YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 4

4
عيسيٰ جي آزمائش
(متي ۱‏:۴‎–۱۱، مرقس ۱۲‏:۱‎–۱۳)
1عيسيٰ اردن مان پاڪ روح سان ڀرجي موٽيو ۽ پاڪ روح جي ھدايت سان چاليھہ ڏينھن بيابان ۾ گھميو پئي، 2جتي شيطان ھن کي آزمايو. انھن ڏينھن ۾ ھن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏھن اھي ڏينھن گذري ويا تہ پوءِ ھن کي بک لڳي.
3تنھن تي شيطان چيس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھن پھڻ کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي.“ 4#شر ۳‏:۸ عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي.‘“
5پوءِ شيطان کيس ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ ھڪ پل ۾ دنيا جون مڙيئي بادشاھتون ڏيکاريائينس. 6شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انھن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس ڇوتہ اھو مون تي ڇڏيل آھي تہ جنھن کي چاھيان تنھن کي ڏيان. 7سو جيڪڏھن تون مون کي سجدو ڪندين تہ اھو سڀ ڪجھہ تنھنجو ٿيندو.“ 8#شر ۱۳‏:۶ تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’تون رڳو خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
9تنھن کان پوءِ شيطان کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ڪيراءِ، 10#زب ۱۱‏:۹۱ ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنھنجي سنڀال ڪندا. 11#زب ۱۲‏:۹۱ اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا تہ جيئن تنھنجو پير پٿر تي نہ لڳي.‘“ 12#شر ۱۶‏:۶ عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”ھي لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“ 13پوءِ جڏھن شيطان عيسيٰ کي ھر طرح سان آزمائي چڪو تہ ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس ھليو ويو.
عيسيٰ جو گليل ۾ ڪم شروع ڪرڻ
(متي ۱۲‏:۴‎–۱۷، مرقس ۱۴‏:۱‎–۱۵)
14پوءِ عيسيٰ جنھن سان پاڪ روح جي طاقت گڏ ھئي، سو گليل علائقي ڏانھن موٽيو. سندس ھاڪ سڄي علائقي ۾ ھُلي ويئي. 15ھن عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.
ناصرت ۾ عيسيٰ جي مخالفت
(متي ۵۳‏:۱۳‎–۵۸، مرقس ۱‏:۶‎–۶)
16پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو. 17کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ ھن اھو ھنڌ کوليو جتي لکيل ھو تہ
18 # يس ۱‏:۶۱‎–۲ ”خداوند جو روح مون سان آھي،
ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ
مون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس.
ھن مون کي موڪليو آھي تہ
قيدين جي رھائيءَ
۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان.
۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،
19۽ اعلان ڪريان تہ
خداوند جي مھربانين جو سال آيو آھي.“
20پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويھي رھيو. عبادت⁠خاني ۾ سڀيئي ھن کي چتائي ڏسن پيا. 21تڏھن ھنن کي ٻڌايائين تہ ”اڄ اوھان جي ٻڌندي ئي ھيءَ لکت پوري ٿي آھي.“ 22سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ عجب کائين پيا تہ ھن جي واتان ڪھڙا نہ مھر ڀريا لفظ نڪتا پئي ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي يوسف جو پٽ نہ آھي؟“ 23عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“ 24#يو ۴۴‏:۴ تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”سچ پڇو تہ ڪنھن بہ نبيءَ جو پنھنجي وطن ۾ قدر نہ ٿو ٿئي. 25#۱.با ۱‏:۱۷ آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن الياس نبيءَ جي ڏينھن ۾ ساڍا ٽي سال آسمان مان بوند نہ پيئي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، تڏھن جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ بہ ڪيتريون ئي رنون⁠زالون ھيون، 26#۱.با ۸‏:۱۷‎–۱۶ پر الياس نبيءَ کي پنھنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انھن مان ڪنھن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارفت شھر ۾ رھندڙ ھڪ رن⁠زال وٽ ئي موڪليو ويو. 27#۲.با ۱‏:۵‎–۱۴ اليشع نبيءَ جي ڏينھن ۾ اسرائيل ۾ ڪيترائي ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا ھئا پر انھن مان ڪنھن کي بہ شفا ڪانہ ملي، بلڪ رڳو نعمان شاميءَ کي ملي.“ 28اھي ڳالھيون ٻڌندي ئي جيڪي⁠بہ عبادت⁠خاني ۾ ھئا، سي سڀيئي ڏاڍا ڪاوڙيا، 29۽ اٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي گھلي شھر کان ٻاھر ڪڍيائون. جنھن ٽڪريءَ تي سندن شھر ٻڌل ھو، تنھن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ مٿان اڇلائينس. 30پر ھو انھن جي وچ مان ئي نڪري پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو.
ڀوت ورتل ماڻھو
(مرقس ۲۱‏:۱‎–۲۸)
31ان کان پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينھن تي ماڻھن کي تعليم پئي ڏنائين. 32#مت ۲۸‏:۷‎–۲۹ اھي سڀيئي ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن جو ڪلام ائين ھو جيئن ڪو اختيار وارو ڳالھائي. 33عبادت⁠خاني ۾ ھڪڙو ماڻھو ھو جنھن تي ڪنھن ڀوت جو پاڇو ھو، تنھن وڏي رڙ ڪري چيو تہ 34”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون ئي خدا جي ھڪ پاڪ ھستي آھين.“ 35تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو. 36تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِ⁠جو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“ 37اوسي⁠پاسي واري علائقي ۾ جتي ڪٿي عيسيٰ جي ھاڪ پئجي ويئي.
گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ
(متي ۱۴‏:۸‎–۱۷، مرقس ۲۹‏:۱‎–۳۴)
38عيسيٰ عبادت⁠خاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار ھو، سو ھنن اُن جي لاءِ چيس. 39ھو ان وٽ ويو ۽ مٿانئس بيھندي بخار کي حڪم ڪيائين تہ بخار کيس ڇڏي ويو. ھوءَ ھڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ ھنن جي خدمت ڪرڻ لڳي.
40سج لھڻ مھل ماڻھو انھن سڀني کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين جا مريض ھئا. عيسيٰ انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھٿ لاتو تہ اھي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا. 41ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.
عبادت⁠خاني ۾ تبليغ ڪرڻ
(مرقس ۳۵‏:۱‎–۳۹)
42جڏھن ڏينھن ٿيو تہ ھو نڪري ھڪڙي ويران ھنڌ تي آيو. ماڻھن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ جھلڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“ 43پر ھن انھن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ٻين شھرن ۾ بہ ڪرڻي آھي. ڇالاءِ⁠جو آءٌ انھيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آھيان.“ 44ھو سڄي ملڪ جي عبادت⁠خانن ۾ تبليغ ڪندو رھيو.

Currently Selected:

لوقا 4: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in