YouVersion logo
Ikona pretraživanja

يوحنا 20

20
يسوع مسيح جو وري جيوت ٿي اٿڻ
(متي 28‏:1‏-8، مرقس 16‏:1‏-8، لوقا 24‏:1‏-12)
1آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي. 2سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي چيلي وٽ آئي، جنهن سان يسوع جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي پرڀوءَ کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ سڌ نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ 3تنهن تي پطرس ۽ اهو ٻيو چيلو قبر ڏانهن روانا ٿيا. 4اهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اهو ٻيو چيلو پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پهريائين قبر تي پهتو. 5هو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو، پر ليئو پائي قبر ۾ نهاري ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. 6هن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پهتو ۽ هو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين. 7ان کان علاوہ هن اهو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو يسوع جي مٿي تي ويڙهيل هو. پر اهو ٻئي هنڌ جدا ويڙهيو پيو هو. 8تنهن کان پوءِ اهو ٻيو چيلو، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پهتو هو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. هن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ يقين ڪيائين، 9جيتوڻيڪ اڃا تائين چيلا پوِتر شاستر جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيوت ٿي اٿندو. 10پوءِ اهي ٻئي چيلا موٽي پنهنجي گھر هليا ويا.
مريم مگدلينيءَ کي درشن ڏيڻ
(متي 28‏:9‏-10، مرقس 16‏:9‏-11)
11پر مريم قبر جي ٻاهران بيٺي روئندي رهي. روئندي روئندي هن نِوڙي قبر ۾ نهاريو 12۽ ڏٺائين تہ ٻہ دوت اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي يسوع جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو. 13انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي پرڀوءَ کي کڻي هليا ويا آهن ۽ سڌ ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“
14هن ائين چئي اڃا پٺيان نهاريو تہ يسوع کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ هو ڪو يسوع آهي. 15يسوع چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“ 16يسوع چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا گرو!“ 17يسوع کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پتا وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پتا ۽ اوهان جي پتا ڏانهن، يعني پنهنجي ايشور ۽ اوهان جي ايشور ڏانهن.“ 18پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي چيلن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ ”مون پرڀوءَ کي ڏٺو آهي.“ هن کين اهي ڳالهيون بہ ٻڌايون جيڪي پرڀو يسوع ساڻس ڪيون هيون.
چيلن کي درشن ڏيڻ
(متي 28‏:16‏-20، مرقس 16‏:14‏-18، لوقا 24‏:36‏-49)
19انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن چيلا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“ 20ائين چوڻ کان پوءِ هن چيلن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي يسوع کي سڃاڻيندي ئي چيلا خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا. 21تڏهن يسوع وري چين تہ ”اوهان تي شانتي هجي. جيئن پتا مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“ 22پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هيءَ پوِتر آتما. 23#مت 16‏:19، 18‏:18 جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا پاپ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن اوهين انهن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“
توما جو شڪ دور ڪرڻ
24توما انهن ٻارهن چيلن مان هڪڙو هو جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، سو يسوع جي اچڻ مهل چيلن سان گڏ نہ هو. 25اهو جڏهن آيو تہ ٻين چيلن ٻڌايس تہ ”اسان پرڀوءَ کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“
26هفتي کان پوءِ چيلا وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“ 27پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌وشواس نہ ٿيءُ پر وشواس رک.“ 28تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“ 29يسوع چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري وشواس رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي وشواس ٿا رکن.“
هن شاستر جو مقصد
30چيلن جي روبرو يسوع ٻيا بہ ڪيترائي چمتڪار ڪيا، جيڪي هن شاستر ۾ لکيا نہ ويا آهن. 31پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي.

Trenutno odabrano:

يوحنا 20: HSB

Istaknuto

Podijeli

Kopiraj

None

Želiš li svoje istaknute stihove spremiti na sve svoje uređaje? Prijavi se ili registriraj

Videozapis za يوحنا 20