YouVersion logo
Ikona pretraživanja

يوحنا 21

21
ستن چيلن کي درشن ڏيڻ
1ان کان پوءِ يسوع وري پنهنجي چيلن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي درشن ڏنو. اهو هن طرح ٿيو. 2جڏهن شمعون پطرس، توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، گليل جي قانا ڳوٺ وارو نٿن‌ايل، زبديءَ جا ٻہ پٽ ۽ ٻہ ٻيا بہ چيلا پاڻ ۾ گڏ ويٺا هئا، 3#لو 5‏:5 تڏهن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنهن تي ٻين چيلن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا هلون.“ پوءِ اهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پر انهيءَ رات ڪابہ مڇي هٿ نہ لڳن. 4جڏهن ڏينهن ٿيڻ تي هو تہ يسوع اچي ڪناري تي بيٺو، پر چيلن نہ سڃاتو تہ هو ڪو يسوع آهي. 5پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اي جوانؤ! ڇا اوهان کي ڪجھہ مليو؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“ 6#لو 5‏:6 هن انهن کي چيو تہ ”پنهنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي وجھو تہ اوهان کي ڪجھہ ملندو.“ تنهن تي انهن ڄار پاڻيءَ ۾ وڌو ۽ ايتريون تہ مڇيون اچي ڦاٿيون جو اهي ڇڪي بہ نہ پيا سگھن. 7پوءِ انهيءَ چيلي جنهن سان يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ پرڀو آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو پرڀو آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو. 8پر ٻيا چيلا ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين هئا، اٽڪل هڪ سؤ ميٽر پري هئا. 9جڏهن اهي سڪيءَ تي پهتا تہ هنن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي روٽي بہ رکيل هئي. 10پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون هينئر ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“ 11تنهن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ اهو ڄار سڪيءَ تي گهلي آيو، جيڪو هڪ سؤ ٽيونجاهہ وڏين مڇين سان ڀريل هو. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون هيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو. 12پوءِ يسوع کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر چيلن مان ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو کانئس پڇي تہ ”اوهين ڪير آهيو؟“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو پرڀو ئي آهي. 13پوءِ يسوع روٽي کڻي انهن کي ڏني ۽ کين مڇي بہ ڏنائين. 14اهو ٽيون دفعو هو جو يسوع پنهنجي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ چيلن کي درشن ڏنو هو.
منهنجي رڍن کي چار
15جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن يسوع شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“ 16وري ٻيو دفعو يسوع هن کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”منهنجي رڍن جي سنڀال ڪج.“ 17وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار. 18آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“ 19هن چوڻ مان يسوع جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح سنسار مان لاڏاڻو ڪري ايشور جي جوت ظاهر ڪندو. پوءِ يسوع چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“
يسوع مسيح ۽ ٻيا چيلا
20 # يو 13‏:25 پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو چيلو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ چيلي رات جي رسوئي کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“ 21پطرس جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن يسوع کان پڇيائين تہ ”اي پرڀو! هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟“ 22يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيوت رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“ 23ان کان پوءِ سڀني وشواسين ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو چيلو ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ يسوع انهيءَ چيلي بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيوت رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“
24هي #21‏:24 اهو ئي چيلو گھڻو ڪري ليکڪ پاڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ڏسو يوحنا 19‏:35.اهو ئي چيلو آهي جيڪو انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي ۽ اهي ڳالهيون لکيون بہ اٿس ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ سندس شاهدي سچي آهي.
پڄاڻي
25ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون آهن جيڪي يسوع ڪيون هيون. اهي جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن ها تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ شاستر لکجي وڃن ها جو جيڪر سڄي سنسار ۾ نہ سمائجي سگھن ها.

Trenutno odabrano:

يوحنا 21: HSB

Istaknuto

Podijeli

Kopiraj

None

Želiš li svoje istaknute stihove spremiti na sve svoje uređaje? Prijavi se ili registriraj

Videozapisi za يوحنا 21