YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 6

6
سبت جي ڏينھن بابت سوال
(متي ۱‏:۱۲‎–۸، مرقس ۲۳‏:۲‎–۲۸)
1 # شر ۲۵‏:۲۳ عيسيٰ سبت جي ڏينھن پنھنجن شاگردن سان گڏ اَنَ وارين ٻنين مان پئي لنگھيو. سندس شاگرد سنگ پٽي ھٿن سان مھٽي ان کائڻ لڳا. 2ڪن فريسين کين چيو تہ ”اھو ڪم جيڪو سبت جي ڏينھن جائز نہ آھي سو اوھين ڇو ٿا ڪريو؟“ 3#۱.سم ۱‏:۲۱‎–۶ عيسيٰ کين جواب ۾ چيو تہ ”اوھان اھو نہ پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟ 4#لاو ۹‏:۲۴ ھو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذر جون مانيون، جيڪي ڪاھنن کان سواءِ ٻين کي کائڻ جائز نہ آھن سي کڻي کائڻ لڳو ۽ ساٿين کي بہ ڏنائين.“ 5عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“
سڪل ھٿ وارو ماڻھو
(متي ۹‏:۱۲‎–۱۴، مرقس ۱‏:۳‎–۶)
6ھڪڙي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي ھڪ ماڻھو ھو جنھن جو ساڄو ھٿ سڪل ھو. 7ڪي شريعت جا عالم ۽ فريسي انھيءَ موقعي جي تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ تي تھمت ھڻجي. انھيءَ لاءِ ھو اھو جانچي رھيا ھئا تہ آيا سبت جي ڏينھن ھو ڪنھن ماڻھوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ. 8عيسيٰ کي انھن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. ھن سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”اُٿي وچ ۾ ٿي بيھہ.“ ھو اٿي اتي اچي بيٺو. 9پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کان پڇان ٿو تہ سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنھن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“ 10ھُن چوڌاري نھاري ان ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ائين ئي ڪيو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو. 11ھو ڪاوڙ ۾ تپي باھہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
ٻارھن رسول چونڊڻ
(متي ۱‏:۱۰‎–۴، مرقس ۱۳‏:۳‎–۱۹)
12انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو. ھن ساري رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاري. 13جڏھن ڏينھن ٿيو تہ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انھن مان ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين: 14شمعون جنھن جو نالو پطرس رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برٿلمئي، 15متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنھن کي ”قوم⁠پرست“ ڪري چوندا ھئا، 16يعقوب جو پٽ يھوداہ ۽ يھوداہ اسڪريوتي، جنھن بعد ۾ دغا ڪري پڪڙايس.
تعليم ڏيڻ ۽ شفا بخشڻ
(متي ۲۳‏:۴‎–۲۵)
17عيسيٰ ھنن سان گڏ جبل تان ھيٺ لھي ھڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ سڄي يھوديہ، يروشلم، صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري کان گھڻا ماڻھو اچي مڙيا. 18ھو انھيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالھيون ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين. جيڪي ڀوتن جا ستايل ھئا سي بہ آيا ۽ شفا پاتائون. 19سڀني ماڻھن اھا ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس ھٿ لايون، ڇالاءِ⁠جو منجھانئس قدرت پئي نڪتي ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.
مبارڪون ۽ مصيبتون
(متي ۱‏:۵‎–۱۲)
20عيسيٰ پنھنجي شاگردن ڏانھن نھاري چيو تہ
”سڀاڳا آھيو اوھين، جي غريب آھيو،
ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اوھان جي آھي.
21سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي بکايل آھيو،
ڇالاءِ⁠جو اوھين ڍاول ٿيندا.
سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي روئو ٿا،
ڇالاءِ⁠جو اوھين کلندا.
22 # ۱.پط ۱۴‏:۴ سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو. 23#۲.توا ۱۶‏:۳۶، رس ۵۲‏:۷ انھيءَ ڏينھن توھين سرھا ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو بھشت ۾ توھان لاءِ وڏو اجر آھي. انھن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اھڙا ئي پير کنيا ھئا.
24پر مصيبت آھي توھان لاءِ،
جيڪي ھن وقت دولتمند آھيو،
ڇالاءِ⁠جو اوھين آرام وٺي چڪا.
25مصيبت آھي توھان لاءِ،
جيڪي ھن وقت ڍاول آھيو،
ڇالاءِ⁠جو اوھين بکون ڪڍندا.
مصيبت آھي توھان لاءِ،
جيڪي ھن وقت کلو ٿا،
ڇالاءِ⁠جو اوھين ماتم ڪندا ۽ روئندا.
26مصيبت آھي توھان لاءِ، جڏھن سڀ ماڻھو توھان کي ساراھين ٿا، ڇالاءِ⁠جو انھن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا ھئا.“
دشمنن سان پيار
(متي ۳۸‏:۵‎–۴۸، ۱۲‏:۷)
27”پر اي منھنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ توھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوھان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. 28جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بي⁠عزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو. 29جيڪو توھان جي ھڪ ڳل تي چماٽ ھڻي تنھن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو توھان جو ڪوٽ کڻي وڃي تنھن کي پھراڻ بہ کڻي وڃڻ ڏيو. 30جيڪو توھان کان ڪجھہ گھري تنھن کي ڏيو. جيڪو توھان جو مال کڻي وڃي تنھن کان موٽائي نہ گھرو. 31#مت ۱۲‏:۷ جھڙو سلوڪ اوھين ماڻھن کان چاھيو ٿا تھڙو ئي سلوڪ اوھين ٻين سان ڪريو.
32جيڪي توھان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن اوھان پيار ڪيو تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ گنھگار بہ تہ پنھنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا. 33جيڪي توھان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن توھان ڀلائي ڪئي تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ ڇالاءِ⁠جو گنھگار بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. 34جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آھي تن کي جيڪڏھن توھان اڌارو ڏنو تہ ڪھڙي مھرباني ٿي؟ گنھگار بہ تہ گنھگارن کي اڌارو ڏيئي وري انھن کان موٽائي وٺندا آھن. 35پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي. 36مھربان ٿيو، جيئن توھان جو پيءُ مھربان آھي.“
ڏوھي ٺھرائڻ
(متي ۱‏:۷‎–۵)
37”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ٻين کي نہ ننديو تہ اوھان کي بہ نہ ننديو وڃي. ٻين کي معاف ڪريو تہ اوھان کي بہ معاف ڪيو وڃي. 38ٻين کي ڏيندا رھو تہ توھان کي بہ ملندو ۽ توھان کي واپسيءَ ۾ چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وھندڙ ڪري جھول ۾ ملندو، ڇوتہ جنھن ماپي سان توھين ڏيندا آھيو، تنھن ماپي سان ئي توھان کي ماپجي ملندو.“
39 # مت ۱۴‏:۱۵ عيسيٰ کين ھڪ مثال ڏيئي ٻڌايو تہ ”ڇا ڪو انڌو، ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا. 40#مت ۲۴‏:۱۰‎–۲۵، يو ۱۶‏:۱۳، ۲۰‏:۱۵ ڪوبہ شاگرد استاد کان مٿي نہ آھي، پر ھر ڪو شاگرد جڏھن سکيا پوري ڪندو، تڏھن استاد جھڙو ٿي پوندو. 41ڇو ٿو ڪنھن جي اک جو ڪک ڏسين ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيو اٿيئي، ان جو تو کي ڪوبہ خيال نہ آھي؟ 42تون ڪيئن ان کي چوندين تہ ’مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ پنھنجي اک ۾ شھتير پيل اٿيئي، سو بہ نہ ٿو ڏسي سگھين؟ اي رياڪار! پھريائين تون پنھنجيءَ اک مان شھتير ڪڍ، تڏھن تون ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ۽ ڪڍي سگھندين.“
جھڙو وڻ تھڙو ميوو
(متي ۱۶‏:۷‎–۲۰، ۳۳‏:۱۲‎–۳۵)
43”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو. 44#مت ۳۳‏:۱۲ سڀڪنھن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي، ڇوتہ ماڻھو ڪنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن. 45#مت ۳۴‏:۱۲ نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪو چڱو آھي سو ئي ڪڍي ٿو ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آھي سو ئي ڪڍي ٿو. ڇاڪاڻ⁠تہ ’دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.‘“
ٻن گھرن جي اڏاوت
(متي ۲۴‏:۷‎–۲۷)
46”اوھين مون کي ’خداوند، خداوند‘ تہ چئو ٿا، پر جيڪي ڳالھيون اوھان کي چوان ٿو سي نہ ٿا ڪريو. 47جيڪوبہ مون وٽ اچي ٿو ۽ منھنجو ڪلام ٻڌي ان تي عمل ٿو ڪري، تہ آءٌ اوھان کي ڏيکاريندس تہ اھو ڪنھن جي مثل آھي. 48اھو انھيءَ ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن گھر اڏائڻ وقت اونھو کوٽيو ۽ ٽڪر تي پيڙھہ وڌائين. پوءِ جڏھن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انھيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏو ئي نہ آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ گھر مضبوط اڏيل ھو. 49پر جيڪو منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ ان تي عمل نہ ٿو ڪري، اھو انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي جنھن زمين تي پيڙھہ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏھن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ ڦَھہ ڪري ڪري پيو ۽ تباھہ ٿي ويو.“

Currently Selected:

لوقا 6: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in