ها تہ اوهان تي ڏوهہ ڪونہ هجي ها، پر هاڻي جو چئو ٿا تہ اسين ڏسون ٿا، تنهنڪري اوهان تي ڏوهہ قائم آهي.
Pašlaik izvēlēts:
يوحنا 9: SB62
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.