41
فرعون جو خواب ۽ يوسف جو تعبير
1ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جي بادشاهہ فرعون هڪ خواب لڌو. هن ڏٺو تہ هو پاڻ نيل نديءَ جي ڪپ تي بيٺو آهي. 2اُتي ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون نيل نديءَ مان نڪتيون ۽ گاهہ چرڻ لڳيون. 3انهن جي پٺيان ست ٻيون بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون نڪتيون ۽ نيل نديءَ جي ڪناري تي انهن جي ڀرسان اچي بيٺيون. 4اهي بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون انهن ٺاهوڪين ۽ ٿلهين ستن ڳئن کي ڳڙڪائي ويون. پوءِ فرعون کي جاڳ ٿي ويئي.
5هو وري سمهي پيو ۽ هڪ ٻيو خواب لڌائين. هن ڏٺو تہ ست ان سان ڀريل ٿلها ۽ سٺا سنگ هڪڙي ڪاني مان نڪتا. 6انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل ڦٽي نڪتا. 7اهي سنهڙا ست سنگ انهن ٿلهن ۽ ان سان ڀريل ستن سنگن کي ڳڙڪائي ويا. پوءِ فرعون کي جاڳ ٿي ويئي ۽ سمجھيائين تہ هو خواب ڏسي رهيو هو. 8#دان 2:2 صبح جو هن جي دل گھٻرائڻ لڳي. سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر ۽ ڏاها ماڻهو گھرايا. فرعون انهن کي پنهنجا خواب ٻڌايا پر انهن مان ڪوبہ سندس خوابن جو تعبير نہ ڪري سگھيو.
9تڏهن وڏي ساقيءَ فرعون کي چيو تہ ”اڄ مون کي پنهنجيون خطائون ياد ٿيون پون. 10هڪ دفعي توهان پنهنجن نوڪرن تي ڪاوڙيا هئا. توهان مون کي ۽ وڏي نانوائيءَ کي پهريدارن جي نگران جي گھر ۾ بند ڪرايو هو. 11اُتي اسان ٻنهي ڄڻن ساڳيءَ ئي رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو. انهن خوابن جو تعبير ڌار ڌار هو. 12اُتي اسان سان گڏ هڪڙو عبراني جوان بہ هو جيڪو پهريدارن جي نگران جو نوڪر هو. اسان انهيءَ کي پنهنجا خواب ٻڌايا ۽ هن هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خواب جو تعبير ٻڌايو. 13جيئن هن تعبير ڪيو هو تيئن ئي ٿيو. مون کي منهنجو عهدو موٽي مليو ۽ هن کي ڦاسي ملي.“
14تڏهن فرعون يوسف کي وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو. سو کيس جلد قيدخاني مان آندو ويو. هو سيرب ٺهرائي ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو. 15فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ جو تعبير نہ ٿو ڪري سگھي. پر تنهنجي باري ۾ ٻڌو اٿم تہ تون خوابن جو تعبير ڪري ٿو سگھين.“ 16يوسف فرعون کي ورندي ڏني تہ ”اهو منهنجي هٿ ۾ ناهي، خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.“
17پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون خواب ۾ ڏٺو تہ آءٌ نيل نديءَ جي ڪناري تي بيٺو آهيان. 18ڇا ڏسان تہ ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون نديءَ مان نڪتيون ۽ گاهہ چرڻ لڳيون. 19انهن جي پٺيان وري ست ٻيون ڪمزور، بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون نديءَ مان نڪري آيون. مون اهڙيون بدشڪل ڳئون سڄي مصر جي ملڪ ۾ ڪڏهن ڪونہ ڏٺيون آهن. 20پوءِ اهي ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون پهرين ستن ٿلهين ڳئن کي کائي ويون. 21جڏهن هو انهن کي کائي ويون، تڏهن ائين معلوم ئي ڪونہ ٿي ٿيو تہ ڪو هو انهن جي پيٽ ۾ ويون آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اڃا بہ اهڙيون ئي بدشڪل ٿي لڳيون جهڙيون پهريائين هيون. پوءِ مون کي جاڳ ٿي ويئي. 22مون وري ٻيو خواب لڌو جنهن ۾ ڏٺم تہ هڪڙي ڪاني تي ست سنگ ڀريل ۽ چڱا نڪتا. 23انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل نڪتا. 24اهي سنهڙا سنگ انهن ستن چڱن سنگن کي ڳڙڪائي ويا. مون اها ڳالهہ جادوگرن کي ٻڌائي پر ڪوبہ مون کي انهيءَ جو مطلب سمجھائي نہ سگھيو.“
25تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ ”انهن ٻنهي خوابن جو مطلب ساڳيو ئي آهي. خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي، سو تو کي ڏيکاريو اٿس. 26ست چڱيون ڳئون ست سال آهن ۽ ست چڱا سنگ بہ ست سال آهن، خواب هڪڙو ئي آهي. 27اهي ست ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون جيڪي پوءِ آيون ۽ ست خالي ۽ جھولي جا سڙيل سنگ، سي ڏڪار جا ست سال آهن. 28اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي، يعني خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي سو تو کي ڏيکاريو اٿس. 29سڄي مصر جي ملڪ ۾ ست سال ڏاڍي سڪار جا اچڻ وارا آهن. 30پر انهن کان پوءِ ست سال ڏڪار پوندو. پوءِ اهو سڄو سڪار مصر جي ملڪ ۾ ماڻهن کان وسري ويندو، ڇو تہ ڏڪار ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. 31ملڪ ۾ ايندڙ اهو ڏڪار ايترو تہ سخت هوندو جو انهيءَ سڪار جو ملڪ ۾ نالو نشان ئي نہ رهندو. 32اهو خواب جيڪو تو کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، تنهن جو مطلب آهي تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽ هو جلد ائين ڪندو.
33تنهنڪري هاڻي اوهان کي گھرجي تہ ڪو سمجھو ۽ سياڻو ماڻهو ڳولي هٿ ڪري کيس مصر جي ملڪ تي وزير اعظم مقرر ڪريو. 34فرعون جي اختياريءَ هيٺ هو ملڪ جي مٿان داروغا مقرر ڪري ۽ سڪار وارن ستن سالن دوران سڄي مصر جي ملڪ مان پيداوار جو پنجون حصو اُڳاڙي. 35اهي داروغا انهن اچڻ وارن چڱن سالن دوران سموريون کاڌي جون شيون گڏ ڪن ۽ فرعون جي هٿ هيٺ هر شهر ۾ اناج جا انبار ڪن ۽ انهن جي سنڀال ڪن. 36اُهو ئي اناج مصر ملڪ ۾ ايندڙ ڏڪار جي ستن سالن جي لاءِ ذخيرو هوندو. اهڙيءَ طرح ملڪ تباهہ ٿيڻ کان بچي ويندو.“
يوسف جو وزير اعظم مقرر ٿيڻ
37اها ڳالهہ فرعون ۽ سندس عملدارن کي چڱي نظر آئي. 38سو فرعون پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اسان کي هن کان وڌيڪ سٺو ماڻهو هٿ نہ ايندو، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن ۾ خدا جو روح آهي.“ 39پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”جڏهن تہ خدا تو کي اهو سڀ ڪجھہ سمجھايو آهي، تہ پوءِ تون ئي وڏو سمجھو ۽ سياڻو آهين. 40#رس 7:10 تون منهنجي محلات جو مختيار ٿيءُ. منهنجي سڄي رعيت تنهنجي حڪم موجب هلندي، فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري منهنجو درجو تو کان مٿي هوندو.“ 41پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”آءٌ تو کي مصر جي سڄي ملڪ مٿان وزير اعظم مقرر ڪريان ٿو.“
42 #
دان 5:29
ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس. 43هن کيس پاڻ کان ٻئي درجي واري گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياريائين تہ ”گوڏا کوڙيو! گوڏا کوڙيو!“ اهڙيءَ طرح هن يوسف کي مصر جي سڄي ملڪ تي وزير اعظم مقرر ڪيو.
44پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”آءٌ فرعون آهيان. تنهنجي حڪم کان سواءِ مصر جي سڄي ملڪ ۾ ڪوبہ ماڻهو هٿ پير نہ چوريندو.“ 45فرعون پنهنجي ٻوليءَ ۾ يوسف جو نالو صفناتفعنيح رکيو. هن يوسف جي شادي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات سان ڪرائي. پوءِ يوسف مصر جي سڄي ملڪ جو گشت ڪيو.
46ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو. 47سڪار جي ستن سالن دوران زمين تي تمام جھجھو فصل ٿيو. 48تڏهن يوسف مصر ۾ سڪار وارن ستن ئي سالن جو سمورو اناج گڏ ڪيو ۽ هر قسم جو کاڌو آڻي شهرن ۾ گڏ ڪري رکيائين. جيڪا ٻني جنهن شهر کي ويجھي هئي تنهن جو اناج انهيءَ ويجھي شهر ۾ گڏ ڪري رکيائين. 49اهڙيءَ طرح يوسف سمنڊ جي واريءَ وانگر ايترو تہ گھڻو اناج گڏ ڪيو جو انهيءَ جو حساب رکڻ بہ ڇڏي ڏنائين، ڇاڪاڻ تہ اهو حساب کان ٻاهر هو.
50ڏڪار کان اڳ ۾ يوسف کي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات مان ٻہ پٽ ڄاوا. 51يوسف وڏي جو نالو #41:51 منسي هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”وسارائڻ.“منسي رکيو، جيئن تہ چيائين تہ ”خدا منهنجي سڄي تڪليف ۽ منهنجي پيءُ جو گھر مون کان وسارائي ڇڏيو آهي.“ 52هن ٻئي جو نالو #41:52 افرائيم هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”اولادي ڪرڻ.“افرائيم رکيو، جيئن تہ چيائين تہ ”خدا منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ مون کي وڌايو آهي.“
53پوءِ مصر جي ملڪ ۾ اهي سڪار وارا ست سال اچي پورا ٿيا 54#رس 7:11 ۽ ڏڪار جا ست سال شروع ٿيا، جيئن يوسف چيو هو. ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو، پر مصر جي سڄي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو. 55#يو 2:5 پوءِ جڏهن مصر جا ماڻهو بک ۾ پاهہ ٿيڻ لڳا تڏهن کاڌي لاءِ فرعون وٽ اچي دانهون ڪرڻ لڳا. فرعون انهن کي چيو تہ ”اوهين يوسف وٽ وڃو ۽ جيڪي هو اوهان کي چوي سو ڪريو.“ 56سو جڏهن ڏڪار سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، تڏهن يوسف اناج جا سمورا ڀانڊا کولائي مصرين کي اناج وڪڻڻ لڳو، ڇو تہ سڄي مصر ۾ ڏڪار سخت ٿي ويو هو. 57پوءِ تہ سڄيءَ دنيا جا ماڻهو اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا، ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا ۾ سخت ڏڪار هو.