44
ٻوري ۾ پيالو
1پوءِ يوسف پنهنجي گھر جي منتظم کي حڪم ڏنو تہ ”هنن ماڻهن جي ٻورن ۾ ايترو اناج ڀر جيترو هو کڻي سگھن ۽ هر هڪ ماڻهوءَ جا پئسا سندس ٻوري جي منهن ۾ وجھي ڇڏ. 2منهنجو چانديءَ جو پيالو سڀني کان ننڍي جي ٻوري جي منهن ۾ سندس اناج جي پئسن سميت وجھي ڇڏ.“ سو جيئن يوسف هن کي چيو تيئن ئي ڪيائين. 3پوءِ پرهہ ڦٽيءَ مهل انهن ماڻهن کي سندن گڏهن سوڌو روانو ڪيو ويو. 4جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا تہ يوسف پنهنجي منتظم کي چيو تہ ”اُٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ. جڏهن تون کين پهچين تڏهن چئجان تہ ’اوهان نيڪيءَ جي بدلي بدي ڇو ڪئي آهي؟ اوهان ڇو منهنجي مالڪ جو پيالو چورايو آهي؟ 5هي اهو پيالو آهي، جنهن ۾ منهنجو مالڪ پيئندو آهي ۽ هو فال بہ انهيءَ سان ئي ڏسندو آهي. اوهان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو چڱو نہ ڪيو اٿوَ.‘“
6پوءِ هو وڃي انهن کي پهتو ۽ کين ساڳيا ئي لفظ چيائين. 7تڏهن هنن چيس تہ ”اسان جا آقا! اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا چئو؟ خدا نہ ڪري جو توهان جا ٻانها اهڙو ڪم ڪن. 8اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي پئسا اسان کي پنهنجن ٻورن جي منهن ۾ پيل مليا هئا، سي بہ اسان ڪنعان جي ملڪ مان موٽائي اوهان وٽ آندا، تہ پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو اسين اوهان جي مالڪ جي گھر مان چاندي يا سون چورايون؟ 9سائين، جيڪڏهن اسان مان ڪنهن وٽان بہ اهو نڪري تہ پوءِ ڀلي انهيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ اسين باقي ٻيا بہ پنهنجي آقا جا غلام ٿينداسين.“
10تڏهن هن چين تہ ”چڱو، جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ٿيندو. پر جنهن وٽان اهو نڪرندو سو ئي منهنجو غلام ٿيندو ۽ باقي ٻيا سڀ بيڏوهي ٿيندا.“ 11تڏهن هنن جلد پنهنجا ٻورا لاهي زمين تي رکيا ۽ هر ڪنهن پنهنجو ٻورو کوليو. 12پوءِ يوسف جو منتظم سندن تلاشي وٺڻ لڳو. هو وڏي کان شروع ڪري ننڍي تائين آيو ۽ پيالو بنيامين جي ٻوري مان نڪتو. 13تنهن تي هنن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. پوءِ سڀيئي پنهنجا گڏهہ لڏي موٽي شهر ۾ آيا.
14جڏهن يهوداہ ۽ سندس ڀائر يوسف جي گھر پهتا تہ هو اڃا اتي ئي هو. هو سندس اڳيان زمين تي اچي ڪريا. 15تڏهن يوسف هنن کي چيو تہ ”اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ڇا اوهان کي خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ذريعي سڀ ڪجھہ معلوم ڪري ٿو سگھي؟“ 16تنهن تي يهوداہ چيو تہ ”اسين پنهنجي آقا کي ڇا چئون ۽ ڇا ڳالهايون؟ ڪيئن اسين پنهنجي صفائي پيش ڪريون؟ خدا اوهان جي ٻانهن جي برائي پڪڙي ورتي. هاڻي اسين ۽ اهو بہ، جنهن وٽان پيالو نڪتو آهي سي سڀ پنهنجي آقا جا غلام آهيون.“ 17تڏهن يوسف چيو تہ ”خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان. جنهن ماڻهوءَ وٽان منهنجو پيالو نڪتو آهي سو ئي منهنجو غلام ٿيندو. باقي اوهين ٻيا صحيح سلامت پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو.“
بنيامين لاءِ يهوداہ جو ليلائڻ
18يهوداہ يوسف جي ويجھو اچي چيو تہ ”اي منهنجا آقا! پنهنجي ٻانهي کي اجازت ڏيو تہ پنهنجي آقا سان ڪا ڳالهہ ڪري ۽ اوهان جي ڪاوڙ اوهان جي ٻانهي تي ڀڙڪو نہ کائي، ڇو تہ اوهين بہ مصر جي بادشاهہ جهڙا ئي آهيو. 19منهنجا آقا، اوهان اسان کان پڇيو هو تہ آيا اسان کي پيءُ ۽ ڪو ٻيو ڀاءُ بہ آهي؟ 20اسان پنهنجي آقا کي جواب ڏنو هو تہ ’اسان کي پيرسن پيءُ آهي. کيس پيريءَ ۾ ڄاول هڪڙو ننڍو پٽ بہ آهي، جنهن جو ڀاءُ مري ويو آهي ۽ ماءُ کي اهو هڪڙو ئي وڃي بچيو آهي. پڻس مٿس ساهہ صدقي ويندو آهي.‘ 21تڏهن اوهان پنهنجن ٻانهن کي چيو هو تہ ’انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچو تہ آءٌ کيس ڏسان.‘ 22تنهن تي اسان پنهنجي آقا کي چيو هو تہ ’اهو ڇوڪرو پنهنجي پيءُ کي ڇڏي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ پڻس مري ويندو.‘ 23پر اوهان پنهنجن ٻانهن کي چيو هو تہ ’جيستائين اوهين پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پاڻ سان نہ آڻيندا، تيستائين اوهين منهنجي سامهون نہ اچجو.‘
24جڏهن اسين تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ وياسين تڏهن جيڪي ڪجھہ اسان جي آقا چيو هو سو کيس ٻڌايوسون. 25پوءِ اسان جي پيءُ چيو تہ ’اوهين وري وڃو ۽ اسان جي لاءِ ڪجھہ کاڌو خريد ڪري اچو.‘ 26پر اسان چيو تہ ’اسين ائين وڃي نہ ٿا سگھون. جيڪڏهن اسان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ اسان سان هلندو تہ پوءِ اسين وينداسين، ڇاڪاڻ تہ جيستائين اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان سان نہ هوندو، تيستائين اسين انهيءَ ماڻهوءَ جي سامهون وڃي نہ سگھنداسين.‘ 27تڏهن اوهان جي ٻانهي منهنجي پيءُ اسان کي چيو تہ ’اوهان کي خبر آهي تہ منهنجيءَ زال راخل کي مون مان ٻہ ئي پٽ ڄاوا. 28انهن مان هڪڙو تہ مون کي ڇڏي هليو ويو. مون چيو تہ هن کي ضرور ڪنهن جھنگلي جانور ڦاڙي کائي ڇڏيو هوندو، ڇو تہ وري کيس ڪونہ ڏٺو اٿم. 29جيڪڏهن اوهين هن کي بہ مون وٽان وٺي ويندا ۽ مٿس ڪا آفت آئي تہ پوءِ اوهين مون پيرسن ماڻهوءَ کي انهيءَ غم ۾ قبر داخل ڪندا.‘
30-31سو هاڻي جيڪڏهن آءٌ اوهان جي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ ڇوڪر اسان سان نہ هوندو تہ جڏهن منهنجو پيءُ، جنهن جو هن ڇوڪر ۾ ساهہ آهي، سو ڏسندو تہ ڇوڪر اسان سان ڪونهي تڏهن هو مري ويندو. پوءِ اسين توهان جا ٻانها پنهنجي پيرسن پيءُ اوهان جي ٻانهي کي انهيءَ غم ۾ قبر داخل ڪنداسون. 32ٻي ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ اوهان جو ٻانهو انهيءَ ڇوڪر جي لاءِ پنهنجي پيءُ وٽ ضامن پيو هئس. مون کيس چيو هو تہ ’جيڪڏهن آءٌ هن کي موٽائي توهان وٽ نہ آڻيان تہ پوءِ آءٌ عمر ڀر توهان جو ڏوهاري ٿيندس.‘ 33تنهنڪري هاڻي منهنجو عرض آهي تہ آءٌ اوهان جو ٻانهو هن ڇوڪر جي عيوض پنهنجي آقا جو غلام ٿي رهان ۽ ڇوڪر پنهنجي ڀائرن سان موٽي وڃي. 34انهيءَ سبب جو جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ پوءِ آءٌ ڪهڙو منهن کڻي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ خدا نہ ڪري جو مون کي اها مصيبت ڏسڻي پوي جيڪا منهنجي پيءُ تي ايندي.“