42
يوسف جي ڀائرن جو مصر ڏانهن وڃڻ
1جڏهن يعقوب کي اها خبر پيئي تہ مصر ۾ اناج ملي ٿو، تڏهن پنهنجي پٽن کي چيائين تہ ”اوهين ڇو ويٺا هڪٻئي جي منهن ڏانهن نهاريو؟“ 2#رس 7:12 وڌيڪ چيائين تہ ”مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اناج آهي. سو اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو تہ جيئن اسان بک وگھي مري نہ وڃون.“ 3تڏهن يوسف جي ڀائرن مان ڏهہ ماٽيلا ڀائر اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ڏانهن ويا. 4پر يعقوب يوسف جي سڳي ڀاءُ بنيامين کي انهن سان گڏ نہ موڪليو، ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان مٿس ڪا مصيبت اچي پوي. 5سو يعقوب جا پٽ بہ اناج خريد ڪرڻ لاءِ ٻين ماڻهن سان گڏ اتي آيا، ڇاڪاڻ تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.
6 يوسف ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ هن ئي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اناج پئي وڪيو. سو يوسف جا ڀائر آيا ۽ اچي يوسف جي اڳيان زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون. 7يوسف پنهنجي ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر نہ سڃاڻڻ وارو نمونو ڪري ساڻن کهرو ڳالهايائين. هن کانئن پڇيو تہ ”ڪٿان ٿا اچو؟“ هنن ورندي ڏني تہ ”اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان ملڪ مان آيا آهيون.“ 8يوسف تہ پنهنجي ڀائرن کي سڃاتو پر هنن کيس نہ سڃاتو. 9#پيد 37:5-10 پوءِ يوسف کي اهي خواب ياد آيا جيڪي هنن جي بابت ڏٺا هئائين. تڏهن کين چيائين تہ ”اوهين جاسوس آهيو ۽ هن ملڪ جي تنگ حالت ڏسڻ آيا آهيو.“ 10پر انهن جواب ڏنو تہ ”نہ آقا! اسين توهان جا غلام کاڌو خريد ڪرڻ آيا آهيون. 11اسين سڀيئي پاڻ ۾ ڀائر آهيون. اسين سچا آهيون. اسين توهان جا غلام جاسوس ناهيون.“ 12يوسف چين تہ ”نہ، اوهين هن ملڪ جي تنگ حالت ڏسڻ آيا آهيو.“ 13هنن وراڻيو تہ ”اسين توهان جا غلام ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ، پاڻ ۾ ٻارهن ڀائر هئاسون. سڀني کان ننڍو هن وقت اسان جي پيءُ وٽ آهي ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.“
14 يوسف چين تہ ”ڳالهہ اها ئي آهي جيڪا مون اوهان کي چئي آهي تہ اوهين جاسوس آهيو. 15هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائجي ٿو، فرعون جي سر جو قسم آهي تہ جيستائين اوهان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو تيستائين اوهين هتان وڃي ڪين سگھندا. 16اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي کيس وٺي اچي. جيستائين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيستائين اوهين ٻيا هتي قيدي ٿي رهو. نہ تہ فرعون جي سر جو قسم آهي تہ اوهين پڪ جاسوس آهيو.“ 17پوءِ هن سڀني کي گڏ ٽن ڏينهن تائين قيد ۾ بند رکيو.
18ٽئين ڏينهن تي يوسف کين چيو تہ ”مون کي خدا جو خوف آهي، سو اوهين جيڪڏهن هيئن ڪندءُ تہ اوهان جي جان بچي ويندي. 19جيڪڏهن اوهين سچا آهيو تہ اوهان مان هڪڙو انهيءَ قيدخاني ۾ رهي ۽ ٻيا اناج کڻي پنهنجن ڏڪاريل گھرن ڏانهن وڃن. 20پوءِ اوهين پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ضرور مون وٽ وٺي اچجو. اهڙيءَ طرح اوهان جي ڳالهہ سچي ثابت ٿيندي ۽ اوهين مرڻ کان بچي ويندا.“ هو ائين ڪرڻ تي راضي ٿيا.
21هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيڪي ڪجھہ اسان پنهنجي ڀاءُ سان ڪيو هو، اڄ انهيءَ جو نتيجو لوڙيون ٿا. جڏهن هن جي دل پيڙجي رهي هئي ۽ اسان کي آزيون نيزاريون ٿي ڪيائين تہ بہ اسان هن جي نہ ٻڌي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هيءَ مصيبت اسان تي آئي آهي.“
22 #
پيد 37:21-22
تڏهن روبن کين وراڻيو تہ ”مون اوهان کي ڪونہ چيو هو تہ ’ڇوڪري سان ظلم نہ ڪريو.‘ پر اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هاڻ انهيءَ جي خون جي پڇا ٿي آهي.“ 23هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ سندن ڳالهہ ٻولهہ يوسف سمجھي رهيو آهي، ڇاڪاڻ تہ يوسف ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ ترجمو ٿي ڪيو. 24يوسف هنن کان پرڀرو وڃي روئڻ لڳو. پوءِ وري وٽن موٽي اچي ساڻن ڳالهايائين. پوءِ هن انهن مان شمعون کي سندن روبرو ٻڌرائي ڇڏيو.
يوسف جي ڀائرن جي ڪنعان ڏانهن واپسي
25 يوسف حڪم ڏنو تہ هنن جي ٻورن ۾ اناج ڀريو وڃي ۽ هر ڪنهن جا پئسا بہ موٽائي سندن ٻوري ۾ وڌا وڃن ۽ کين واٽ جي لاءِ سمر بہ ڏنو وڃي. سو جيئن يوسف چيو تيئن ئي ڪيو ويو.
26پوءِ هنن پنهنجن گڏهن تي اناج لڏيو ۽ اتان روانا ٿيا. 27هو رات جو هڪ جاءِ تي ترسيا. انهن مان هڪڙي ڄڻي پنهنجي گڏهہ کي داڻي ڏيڻ لاءِ جيئن ئي پنهنجو ٻورو کوليو تہ ڇا ڏسي تہ ٻوري جي منهن ۾ سندس پئسا رکيل هئا! 28تڏهن هن پنهنجي ڀائرن کي رڙ ڪري چيو تہ ”ڏسو، ڏسو! منهنجا پئسا تہ موٽائي وڌا اٿن. اهي تہ منهنجي ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن.“ تڏهن هنن جو ساهہ ئي سڪي ويو ۽ ڪنبندي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي خدا اسان سان ڇا ڪيو آهي؟“ 29جڏهن هو ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ پهتا تہ جيڪي ڪجھہ ساڻن وهيو واپريو هو سو کيس ٻڌايائون. 30کيس چيائون تہ ”مصر جي وزير اعظم اسان سان کهرو ڳالهايو ۽ اسان کي انهيءَ ملڪ جا جاسوس ڪري سمجھيائين. 31اسان کيس چيو تہ ’اسين سچا ماڻهو آهيون. اسين جاسوس نہ آهيون. 32اسين هڪڙي ئي پيءُ جا پٽ، پاڻ ۾ ٻارهن ڀائر هئاسون. هڪڙي جو پتو ڪونهي، باقي سڀني کان ننڍو هن وقت ڪنعان جي ملڪ ۾ اسان جي پيءُ وٽ آهي.‘ 33تنهن تي انهيءَ وزير اعظم چيو تہ ’آءٌ تڏهن سمجھندس تہ اوهين سچا آهيو جڏهن اوهين پنهنجو هڪڙو ڀاءُ هتي مون وٽ ڇڏيو، باقي ٻيا پنهنجن ڏڪاريل گھرن لاءِ اناج کڻو ۽ هليا وڃو. 34مگر پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو. تڏهن آءٌ سمجھندس تہ اوهين جاسوس نہ پر سچا آهيو. پوءِ آءٌ اوهان جو ڀاءُ اوهان کي واپس ڪندس ۽ اوهين ڀلي هن ملڪ ۾ وڻج واپار ڪجو.‘“
35پوءِ جڏهن هنن پنهنجا ٻورا خالي ڪيا، تڏهن ڇا ڏسن تہ هر ڪنهن جي پئسن جي ٿيلهي سندس ٻوري ۾ پيئي هئي. پوءِ تہ هو ۽ سندن پيءُ پئسن جون ٿيلهيون ڏسي ڊڄي ويا. 36سندن پيءُ کين چيو تہ ”اوهان مون کي بياولاد ڪندا ٿا وڃو. يوسف هليو ويو، شمعون هليو ويو ۽ هاڻي بنيامين کي بہ وٺي ويندءُ. اهي سڀ سور مون لاءِ ئي آهن.“ 37تڏهن روبن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ بنيامين کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ تون منهنجا ٻئي پٽ ماري ڇڏجانءِ. هن کي منهنجي هٿن ۾ ڏي ۽ آءٌ کيس موٽائي تو وٽ آڻيندس.“ 38پر يعقوب چيو تہ ”منهنجو پٽ اوهان سان اوڏانهن نہ هلندو. هن جو ڀاءُ مري ويو آهي ۽ هو اڪيلو وڃي بچيو آهي. جيڪڏهن رستي ۾ هن تي ڪا آفت اچي پيئي تہ پوءِ اوهين مون پيرسن ماڻهوءَ کي انهيءَ جي غم ۾ قبر داخل ڪندا.“