لوقا 5
5
پھريان شاگرد سڏڻ
(متي ۱۸:۴–۲۲، مرقس ۱۶:۱–۲۰)
1 # مت ۱:۱۳–۲، مر ۹:۳–۱۰، ۱:۴ ھڪڙي دفعي جڏھن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي بيٺو ھو تہ ماڻھن جا ميڙ مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا، انھيءَ لاءِ تہ خدا جو ڪلام ٻڌن. 2تڏھن ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ھن ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون. مھاڻن ٻيڙين مان لھي پنھنجا ڄار پئي ڌوتا. 3عيسيٰ انھن مان ھڪڙيءَ ۾ چڙھي پيو، جيڪا شمعون جي ھئي. ھن شمعون کي ڪنڌيءَ کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي ھن ميڙ کي تعليم ڏني.
4جڏھن عيسيٰ ڳالھائي بس ڪئي تڏھن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونھي پاڻيءَ ۾ ڪاھي ھل ۽ اتي اوھين شڪار لاءِ پنھنجا ڄار وجھو.“ 5#يو ۳:۲۱ تنھن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آھي پر ڪجھہ بہ ھٿ نہ آيو آھي، تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن اوھين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“ 6#يو ۶:۲۱ انھن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن. 7تنھن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي ھئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. ھو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون. 8جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِجو آءٌ گنھگار آھيان.“ 9شمعون سان گڏوگڏ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. 10انھن سان گڏ شمعون جي ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا بہ عجب ۾ پئجي ويا. تنھن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون ماڻھن کي ڦاسائيندين.“ 11اھي ٻيڙين کي ڌڪي ڪنڌيءَ تي ڪاھي ويا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھليا.
ڪوڙھہ جھڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ
(متي ۱:۸–۴، مرقس ۴۰:۱–۴۵)
12ھڪ دفعي عيسيٰ ڪنھن شھر ۾ ويو جتي ھڪ ماڻھو ڪوڙھہ جھڙي مرض سان ورتل ھو. ھن جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منھن ڀر ڪري نيزاري ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“ 13عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ ان کي لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم سندس ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو. 14#لاو ۱:۱۴–۳۲ پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“ 15عيسيٰ بابت اھي ڳالھيون ھنڌين ماڳين ھُلي ويون ۽ ماڻھن جا وڏا ميڙ اچي مڙيا تہ ھن جي تعليم ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين. 16پر ھو پرڀرو ٻاھر اڪيلائيءَ ۾ ويندو ھو ۽ اتي وڃي دعا گھرندو ھو.
اڌرنگي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ
(متي ۱:۹–۸، مرقس ۱:۲–۱۲)
17ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ تعليم ڏيئي رھيو ھو تہ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا ھئا، جيڪي گليل ۽ يھوديہ جي ھر ڳوٺ ۽ يروشلم کان آيا ھئا. بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان ساڻ ھئي. 18ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگي ماڻھوءَ کي کٽولي تي کنيو پئي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ ھن کي اندر کڻي عيسيٰ جي اڳيان رکن. 19پر ميڙ جي ڪري انھن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنھنڪري ھو ڪوٺي تي چڙھي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس ھيٺ ماڻھن جي وچ ۾ عيسيٰ جي اڳيان ڪري لاٿائون. 20جڏھن عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏٺو تہ بيمار کي چيائين تہ ”ادا، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“ 21تنھن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ڪفر ٿو بڪي؟ ڇالاءِجو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“ 22عيسيٰ انھن جا ارادا سمجھي ويو ۽ کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟ 23ڇا ھي سولو آھي تہ ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ تو کي بخش ٿيا،‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر؟‘ 24پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابنآدم کي دنيا ۾ گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“ 25تنھن تي ھڪدم ھو انھن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنھن کٽولي تي پيل ھو سو کنيائين ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي گھر ڏانھن راھي ٿيو. 26ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“
لاويءَ کي سڏڻ
(متي ۹:۹–۱۳، مرقس ۱۳:۲–۱۷)
27ھن کان پوءِ عيسيٰ ٻاھر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ ھڪڙو #لاويءَ: لاويءَ جو ٻيو نالو متي ھو.لاويءَ نالي محصول اڳاڙيندڙ پنھنجي اڏي تي ويٺو آھي. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ 28لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.
29پوءِ لاويءَ پنھنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ وڏو تعداد محصول اڳاڙيندڙن جو ھو ۽ ٻيا بہ ماڻھو انھن سان گڏ ويٺا ھئا. 30#لو ۱:۱۵–۲ ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“ 31تنھن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ بلڪ بيمارن کي طبيب جي گھرج ھوندي آھي. 32آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنھگارن کي توبھہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“
روزن بابت سوال
(متي ۱۴:۹–۱۷، مرقس ۱۸:۲–۲۲)
33ڪن ماڻھن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آھن ۽ دعائون گھرندا آھن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آھن. پر تنھنجا شاگرد تہ کائين پيئن ٿا.“ 34عيسيٰ وراڻين تہ ”جيسين گھوٽ ڄاڃين سان آھي، تيسين اوھين انھن کي ڪو روزا رکائي سگھو ٿا ڇا؟ 35پر ڪو وقت ايندو جڏھن کانئن گھوٽ جدا ڪيو ويندو تہ انھن ڏينھن ۾ ھو بہ روزا رکندا.“
36عيسيٰ انھن کي ھي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻھو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو ھڻي. جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ھو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اھو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو. 37ڪوبہ ماڻھو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇوتہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي، پوءِ تہ مئي بہ ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. 38پر تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي. 39پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇالاءِجو ھو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آھي.‘“
Currently Selected:
لوقا 5: SCLNT
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society