YouVersion Logo
Search Icon

زڪرياہ 9

9
آس‌پاس جي ملڪن لاءِ سزا
1 # يس 17‏:1‏-3، ير 49‏:23‏-27، عا 1‏:3‏-5 #يس 23‏:1‏-18، حز 26‏:1‏–28‏:26، يوا 3‏:4‏-8، عا 1‏:9‏-10، مت 11‏:21‏-22، لو 10‏:13‏-14 هي خداوند جو پيغام آهي.
خداوند، جيڪو نہ رڳو بني اسرائيل کي،
بلڪ پوري بني آدم کي نظر ۾ رکي ٿو،
سو حدراڪ ملڪ توڙي دمشق شهر کي سزا ٻڌائي ٿو.
2هو حمات علائقي کي بہ نظر ۾ رکي ٿو،
جنهن جي سرحد حدراڪ سان ملي ٿي.
صور ۽ صيدا شهر بہ سندس نظر کان بچيل نہ آهن،
توڙي جو سندن رهاڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا هنرمند آهن.
3صور وارن پنهنجي حفاظت لاءِ مضبوط قلعو ٺاهيو آهي،
۽ رستن جي ڌوڙ وانگر سون ۽ چانديءَ جا ڍير لڳايا اٿائون.
4پر رب العالمين هنن جو سڄو مال ملڪيت اڏائي ڇڏيندو.
هائو، هو سندن طاقت سمنڊ ۾ اڇلائي وجھندو،
۽ سندن شهر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو.
5 # يس 14‏:29‏-31، ير 47‏:1‏-7، حز 25‏:15‏-17، يوا 3‏:4‏-8، عا 1‏:6‏-8، صف 2‏:4‏-7 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي فلستيؤ!
اوهان جي شهر اسقلون جا رهاڪو اهو سڀ ڏسي ڊڄي ويندا،
غزہ توڙي عقرون شهر وارن کي اهو ڏسي دهشت وٺي ويندي،
اهڙيءَ طرح سندن اميد خاڪ ۾ ملي ويندي.
غزہ شهر جي بادشاهيءَ جو خاتمو ٿيندو،
جڏهن تہ اسقلون شهر ويران ٿي ويندو،
6۽ اشدود شهر تي حرامي اولاد قبضو ڪري وٺندو.
ياد رکو، آءٌ اوهان فلستين جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.
7آءٌ اوهان کي اهڙي سيکت ڏيندس،
جو اڳتي اوهين ڪو حرام کاڌو نہ کائيندا،
هائو، نہ رت لڳل گوشت ۽ نہ وري ڪو منع ڪيل کاڌو.
منهنجي ڏنل سيکت کان پوءِ جيڪي بچي ويندا،
سي مون خداوند جا هوندا،
۽ انهن کي بہ يهوداہ وارن جهڙا حق حاصل هوندا.
هائو، عقرون شهر وارا بہ #9‏:7 يبوسين هي يروشلم جا اصلي رهاڪو هئا، جيڪي دائود جي يروشلم تي قبضي بعد اتي ئي رهي دائود جي قوم ۾ شامل ٿي ويا (ڏسو 2.سموئيل 5‏:6‏-7).يبوسين وانگر
منهنجي قوم جا سمجھيا ويندا.
8آءٌ پنهنجي ملڪ تي نظرداري ڪري رهيو آهيان،
سو اڳتي ڪوبہ ڦورو ٽولو ان کي نقصان پهچائي نہ سگھندو،
نڪي وري ڪو ظالم منهنجي قوم کي لتاڙي سگھندو.“
بني اسرائيل جو سچار بادشاهہ
9 # مت 21‏:5، يو 12‏:15 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو،
هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو.
ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو،
جيڪو سچار ۽ فاتح آهي.
انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي،
جو گڏهہ تي سوار آهي،
هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.
10 # زب 72‏:8 آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس.
هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس،
۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس.
اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو.
اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين،
هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.
11 # خر 24‏:8 اوهان ۽ منهنجي وچ ۾ رت سان قائم عهد اقرار سبب،
آءٌ اوهان جي جلاوطن ٿيلن کي
ڄڻ انڌي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي آڻيندس.“
خدا جي قوم جي بحالي
12سو خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي جلاوطنؤ! اوهين، جيڪي مون تي آسرو ڪيو ويٺا آهيو،
هاڻي پنهنجي قلعي واري شهر يروشلم ۾ موٽي اچو.
هاڻي ئي ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ اوهان کي ٻيڻو اجورو عطا ڪندس.
13انهيءَ لاءِ آءٌ اوهان يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي
پنهنجي تيرڪمان جيان جنگ ۾ استعمال ڪندس.
هائو، اي صيئون وارؤ!
آءٌ اوهان جي جنگي جوڌن کي اٿاري کڙو ڪندس،
۽ يونان جي لشڪر خلاف پنهنجي تلوار جيان استعمال ڪندس.
14آءٌ خداوند جڏهن جنگ جي نفيل وڄائيندس،
تڏهن ڏکڻ جي طوفان جيان اچي ڪڙڪندس،
۽ پنهنجا تير کِنوڻ جي صورت ۾ دشمنن تي ڪيرائيندس.
اهڙيءَ طرح آءٌ خداوند پنهنجي قوم تي پاڻ کي ظاهر ڪندس.
15آءٌ قادر‌مطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس.
پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا.
هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا.
جيئن قربان‌گاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان
ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي،
تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.
16انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند خدا
پنهنجي قوم کي ائين بچائي وٺندس،
جيئن ڪو ريڍار پنهنجي ڌڻ کي خطري مان بچائي ٿو وٺي.
اهي منهنجي ملڪ ۾ ائين چمڪندا،
جيئن هيرا جواهر تاج ۾ چمڪندا آهن.
17هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون
جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا.
هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“

Currently Selected:

زڪرياہ 9: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in