پيدائش 36

36
عيسوءَ جو اولاد
(1.تواريخ 1‏:34‏-37)
1عيسو جنهن کي ادوم بہ چيو ويندو آهي تنهن جو اولاد هي آهي. 2#پيد 26‏:34 عيسوءَ هنن ڪنعاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي هئي: عدہ جيڪا اَيلون حِتيءَ جي ڌيءَ هئي، اهليباماہ جيڪا عَيناہ جي ڌيءَ ۽ صِبعون حِويءَ جي پوٽي هئي، 3#پيد 28‏:9 ۽ بشامہ جيڪا اسماعيل جي ڌيءَ ۽ نبايوت جي ڀيڻ هئي. 4عدہ کي عيسوءَ مان اليفز ۽ بشامہ کي رعوايل ڄائو. 5اهليباماہ کي يعوش، يعلام ۽ قورح ڄاوا. اهي عيسوءَ جا پٽ آهن جيڪي کيس ڪنعان جي ملڪ ۾ ڄاوا.
6عيسوءَ پنهنجيون زالون، پٽ، ڌيئرون ۽ پنهنجي گھراڻي جا سڀ ماڻهو، پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ پنهنجي سموري ملڪيت، جا ڪنعان ملڪ ۾ گڏ ڪئي هئائين سا کڻي پنهنجي ڀاءُ يعقوب کان پري ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 7سندن مال ملڪيت ايتري تہ گھڻي ٿي ويئي هئي جو هو گڏ رهي نہ ٿي سگھيا. هو جنهن هنڌ رهيل هئا اتي گھڻي چوپائي مال جي ڪري سندن گذارو ٿي ڪين ٿي سگھيو. 8انهيءَ ڪري عيسو، جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو سو وڃي سعير جي جابلو علائقي ۾ رهڻ لڳو.
9انهيءَ جابلو علائقي جي رهاڪو ادومين جي پيءُ عيسوءَ جو اولاد هي آهي. 10عيسوءَ جي پٽن جا نالا هي آهن: سندس پهرينءَ زال عدہ مان اليفز ۽ ٻي زال بشامہ مان رعوايل پيدا ٿيو. 11اليفز جا پٽ هي آهن: تيمان، اومار، صفو، جعتام ۽ قنز. 12عيسوءَ جي پٽ اليفز کي تِمنع نالي سريت هئي، جنهن مان کيس عماليق نالي هڪ پٽ ڄائو. اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا. 13رعوايل جا پٽ هي آهن: نحت، زارح، شماہ ۽ مِزہ. اهي آهن عيسوءَ جي زال بشامہ جا پوٽا. 14عيسوءَ جي زال اهليباماہ جيڪا عَيناہ جي ڌيءَ ۽ صِبعون جي پوٽي هئي، تنهن مان عيسوءَ کي يعوش، يعلام ۽ قورح نالي پٽ ڄاوا.
15عيسوءَ جي اولاد مان هي قبيلا ٿيا. عيسوءَ جي وڏي پٽ اليفز جا پٽ جن جي نالن جي پٺيان ادوم جي ملڪ ۾ پوءِ قبيلا ٿيا، سي هي آهن: تيمان، اومار، صفو، قنز، 16قورح، جعتام ۽ عماليق. اهي سڀ عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا هئا. 17جيڪو اولاد عيسوءَ جي پٽ رعوايل مان پيدا ٿيو جن جي نالن جي پٺيان ادوم ۾ پوءِ قبيلا ٿيا، سي هي آهن: نحت، زارح، شماہ ۽ مِزہ. اهي عيسوءَ جي زال بشامہ جا پوٽا هئا. 18عيسوءَ جي زال عَيناہ جي ڌيءَ اهليباماہ جا پٽ جن جي نالن جي پٺيان پوءِ قبيلا ٿيا، سي هي آهن: يعوش، يعلام ۽ قورح. 19عيسو جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو تنهن جو اولاد ۽ سندن نالن پٺيان قبيلا اهي ئي آهن.
سعير حوريءَ جو اولاد
(1.تواريخ 1‏:38‏-42)
20حوري قبيلي وارا جيڪي سعير جو اولاد هئا ۽ ادوم جي علائقي ۾ رهندا هئا سي هي آهن: لوطان، شوبال، صِبعون، عَيناہ، 21دِشون، ايصر ۽ ديشان. انهيءَ علائقي ۾ سعير حوريءَ جي اولاد مان انهن جي ئي نالن پٺيان پوءِ قبيلا ٿيا.
22لوطان کي حوري ۽ هيمام نالي ٻہ پٽ هئا ۽ تِمنع سندس ڀيڻ هئي.
23شوبال جا پٽ هي آهن: علوان، مانحت، عيبال، شفو ۽ اونام.
24صِبعون جا پٽ هي آهن: آيہ ۽ عَيناہ. هي عَيناہ اهو آهي جنهن پنهنجي پيءُ صِبعون جا گڏهہ چاريندي جھنگ ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما لڌا هئا. 25عَيناہ جا ٻار هي آهن: دِشون ۽ سندس ڌيءَ اهليباماہ. 26دِشون جا پٽ هي آهن: حمدان، اشبان، يتران ۽ ڪران.
27ايصر جا پٽ هي آهن: بِلهان، زعوان ۽ عقان.
28ديشان جا پٽ هي آهن: عُوض ۽ اران.
29‏-30ادوم جي علائقي ۾ حورين جا قبيلا هي آهن: لوطان، شوبال، صِبعون، عَيناہ، دِشون، ايصر ۽ ديشان.
ادوم ملڪ جا بادشاهہ
(1.تواريخ 1‏:43‏-54)
31بني اسرائيل جي ڪنهن بادشاهہ جي حڪومت هلائڻ کان اڳ جن بادشاهن ادوم جي ملڪ تي بادشاهي ڪئي سي هي آهن: 32بعور جي پٽ بلع ادوم تي بادشاهي ڪئي. سندس شهر جو نالو دِنهاباہ هو. 33بلع جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بُصراہ واري زارح جي پٽ يوباب بادشاهي ڪئي. 34يوباب جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي تيمانين جي علائقي واري حُشام بادشاهي ڪئي. 35حُشام جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بدد جي پٽ هدد، جنهن موآب ملڪ ۾ مديانين کي هارايو هو تنهن بادشاهي ڪئي ۽ سندس شهر جو نالو عويت هو. 36هدد جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي مسرقہ واري سملاہ بادشاهي ڪئي. 37سملاہ جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي شائول، جيڪو فرات نديءَ جي ڪناري واري شهر رحوبوت‌عير جو ويٺل هو تنهن حڪومت ڪئي. 38شائول جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي عڪبور جي پٽ بعل‌حانان بادشاهي ڪئي. 39بعل‌حانان جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي هدر بادشاهي ڪئي. هدر جي شهر جو نالو پاعو هو ۽ سندس زال جو نالو مهيطب‌ايل هو، جيڪا مطرد جي ڌيءَ ۽ ميَ‌زاهاب جي ڏوهٽي هئي.
40‏-43عيسو ادومين جو وڏو هو. هن جي اولاد جن جي نالن پٺيان پوءِ قبيلا ٿيا، تن جا نالا هي آهن: تِمنع، علوہ، يتيت، اهليباماہ، ايلاہ، فينون، قنز، تيمان، مبصار، مجدي‌ايل ۽ عرام. جيڪي علائقا انهن قبيلن پنهنجي پنهنجي قبضي ڪيا، سي انهن جي نالن پٺيان سڏيا ويا.

Jelenleg kiválasztva:

پيدائش 36: MSB

Kiemelés

Megosztás

Másolás

None

Szeretnéd, hogy a kiemeléseid minden eszközödön megjelenjenek? Regisztrálj vagy jelentkezz be