پيدائش 37

37
يوسف جا خواب
1 يعقوب ڪنعان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو جتي سندس پيءُ پرديسي ٿي گذاريو هو. 2يعقوب جي گھر ٻار جو احوال هن ريت آهي.
يوسف جڏهن سترهن سالن جو هو تڏهن پنهنجي ڀائرن، جيڪي سندس پيءُ جي ٻين زالن بلهاہ ۽ زِلفاہ جا پٽ هئا، تن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو. هو انهن جون خراب ڳالهيون پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو. 3يعقوب پنهنجي ٻين سڀني پٽن کان وڌيڪ يوسف سان پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ اهو پوڙهپ ۾ ڄائو هئس. هن کيس هڪڙو خاص رنگارنگي ڪڙتو بہ ٺهرائي ڏنو هو. 4جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ ٻين سڀني ڀائرن کان وڌيڪ هن سان پيار ڪري ٿو، تڏهن اهي يوسف کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ کيس سلام بہ ڪين ڪندا هئا.
5هڪ دفعي يوسف هڪڙو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي وڃي ٻڌايائين. تڏهن اهي ويتر وڌيڪ کانئس نفرت ڪرڻ لڳا. 6هن کين چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي سو ٻڌو. 7اسان ٻنيءَ ۾ گڏا پئي ٻڌا تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا ان جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ ان جي اڳيان جھڪيا.“ 8تڏهن ڀائرن چيس تہ ”واقعي تون اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا واقعي اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟“ سو هو سندس خوابن ۽ هن جي ڳالهين جي ڪري کانئس اڃا بہ وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا. 9پوءِ يوسف هڪڙو ٻيو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي ٻڌائيندي چيائين تہ ”ٻڌو، مون هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي جنهن ۾ سج، چنڊ ۽ يارهن تارا منهنجي اڳيان اچي جھڪيا.“ 10جڏهن هن اهو خواب پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي ٻڌايو تڏهن پڻس ڇينڀ ڏيئي چيس تہ ”هي تو ڪهڙو خواب لڌو آهي؟ ڇا واقعي آءٌ، تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر اچي تنهنجي اڳيان جھڪنداسين؟“ 11#رس 7‏:9 سو سندس ڀائر تہ ساڙ ۾ سڙي ويا پر پڻس اها ڳالهہ پنهنجيءَ دل ۾ رکي ڇڏي.
يوسف جو پنهنجي ڀائرن هٿان وڪامجڻ
12هڪ ڏينهن جڏهن سندس ڀائر پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ لاءِ سڪم ڏانهن ويا، 13تہ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ چاري رهيا هوندا. آءٌ تو کي اوڏانهن موڪلڻ ٿو چاهيان.“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ حاضر آهيان.“ 14تڏهن هن چيس تہ ”وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر ۽ ڌڻ خيريت سان آهن. پوءِ موٽي اچي مون کي ٻڌاءِ.“ سو يعقوب يوسف کي حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيو.
جڏهن يوسف سڪم ۾ پهتو 15تہ هڪڙي ماڻهوءَ کيس جھنگ ۾ رلندي ڏٺو، سو هن کانئس پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڳولين؟“ 16يوسف وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن کي ٿو ڳوليان. جيڪڏهن خبر هجيئي تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ اهي پنهنجا ڌڻ ڪٿي ٿا چارين؟“ 17تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ٻڌايس تہ ”اهي هتان هليا ويا آهن. مون کين ائين چوندي ٻڌو هو تہ ’هلو تہ دوتان ڏانهن هلون.‘“
پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن جي پٺيان ويو ۽ دوتان ۾ وڃي کين لڌائين. 18هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو. هو اڃا پري ئي هو تہ هنن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. 19هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اِجھو، اچيوَ ٿو خوابن لهڻ وارؤ! 20سو هاڻي اچو تہ کيس ماري ڪنهن کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيون. پوءِ چونداسين تہ ڪو جھنگ جو جانور کائي ويو اٿس. پوءِ ڏسنداسين تہ هن جي خوابن جو ڇا ٿو ٿئي.“
21جڏهن روبن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن يوسف کي هنن جي هٿان بچائڻ خاطر کين چيائين تہ ”اسين هن کي قتل نہ ڪريون. 22اسين سندس رت نہ وهايون، پر هتي هن رڻ‌پٽ ۾ جيڪو کوهہ آهي تنهن ۾ کڻي اڇلايونس. کيس وڌيڪ هٿ نہ لايون.“ روبن چاهيو ٿي تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي واپس سندس پيءُ وٽ پهچائي. 23سو جڏهن يوسف پنهنجي ڀائرن وٽ پهتو تڏهن جيڪو رنگارنگي ڪڙتو پاتل هئس سو هنن لاهي ورتس. 24پوءِ انهن کيس کوهہ ۾ کڻي اڇلايو. اهو کوهہ بلڪل سڪل هو.
25پوءِ هو ماني کائڻ ويهي رهيا. تڏهن اوچتو اکيون کڻي نهاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اسماعيل قبيلي وارن جو هڪڙو قافلو جِلعاد کان ايندو نظر آين. انهن جا اٺ مصالحن، سرهاڻين ۽ مُرَ سان لڏيل هئا. اسماعيل قبيلي وارا اهو سامان مصر ڏانهن کنيو ٿي ويا. 26تڏهن يهوداہ پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اسين پنهنجي ڀاءُ کي ماري ڇڏيون ۽ سندس خون لڪائي ڇڏيون تہ انهيءَ مان اسان کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ 27اچو تہ هن کي اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ پاڻ وڌيڪ هٿ نہ لايونس. آخرڪار هو اسان جو ڀاءُ آهي، اسان جو هڏ رت آهي.“ يهوداہ جي ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي. 28#رس 7‏:9 پوءِ جڏهن اهي مدياني سوداگر اتان اچي لانگھائو ٿيا تہ يوسف جي ڀائرن يوسف کي کوهہ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ #37‏:28 چانديءَ جي ويهن سڪن اٽڪل ٻہ سؤ گرام چاندي.چانديءَ جي ويهن سڪن تي کيس وڪڻي ڇڏيائون. اهي سوداگر يوسف کي مصر ڏانهن وٺي هليا ويا.
29جڏهن روبن موٽي کوهہ وٽ آيو ۽ جيئن جو ڏٺائين تہ يوسف تہ منجھس آهي ئي ڪونہ! تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. 30هو پنهنجي ڀائرن وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ ”ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟“ 31تڏهن هنن يوسف جو ڪڙتو کنيو ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي سندس رت ۾ اهو ڪڙتو ٻوڙيائون. 32پوءِ هنن اهو رنگارنگي ڪڙتو پنهنجي پيءُ وٽ آندو ۽ چيائونس تہ ”اسان هي لڌو آهي. جاچي ڏس تہ هي تنهنجي پٽ جو ڪڙتو تہ ڪونهي؟“ 33يعقوب اهو ڪڙتو سڃاتو ۽ چيائين تہ ”هي تہ منهنجي پٽ جو ڪڙتو آهي. ڪو جھنگلي جانور کائي ويو اٿس. يوسف پڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي.“ 34پوءِ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. هن کٿو گوڏ ڪري ٻڌو ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ سوڳ ڪندو رهيو. 35سندس سمورا پٽ ۽ ڌيئر چپ ڪرائڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس پر کيس آٿت نہ ٿي آئي. هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ روئندو پٽيندو پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس.“ اهڙيءَ طرح هو يوسف جي لاءِ روئندو رهيو. 36انهيءَ وچ ۾ مديانين يوسف کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو #37‏:36 فرعون هي مصر ملڪ جي بادشاهن جو لقب هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ فرعون جي عملدارن مان هو ۽ پهريدار سپاهين جو سالار هو.

Jelenleg kiválasztva:

پيدائش 37: MSB

Kiemelés

Megosztás

Másolás

None

Szeretnéd, hogy a kiemeléseid minden eszközödön megjelenjenek? Regisztrálj vagy jelentkezz be