43
يوسف جي ڀائرن جو مصر ڏانهن ٻيو سفر
1ڪنعان ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو. 2جڏهن هنن اهو کاڌو کائي کپائي ڇڏيو جيڪو مصر مان آندو هئائون، تڏهن سندن پيءُ چين تہ ”وري وڃو ۽ اسان جي لاءِ ڪجھہ اناج خريد ڪري اچو.“ 3تڏهن يهوداہ کيس چيو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ اسان کي سختيءَ سان چتاءُ ڏنو هو تہ ’جيڪڏهن اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هجي تہ منهنجي سامهون نہ اچجو.‘ 4سو جيڪڏهن توهين اسان جي ڀاءُ کي اسان سان گڏ موڪليو ٿا تہ پوءِ اسين وڃي اوهان جي لاءِ کاڌو خريد ڪري اينداسين. 5پر جيڪڏهن توهين نہ ٿا موڪليو تہ پوءِ اسين نہ وينداسين، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهوءَ اسان کي چيو هو تہ ’جيڪڏهن اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هجي تہ منهنجي سامهون نہ اچجو.‘“ 6يعقوب چيو تہ ”اوهان مون سان اها جٺ ڇو ڪئي جو هن کي ٻُڌايوَ تہ ’اسان جو ٻيو بہ هڪڙو ڀاءُ آهي.‘“ 7هنن وراڻيو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ اسان کان ورجائي ورجائي اسان ۽ اسان جي خاندان جي باري ۾ پڇيو پئي. هن پڇيو ٿي تہ ’ڇا اوهان جو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ ڇا اوهان جو ٻيو بہ ڪو ڀاءُ آهي؟‘ اسان تہ رڳو هن جي سوالن جا جواب ڏنا. اسان کي ڪهڙي خبر هئي تہ هو چوندو تہ ’وڃي پنهنجي ڀاءُ کي وٺي اچو.‘“ 8پوءِ يهوداہ پنهنجي پيءُ يعقوب کي چيو تہ ”ڇوڪر کي مون سان ڇڏيو تہ اسين اُٿي روانا ٿيون، تہ جيئن اسين، توهين ۽ اسان جا ننڍڙا ٻار مرڻ کان بچون. 9آءٌ هن جو ضامن آهيان. توهين منهنجي ئي هٿان اهو موٽائي وٺجو. جيڪڏهن آءٌ هن کي وري آڻي توهان جي اڳيان حاضر نہ ڪريان تہ پوءِ آءٌ عمر ڀر توهان جو ڏوهاري ٿيندس. 10جيڪڏهن اسين دير نہ ڪريون ها تہ هن وقت تائين اُتان جا ٻہ چڪر لڳائي چڪا هجون ها.“
11تڏهن سندن پيءُ يعقوب کين چيو تہ ”جي ائين آهي تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هيئن ڪريو جو هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجھو ۽ اهي سوکڙيءَ طور وزير اعظم لاءِ کڻي وڃو. تن ۾ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، کؤنر، مُرَ، پستا ۽ باداميون هجن. 12ٻيڻا پئسا بہ پاڻ سان کڻي وڃو، ڇو تہ جيڪي پئسا اوهان جي ٻورن ۾ موٽائي وڌا ويا هئا سي ضرور واپس ڪريو، متان اها ڀُل چُڪ ٿي هجي. 13پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ سان گڏ وٺي جلدي انهيءَ وزير اعظم وٽ موٽي وڃو. 14شال قادرِمطلق خدا انهيءَ کي اوهان تي مهربان ڪري، تہ جيئن هو بنيامين ۽ اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي اوهان سان گڏ ڇڏي ڏئي. باقي جيڪڏهن آءٌ بياولادي ٿيان تہ ٿيان.“
15پوءِ هنن سوکڙيون ۽ ٻيڻا پئسا کنيا ۽ بنيامين کي ساڻ ڪري مصر ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن پاڻ کي يوسف جي اڳيان وڃي حاضر ڪيو. 16جڏهن يوسف بنيامين کي انهن سان گڏ ڏٺو، تڏهن پنهنجي گھر جي منتظم کي چيائين تہ ”هنن ماڻهن کي منهنجي گھر وٺي وڃ ۽ ڪو جانور ڪهي کاڌو تيار ڪر، ڇو تہ اهي منجھند جي ماني مون سان گڏ کائيندا.“ 17سو انهيءَ منتظم ائين ئي ڪيو جيئن کيس حڪم مليو ۽ انهن کي يوسف جي گھر وٺي ويو.
18هاڻي جڏهن کين يوسف جي گھر ۾ آندو ويو تڏهن هو ڊڄي ويا. هنن سوچيو تہ ”انهن پئسن جي ڪري اسان کي هتي وٺي آيا آهن جيڪي پهرئين دفعي اسان جي ٻورن ۾ وڌا ويا هئا. هو ڪو بهانو ڳولي اسان تي حملو ڪندا، اسان کي پنهنجو غلام بڻائيندا ۽ اسان جا گڏهہ بہ اسان کان ڦري وٺندا.“ 19سو هو يوسف جي منتظم جي ويجھو آيا ۽ گھر جي دروازي وٽ چيائونس تہ 20”سائين! اسان جو عرض ٻڌو. اسان پهريائين بہ کاڌو خريد ڪرڻ آيا هئاسين، 21پر جڏهن اسين هڪ جاءِ تي رات جو ترسياسون ۽ پنهنجا ٻورا کولياسون تڏهن ڏٺوسون تہ اسان مان هر ڪنهن جا پئسا، اوتري جا اوترا، سندس ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن. سو اهي اسين موٽائي پاڻ سان کڻي آيا آهيون. 22اسان کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ٻيا بہ پئسا آندا آهن. اسان کي خبر ناهي تہ ڪنهن اسان جا پئسا اسان جي ٻورن ۾ وڌا هئا.“ 23منتظم چين تہ ”اوهين دلجاءِ ڪريو، ڊڄو نہ. ضرور اوهان جي ۽ اوهان جي پيءُ جي خدا ئي اوهان جي ٻورن ۾ خزانو وڌو هوندو. اوهان جا پئسا مون کي ملي چڪا.“ پوءِ هو شمعون کي ڪڍي انهن وٽ وٺي آيو. 24منتظم کين يوسف جي گھر ۾ اندر وٺي آيو. هن کين پاڻي ڏنو تہ جيئن هو پنهنجا پير ڌوئين ۽ سندن گڏهن کي گاهہ داڻو ڏنائين. 25پوءِ انهن اها سوکڙي تيار ڪري رکي تہ منجھند جو جڏهن يوسف اچي تہ کيس ڏجي، ڇو تہ کين ٻڌايو ويو هو تہ ”اوهان جي ماني هتي آهي.“
26جڏهن يوسف گھر ۾ آيو تڏهن اها سوکڙي جيڪا هنن وٽ هئي سا وٽس کڻي آيا ۽ زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون. 27يوسف کين کيڪار ڪئي ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهان جو پيرسن پيءُ ڪيئن آهي جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو هو؟ ڇا هو اڃا جيئرو آهي؟“ 28هنن جواب ڏنو تہ ”توهان جو ٻانهو، اسان جو پيءُ چڱو ڀلو آهي ۽ اڃا حيات آهي.“ پوءِ هو وري هن جي اڳيان جھڪيا. 29جڏهن هن اکيون کڻي نهاريو ۽ پنهنجي سڳي ڀاءُ بنيامين کي ڏٺو، تڏهن چيائين تہ ”اوهان جو ننڍو ڀاءُ هي آهي، جنهن بابت اوهان مون کي ٻڌايو هو؟“ پوءِ هن کي چيائين تہ ”ٻچا، شل خدا تو تي پنهنجو فضل ڪري!“ 30تڏهن اوچتو يوسف تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪمري ۾ گھڙي ويو، ڇو تہ ڀاءُ کي ڏسي دل ڀرجي آيس ۽ ڳوڙها وهڻ تي هئس. ڪمري ۾ وڃي هو رنو. 31پوءِ پنهنجو منهن ڌوئي ٻاهر نڪري آيو ۽ پاڻ کي سنڀالي چيائين تہ ”ماني کڻي اچو.“ 32تڏهن هنن يوسف لاءِ ڌار ۽ انهن ڀائرن لاءِ ڌار ماني آڻي رکي. جيڪي مصري انهيءَ دعوت ۾ شريڪ هئا تن لاءِ بہ ڌار ماني رکي ويئي، ڇو تہ عبرانين سان گڏ کائڻ کي مصري ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڪري سمجھندا هئا. 33جڏهن يوسف جي ڀائرن کي يوسف جي اڳيان ترتيبوار پنهنجي عمر جي ننڍوڏائيءَ مطابق ويهاريو ويو، تڏهن هو عجب ۾ پئجي هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. 34يوسف پاڻ وٽان هنن ڏانهن ٿالهيون ڀري موڪليون، پر بنيامين جي ٿالهيءَ ۾ ٻين کان پنجوڻو حصو هو. اهڙيءَ طرح هنن ساڻس گڏ کاڌو پيتو ۽ خوشي ملهائي.