پيدائش 38

38
يهوداہ ۽ تمر
1انهن ڏينهن ۾ يهوداہ پنهنجي ڀائرن کي ڇڏي حيرہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي رهڻ لڳو، جيڪو عدُولام شهر ۾ رهندو هو. 2اتي هن سوع نالي هڪڙي ڪنعانيءَ جي ڌيءَ ڏٺي. يهوداہ انهيءَ سان شادي ڪئي. 3هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس. يهوداہ انهيءَ جو نالو عير رکيو. 4هوءَ وري پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس، جنهن جو نالو اونان رکيائين. 5هن کي وري بہ هڪڙو پٽ ڄائو جنهن جو نالو شيلاہ رکيائين. جڏهن اهو پٽ ڄايس تڏهن هوءَ ڪزيب ۾ رهندي هئي.
6يهوداہ پنهنجي وڏي پٽ عير کي زال پرڻائي جنهن جو نالو تمر هو. 7پر عير جا افعال خداوند جي نظر ۾ بد هئا. تنهنڪري خداوند هن کي ماري ڇڏيو. 8تڏهن يهوداہ پنهنجي پٽ اونان کي چيو تہ ”پنهنجي ڀاڄائيءَ سان ڏير جو فرض ادا ڪر تہ جيئن تنهنجي ڀاءُ جو نسل جاري رهي.“ 9اونان ڄاتو ٿي تہ ”اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو،“ تنهنڪري هو جڏهن بہ پنهنجي ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو تڏهن مني هيٺ هاري ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ٿي پوي. 10هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ سٺو ڪونہ هو سو خداوند هن کي بہ ماري ڇڏيو. 11تڏهن يهوداہ پنهنجي نُنهن تمر کي چيو تہ ”جيستائين منهنجو پٽ شيلاہ وڏو ٿئي تيستائين پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رن‌زال ٿي گذار،“ ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان شيلاہ بہ پنهنجي ڀائرن وانگر مري وڃي. سو تمر پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وڃي رهڻ لڳي.
12ڪجھہ عرصي کان پوءِ يهوداہ جي زال، جيڪا سوع جي ڌيءَ هئي سا مري ويئي. پوءِ جڏهن يهوداہ جو غم لٿو تڏهن هو پنهنجي عدُولامي دوست حيرہ سان گڏجي تِمناہ شهر ۾ پنهنجي رڍن جي اُن ڪترڻ وارن وٽ ويو. 13ڪنهن ماڻهوءَ تمر کي ٻڌايو تہ ”تنهنجو سهرو تِمناہ ڏانهن پنهنجي رڍن جي اُن ڪترڻ ٿو وڃي.“ 14تمر سوچيو پئي تہ ”جيتوڻيڪ منهنجو ڏير شيلاہ وڏو ٿي ويو آهي، تنهن هوندي بہ منهنجي شادي هن سان نہ ڪرائي ويئي آهي.“ سو هن پنهنجا رنن‌زالن وارا ڪپڙا لاٿا ۽ چادر سان پاڻ کي ويڙهي سيڙهي عينيم ڳوٺ جي دروازي وٽ اچي ويٺي جيڪو تِمناہ شهر جي رستي تي هو. 15پوءِ جڏهن يهوداہ هن جو منهن ڍڪيل ڏٺو تڏهن سمجھيائين تہ ”هيءَ ڪا بازاري عورت آهي.“ 16جيئن تہ يهوداہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڪا سندس نُنهن آهي، سو هو واٽ تان ڦري وٽس ويو ۽ چيائينس تہ ”اچ مون سان گھڙي پلڪ گذار.“ تمر چيس تہ ”تون مون کي ڇا ڏيندين؟“ 17يهوداہ جواب ڏنس تہ ”آءٌ پنهنجي ڌڻ مان هڪڙو ڇيلو تو ڏانهن موڪليندس.“ هن چيس تہ ”جيستائين تون اهو موڪلين تيستائين ڪا شيءِ گروي رکي وڃ.“ 18يهوداہ چيس تہ ”ڪهڙي شيءِ گروي رکان؟“ انهيءَ وراڻيو تہ ”پنهنجي منڊي، ان جي ڏوري ۽ لٺ جيڪا هٿ ۾ اٿيئي.“ تنهن تي هن اهي شيون انهيءَ کي ڏنيون ۽ وڃي ساڻس ستو. تڏهن هوءَ منجھانئس پيٽ سان ٿي. 19پوءِ هوءَ اتان اُٿي گھر هلي ويئي ۽ چادر لاهي پنهنجا رنن‌زالن وارا ڪپڙا پائي ڇڏيائين.
20بعد ۾ يهوداہ انهيءَ عورت وٽان گروي رکيل شيون موٽائي اچڻ لاءِ پنهنجي عدُولامي دوست حيرہ سان ڇيلو ڏياري موڪليو. پر هو انهيءَ کي لهي نہ سگھيو. 21تڏهن اتي جي رهاڪن کان پڇا ڪيائين تہ ”جيڪا ڪسبياڻي رستي جي ڀرسان عينيم وٽ ويهندي هئي سا ڪٿي آهي؟“ هنن چيو تہ ”هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانهي.“ 22سو هو موٽي يهوداہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مون کان تہ اُها ڪانہ لڌي، بلڪ اتي جي ماڻهن چيو تہ ’هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانهي.‘“ 23تڏهن يهوداہ چيو تہ ”اهي شيون ڀلي هوءَ پاڻ وٽ رکي، نہ تہ اسين متان کلڻ‌هاب ٿي پئون. بهرحال مون تہ تو سان هن ڏانهن ڇيلو ڏياري موڪليو هو پر تون کيس لهي نہ سگھئين.“
24اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ يهوداہ کي ٻڌايو تہ ”تنهنجي نُنهن تمر ڪسبياڻيءَ وارو ڪم ڪيو آهي ۽ پيٽ ٿي پيو اٿس.“ تڏهن يهوداہ چيو تہ ”ٻاهر وٺي اچوس تہ کيس ساڙيو وڃي.“ 25جڏهن کيس ٻاهر آندو ٿي ويو تڏهن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن تنهن مان آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان.“ وڌيڪ چيائين تہ ”مهرباني ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جي آهي.“ 26يهوداہ اهي شيون سڃاتيون ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ بلڪ هوءَ حق تي آهي، ڇوجو مون هن کي پنهنجي پٽ شيلاہ سان نہ پرڻايو.“ انهيءَ کان پوءِ يهوداہ ساڻس وري نہ ستو.
27جڏهن انهيءَ جي ويم جي مهل ٿي تہ خبر پيئي تہ سندس پيٽ ۾ جاڙا ٻار آهن. 28ويم مهل جڏهن هڪڙي ٻار جو هٿ ٻاهر نڪتو تہ دائيءَ هن جي ويڻيءَ ۾ لال ڳاڙهو ڌاڳو ٻڌي ڇڏيو ۽ چيائين تہ ”هي پهريائين ٻاهر نڪتو آهي.“ 29پر هن پنهنجو هٿ وري اندر ڇڪي ورتو، ايتري ۾ سندس ڀاءُ نڪري آيو. تنهن تي دائيءَ چيو تہ ”تون ڪٿان ڦٽي نڪتين!“ انهيءَ ڪري سندس نالو #38‏:29 فارص عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”ڦٽي نڪرڻ.“فارص رکيو ويو. 30تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄائو جنهن جي ويڻيءَ ۾ لال ڳاڙهو ڌاڳو ٻڌل هو ۽ انهيءَ جو نالو زارح رکيائون.

Jelenleg kiválasztva:

پيدائش 38: MSB

Kiemelés

Megosztás

Másolás

None

Szeretnéd, hogy a kiemeléseid minden eszközödön megjelenjenek? Regisztrálj vagy jelentkezz be